ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڻي کوٽ جو ذميوار ارسا

Editorial

زرعي ملڪ هوندي به پاڪستان خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، خوراڪ جي کوٽ جو هڪ اهم سبب پاڻيءَ جي غيرمنصفاڻي ورڇ آهي. جڏهن سنڌ کي کپت لاءِ گهربل پاڻي ناهي ملندو ته نه فصل وقت سر پوکي سگهجن ٿا ۽ نه ئي مارڪيٽ تائين سگهجن ٿا. اهي آبادگار جيڪي پوڇڙي وارن علائقن جا آبادگار آهن، انهن کي پاڻيءَ جي کوٽ سبب وڌيڪ ڀوڳڻو پوندو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جي شاخن ۾ پاڻي يا ته پهچندو ناهي جيڪڏهن پهچندو آهي ته اهو ايترو ڪونه هوندو آهي جو اهي پنهنجي فصلن کي مناسب مقدار ۾ پاڻي ڏئي سگهن. سنڌ ڪيترن ئي مهينن کان پاڻيءَ لاءِ دانهين رهي آهي، ان کان سواءِ آبادگارن ۽ عام شهرين جو پاڻيءَ لاءِ احتجاج جو سلسلو پڻ جاري آهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ ڪهڙي ريت پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ڪري سنڌ کي سوڪهڙي جو شڪار ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت وقت بوقت پاڻيءَ جي کوٽ بابت پنهنجو موقف ڏيندي رهندي آهي.
سنڌ حڪومت پاڻيءَ جي شديد کوٽ سبب خريف دوران فصل گھٽ ٿيڻ ۽ مستقبل ۾ خوراڪ جي کوٽ جو خدشو ظاھر ڪري ڇڏيو. وزيراعلى سنڌ جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته ارسا سنڌ کي حصي جو پاڻي فراھم نه ڪيو ته صوبي ۾ فصل گھٽ ٿيڻ جي صورت ۾ خوراڪ جي کوٽ ٿي سگھي ٿي، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 53 سيڪڙو ۽ ڪوٽڙي ۾ 75 سيڪڙو تائين پھچي چڪي آھي. منظور وساڻ ارسا کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته سنڌ کي حصي جو زرعي پاڻي مليو، ڪڏھن آھي جو ارسا احتياط سان استعمال ڪرڻ جا مشورو ڏئي رھيو آھي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ واري پئي اڏامي. ارسا ۽ پنجاب سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ ۾ ملوث آھن، سنڌ جي آبادگارن جا فصل سڙي رھيا آھن. بدين، سجاول ۽ ٺٽي جي ماڻھن وٽ پيئڻ جو پاڻي ناھي. صوبائي صلاحڪار جو چوڻ ھو ته خريف سيزن شروع ٿي چڪي آھي، پر پاڻي نه ملڻ سبب اڃا تائين سنڌ ۾ چانورن جو فصل ناھي پوکجي سگھيو، اڳ ئي پاڻي نه ھجڻ سبب لوئر ۽ اپر سنڌ ۾ ڪپھه جو فصل وڏي انگ ۾ متاثر ٿيو آھي، ڪپھه جو فصل گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 22 سيڪڙو گھٽ ٿيڻ جو خدشو آھي. ڪيترن ئي ضلعن ۾ ڪپھه ۽ ڪمند جو فصل به ناھي پوکجي سگھيو، عمران حڪومت ۾ پنجاب ارسا جي مدد سان سنڌ جي حصي جو وڏي مقدار ۾ پاڻي چوري ڪيو، ارسا پاران چشما – جھلم ۽ تونسا لنڪ ڪئنالن تي پاڻي جا وھڪرا نه روڪيا ته تربيلا ڊيم ڪجھه ڏينھن ۾ خالي ٿي ويندو.
ارسا هڪ اهڙو ادارو آهي، جيڪو پاڻيءَ جي مناسب ورڇ لاءِ جوڙيو ويو هو، پر اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن به ارسا سنڌ سان پاڻيءَ جي معاملي تي منصفاڻي ورڇ ناهي ڪري سگهيو، جنهن جي ڪري نه رڳو سنڌ کي پاڻي کوٽ ڀوڳڻي پوي پئي پر ان سان گڏ پنجاب سنڌ جي حصي مان لاڳيتو پاڻي کڻندو رهي ٿو. پنجاب هن وقت به چشما- جهلم لنڪ ڪئنال وسيلي پاڻي کڻي رهيو آهي. ملڪ ۾ پاڻيءَ جي هن وقت سخت کوٽ لڳي پئي آهي، ان دوران به پنجاب پاڻي کڻت کان مڙي نٿو، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ارسا ڪنهن به ريت پاڻي ورڇ کي منصفاڻي نموني ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. جنهن جي ڪري سنڌ جي شاخن ۾ واري اڏامي رهي آهي ۽ اهو سلسلو جيڪڏهن اڃا به گهڻا ڏينهن جاري رهيو ته سنڌ جي عوام کي پيئڻ لاءِ پاڻيءَ جي لپ به ڪانه ملي سگهندي. هاڻوڪن ڏينهن ۾ جڏهن پاڻي ايترو دستياب ناهي ته ان کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان کوٽ کي سڀئي صوبا ڀوڳين، اهو بار رڳو سنڌ جي حصي ۾ نه وڌو وڃي، ڇاڪاڻ ته ان سان سنڌ جي زرعي معيشت ته تباهه ٿي رهي آهي پر ان سان گڏ سنڌ ۾ ايندڙ وقت ۾ خوراڪ جي وڏي کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي، جڏهن فصل وقت سر نه ٿي سگهندا ته مارڪيٽ ۾ اهي ڪونه پهچندا ۽ عوام تائين ان جي رسائي ڪونه ٿي سگهندي، ان ڪري وفاقي حڪومت ۽ ارسا کي ان بابت سوچڻ گهرجي ته سنڌ جو پاڻي روڪي اهي پوري ملڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ پيدا ڪري رهيا آهن.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ سان پاڻيءَ جي حصي پتيءَ تي سدائين ناجائزي ٿيندي رهندي آهي، ان ناجائزيءَ کي روڪڻ لازمي آهي. اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن ارسا جهڙي اجائي اداري کي بند ڪيو وڃي. جتي سنڌ جي ڪنهن به نمائندي کي ٻڌو ڪونه ويندو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي واهن ۽ ڪئنالن ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي ته جيئن سنڌ جا آبادگار وقت سر پنهنجا فصل پوکي سگهن ۽ ايندڙ وقت ۾ خوراڪ جي کوٽ کان بچي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button