پو هڪ ڏينهن هو پنهنجي هڪ ڪهاڻيڪار دوست سان گڏ شهر کان ٻاهر هڪ ادبي ڪانفرنس ۾ ويو، جتي ڪنهن پرين پياري انهن کي ونٽيج جي بوتل ڏني. ان کان اڳ ان ڪهاڻيڪار رڳو هڪ ڀيرو ئي ڊرائي جن جو هڪڙو پيگ پيتو هو، هن جي دوست پيگ ٺاهي هن کي ڏنو ۽ پنهنجي لا به پيگ ٺاهي بيڊ تي سڌو ٿي ليٽيو ۽ مشهور لاطيني آمريڪي ناول نگار گارشيا مارڪيز جي ناول Love in the time of Cholera جو ترجمو پڙهڻ لڳو، جيڪو هنن ڪانفرنس پاران لڳل بُڪ اسٽال تان ورتو هو. هو صوفا تي ويهي ٽنگون بيڊ تي رکي ونٽيج جي پيگ مان مزو وٺڻ لڳو، هن هڪ ئي پيگ پيتو ۽ پيگ جي پوري ٿيڻ تي هن کي لڳو ڄڻ هو صوفي کان ڪجهه انچ مٿي هوا ۾ جهولا کائي رهيو آهي. هن اکيون بند ڪيون ته هن پاڻ کي ڪنهن طلسماتي قالين تي ويٺل ڄاتو، اهو طلسماتي قالين هن کي هن دنيا جي سرحدن کان ڏور کڻي وڃڻ لڳو، هو اڏامندو اڏامندو ڪنهن ٻئي دنيا ۾ وڃي پهتو، طلسماتي قالين زمين تي هيٺ اچڻ لڳو، اها زمين پٿريلي هئي. قالين هن کي سون جي هڪ وڏي در وٽ لاٿو، ان در تي نانگن، بلائن ۽ جانورن جا عڪس ٺهيل هئا. ان تي ٻه شنيهن ٺهيل هئا جن جي ناسن مان گول ڪڙا نڪتل هئا ۽ ان تي ٿلهن سونهري اکرن ۾ لکيل هو:
“Welcome to the Wonderland”
اهو نوجوان ڪهاڻيڪار وائڙن جيان ان شاندار در وٽ بيهي ان کي ڏسندو رهيو، جڏهن اهو در هن لا پاڻمرادو کلي پيو ته هن ڇرڪ ڀريو، جيئن ئي در کليو ته ان نوجوان ڪهاڻيڪار کي هڪ خوبصورت باغ نظر آيو جنهن جي وچ ۾ نيري پاڻيءَ جو ڏيک ڏيندڙ وهڪرو هو. اهو نوجوان جيئن ئي ان باغ ۾ آيو ته پٺيان در بند ٿي ويو، هن هڪ ڀيرو بند ٿيل در کي ڏٺو ۽ پو هوريان هوريان وکون کڻندو هو باغ ۾ هلڻ لڳو، هو ٿورو ئي اڳتي وڃي ٿو ته کيس هڪ وڏي ڄمار جو همراهه واڪنگ اسٽڪ جي سهاري هلندي نظر اچي ٿو، ان همراهه کي بادامي رنگ جو ٽو پيس سوٽ پهريل آهي، هن جون اکيون وڏي فريم واري نظر جي عينڪ سان ڍڪيل آهن، سندس مٿو وچان گنجو آهي ۽ پاسن کان ڇڊا وار اٿس. نوجوان ڪهاڻيڪار ويتر پريشانيءَ مان ان بزرگ ڏانهن وڌي ٿو، جڏهن ان جي ويجهو پهچي ٿو ته ڇرڪ ڀري ٿو ۽ هن کي وائڙن جيان ڏسندي کيس چئي ٿو:
“اوهين ته نوبل انعامي يافته ناول نگار حوزي ساراماگو آهيو!!”
اهو همراهه مرڪي هن کي ڏسي ٿو ۽ هاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏي ٿو، نوجوان ڪهاڻيڪار حوزي ساراماگو سان گڏ هلڻ لڳي ٿو ۽ هوريان چيس ٿو:
“مون اوهان جا ڪيترائي ناول پڙهيا آهن، انهن سڀني مان ناول “ڪين” ته ڇرڪائي ڇڏيو، اوهان جي ڪهاڻي ٻڌائڻ جو طريقو نرالو آهي، ان ناول ۾ اوهان ڇا ته ڪردارنگاري ۽ منظرنگاري ڪئي آهي.” ساراماگو نوجوان ڪهاڻيڪار جون ڳالهيون ٻڌي مرڪي هاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيندو رهي ٿو پر جواب ۾ ڪجهه به نٿو چئي. اهو نوجوان ويتر هن کي چئي ٿو:
“مان به چاهيان ٿو ته اوهان جيان ڪهاڻيون بيان ڪريان.”
