ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بحال ڪريو

Editorial

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جهڙو هڪ اهم ادارو گذريل سال کان بند لڳو پيو آهي. حيدرآباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس هلڻ کان پوءِ ان اداري کي جيئن تالو لڳو آهي، ان کان پوءِ اهو تالو اڃا تائين ڪونه کليو آهي، جڏهن ته پبلڪ سروس ڪميشن بند هجڻ سبب ڪيترائي نوجوان بيروزگار لڳا پيا آهن. هڪڙا اهي آهن، جن ٽيسٽ ڏنا ۽ اهي نتيجن جي انتظار ۾ لڳا پيا آهن، ٻيا اهي آهن، جيڪي اڃا تائين ٽيسٽ ڏيڻ جي آسري ۾ ويٺل آهن. سنڌ ۾ بيروزگاري ڏينهون وڌي رهي آهي، مٿان وري پبلڪ سروس ڪميشن جهڙن ادارن کي به بند ڪيو ويندو ته سنڌ ۾ بيروزگار نوجوانن جو هڪ وڏو انگ پيدا ٿي پوندو ۽ پبلڪ سروس غير فعال هجڻ جي ڪري نوجوانن ۾ گهڻي بي چيني نظر اچي رهي آهي. ان حوالي سان احتجاج نه رڳو روڊن رستن تي ٿي رهيو آهي پر سوشل ميڊيا تي به احتجاج جو سلسلو جاري آهي. ڪالهه به سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بند ٿيڻ خلاف احتجاج جي خبر آئي آهي.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي بحالي لاءِ 257 ڪميشن پاس وٽرنري ڊاڪٽرن جي جوڙيل ڪميٽي جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ مظاهيا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ وٽرنري ڊاڪٽرن پاران حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. هنن چيو ته اسان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران لائيو اسٽاڪ کاتي لاءِ وٽرنري آفيسر، ريسرچ آفيسر جو لکت ۽ وائي وا امتحان پاس ڪيو، جنهن جو نتيجو 6 ڊسمبر 2021ع تي جاري ڪيو ويو، وڏي وزير پريس ڪانفرنس ذريعي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي کولڻ جو اعلان ڪيو، پر اڄ تائين اهو اعلان اعلان ئي رهجي ويو. هنن چيو ته سنڌ ۾ جانورن ۾ لمپي اسڪين ڊزير جي وبا هلي رهي آهي، لائيو اسٽاڪ کاتي پاران سموري سنڌ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري بيماري تي ظابطو آڻڻ لاءِ عمل تيزيءَ سان جاري آهي، پر کاتي ۾ وٽرنري ڊاڪٽرن جي کوٽ سبب پلان ڪيل هدف تي پورو نه ٿو لهي سگهي. هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته جلد پبلڪ سروس ڪميشن کي بحال ڪري سنڌ جي ميرٽ ۽ مستقبل کي بچايو وڃي. بدين ۾ وٽرنري ڊاڪٽرن ڊي سي چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. ميرپورخاص ۾ وٽرنري ڊاڪٽرن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي مظاهرو ڪيو. عمرڪوٽ ۾ احتجاج ڪيو ويو. مٺي، نوابشاهه. لاڙڪاڻي، ٽنڊوڄام ڪنڌڪوٽ ۽ موري ۾ به مظاهرا ڪيا ويا. هنن احتجاجن مان ظاهر آهي ته ماڻهو اهو مطالبو ڪري رهيا آهن ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ترت بحال ڪيو وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته هڪ اهم اداري کي اهڙي ريت بند ڪرڻ ناجائزي آهي، جنهن کي ڪنهن به ريت برداشت نٿو ڪري سگهجي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اداري کي جلدي بحال ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ جي نوجوانن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي ۽ ان کان سواءِ بيروزگاريءَ کي به ٻنجو اچي سگهي.

سنڌ ۾ وڌندڙ گيسٽرو جو مرض
سنڌ ۾ گرميءَ جي مند شروع ٿيڻ کان پوءِ جتي گرميءَ جي لهر ۾ واڌ ٿي آهي، اتي ڪيترين ئي بيمارين پڻ منهن ڪڍيو آهي، جنهن جي ڪري هر شهر جون اسپتالون مريضن سان ڀريون پيون آهن. ڪن شهرن ۾ گيسٽرو جي وبا پڻ پکڙي وئي آهي، جنهن جي ڪري ٻارڙا سخت متاثر ٿي رهيا آهن. پر گيسٽرو جي بيماريءَ تي ضابطو آڻڻ به ضروري آهي. جيڪڏهن ان ۾ ڪا ڪوتاهي يا لاپرواهي ڪئي وئي ته پوءِ اهو مرض گهڻو پکڙجي سگهي ٿو ۽ مريضن جو انگ به وڌي ويندو.
خبر موجب نندو لڳ ڳوٺ صوبو ڪولهي ۾ جر جو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو ڦهلجڻ جي ڪري هڪ عورت 50 ورهين جي سيمي زال مصري خاصخيلي ۽ 5 ورهين جي نينگري سونيا ڪولهي فوت ٿي ويئي آهي، جڏهن ته 60 کان مٿي مرد ۽ ٻار گيسٽرو جي بيماري ۾ وٺجي ويا، جن کي نندو رورل هيلٿ سينٽر، انڊس اسپتال بدين ۽ مختلف پرائيويٽ اسپتالن ۾ علاج لا داخل ڪرايو ويو آهي، هوڏانهن ڊي ايڇ او بدين ڊاڪٽر شير نهڙيو ڳوٺ صوبو ڪولهي ۾ گيسٽرو جو اطلاع ملڻ سان ئي ميڊيڪل ٽيم موڪلي متاثر مريضن جو علاج ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز جي حڪم تي ڳوٺ ۾ لڳل 5 هينڊپمپ نلڪن جي پاڻيءَ جا نمونا پڻ ڪڍي ليبارٽري موڪليا ويا آهن، انهي سلسلي ۾ ڳوٿاڻن “سنڌ ايڪسپريس” کي ٻڌايو ته مسلسل پاڻيءَ جي کوٽ سبب جر جو پاڻي واپرائڻ سبب اوچتو گيسٽرو ڦهلجي وئي آهي، جنهن سبب ڪيترائي ڳوٺاڻا مرض ۾ وٺجي ويا آهن. ڊي ايڇ او بدين ڊاڪٽر شير نهڙيي “سنڌ ايڪسپريس” سان رابطي تي ٻڌايو ته جيئن مون کي خبر پئي مون ترت ڊاڪٽرن جي ٽيم ڳوٺ ۾ موڪلي آهي، جتي مريضن جو علاج بهتر نموني هلي رهيو آھي، ڳوٺاڻن کي جر جو پاڻي پيئڻ کان منع ڪندي کين منرل واٽر پڻ مهيا ڪيو آھي.
اسين سمجهون ٿا ته گيسٽرو هن موسم ۾ پکڙبي رهندي آهي ۽ ٻار ان بيماريءَ ۾ گهڻو ڀوڳيندا آهن، ان ڪري اسپتالن ۾ گيسٽرو جي مريضن لاءِ وڌ کان وڌ سهولتون پيدا ڪيون وڃن. ان کان سواءِ جتي به گيسٽرو جا مريض ظاهر ٿي رهيا آهن، اتان جي آباديءَ کي جر جو پاڻي واپرائڻ روڪيو وڃي يا وري پاڻي اٻاري پيئڻ جو مشورو ڏنو وڃي ته جيئن سنڌ ۾ گيسٽرو کان بچي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button