اهو جملو ٻڌي ساراماگو بيهي رهي ٿو ۽ حيرت مان نوجوان کي ڏسي ٿو ۽ پو کري لهجي ۾ کيس رڳو هڪڙو جملو چئي ٿو:
“ٻڌ نوجوان ٻئي ڪنهن جي نقل ڪرڻ بدران پنهنجي حقيقي آواز کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪري تڏهن ئي هڪ ڪهاڻيڪار ٿي سگهندين.”
جڏهن ساراماگو جو اهو جملو نوجوان جي ڪنن تي پئي ٿو ته هو هوا ۾ پٺتي اڏامڻ لڳي ٿو، ونڊرلينڊ جو در پاڻمرادو کلي وڃي ٿو ۽ هو ان کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو. هو جڏهن اکيون کولي ٿو ته ان ساڳي ڪمري ۾ صوفا تي ويٺو آهي، سندس دوست بيڊ تي سڌو ليٽي مارڪيز جو ناول پڙهي رهيو آهي ۽ ونٽيج جو ٻيو پيگ پي رهيو آهي.
اهڙي نموني ٻئي ڏينهن به جڏهن اهو نوجوان ڪهاڻيڪار ونٽيج جو پهريون پيگ هڻي ٿو ته وري طلسماتي قالين تي هوائن ۾ اڏامندو ونڊرلينڊ تائين وڃي پهچي ٿو ۽ باغ ۾ هلندي ان ڏينهن هو نوبل انعام يافته ناول نگار اورحان پاموڪ سان ملي ٿو، هو پاموڪ سان سندس ناول ما نيم از ريڊ جي ساراهه ڪري ٿو ۽ ان کي به چئي وجهي ٿو ته هو پاموڪ جيان ڪهاڻيون لکڻ چاهي ٿو جنهن تي پاموڪ به حيراني مان ساڳيو ئي جملو چئس ٿو:
“ٻڌ نوجوان ٻئي ڪنهن جي نقل ڪرڻ بدران پنهنجي حقيقي آواز کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪر تڏهن ئي هڪ ڪهاڻيڪار ٿي سگهندين.” هو وري هوا ۾ پٺتي اڏامي ونڊرلينڊ مان ٻاهر نڪري وڃي ٿو. ائين ٽين ڏينهن هن ونٽيج جو پيگ پورو ڪيو ته طلسماتي قالين تي اڏامندو وري ونڊر لينڊ پهتو ۽ ان ڏينهن هن جي سامهون ديوقامت ليکڪ نوبل انعامي يافته ناول نگار مارڪيز بيٺل هو، هن مارڪيز سان به ساڳيا ئي احوال ڪيا ۽ هن کي به وري ساڳيو ئي جملو ته هن جيان ڪهاڻيون بيان ڪرڻ گهري ٿو، چيائين. جنهن تي مارڪيز به کيس اڳين ٻن ناول نگارن وارو ئي جواب ڏئي ٿو:
“ٻڌ نوجوان ٻئي ڪنهن جي نقل ڪرڻ بدران پنهنجي حقيقي آواز کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪر، تڏهن ئي هڪ ڪهاڻيڪار ٿي سگهندين.” ۽ هو ونڊر لينڊ کان ٻاهر اچي وڃي ٿو.
هن قصي جو مقصد اهو آهي ته هر ڪهاڻيڪار کي پاڻ مڃائڻ لا پنهنجو حقيقي آواز ڳولڻو پوندو، ٻين جي نقل ڪري اوهين ڪڏهن به ڪهاڻيڪار نٿا ٿي سگهو ۽ پنهنجو حقيقي آواز ڳولڻ لا اوهان کي الف ليلى کان ويندي اڪيلائي جا سو سال جهڙين حيرت انگيز دنيائن جو سير ڪرڻو پوندو. تڏهن ئي وڃي اوهان کي پنهنجو حقيقي آواز ملندو. جيئن مشهور ليکڪ ٽوني موريسن هڪ هنڌ لکيو آهي ته:
“Silence from and about the subject was the order of the day. Some of the silences were broken, and some were maintained by authors who lived with and within policing strategies. What I am interested in are strategies for breaking it.”
ائين ئي هر افسانوي اديب کي پنهنجي اندر جي ۽ آس پاس واري ماٺار کي ٽوڙي پنهنجو حقيقي اواز ڳولڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي. ٻي صورت ۾ افسانوي ادب اسان کان رسي ڏور هليو ويندو ۽ اسان اجاين حوالن کي ئي افسانوي ادب جو نالو ڏيندا رهنداسين.
)پورو ٿيو)