ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ماحولياتي بحران لاءِ پاڪستان ڪهڙي قيمت ادا ڪندو؟

Editorial-Article-Raza Hamdani

ايشيائي ترقياتي بينڪ ۽ ورلڊ بينڪ جي هاڻوڪي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ ٻن ڏهاڪن ۾ جيڪڏهن گرمي پد اڍائي سيلسيئس وڌي ٿو ته موسمي تبديليءَ جي نتيجي ۾ پاڪستان کي ساليانو 3 ڏهائي 8 ارب ڊالر جو نقصان ڀوڳڻو پوندو.
ايشيائي ترقياتي بينڪ ۽ ورلڊ بينڪ جي گڏيل رپورٽ ڪلائميٽ رسڪ ڪنٽري پروفائيل ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ گرمي پد وڌڻ جو خدشو وڌيڪ آهي، ان واڌ جي نتيجي ۾ معاشي ۽ سماجي نقصانن کي منهن ڏيڻو پوندو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ سراسري گرمي پد ۾ عالمي سراسريءَ کان ڪافي وڌيڪ واڌ ٿيڻ جا امڪان آهن ۽ ملڪ ۾ 2090ع تائين گرمي پد 1 ڏهائي 3 کان 4 ڏهاي 9 سيلسيئس تائين وڌي سگهي ٿو.
ويهين صديءَ ۾ پاڪستان جي گرمي پد ۾ ٻڙي ڏهائي 57 سيلسيئس جي واڌ ٿي هئي، جيڪو ڏکڻ ايشيا ۾ وڌيڪ ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هو، جتي ٻڙي ڏهائي 75 سيلسيئس جي واڌ ٿي هئي. پر 1961ع ۽ 2007ع جي وچ ۾ گرمي پد گهٽ ۾ واڌ تيزيءَ سان ٿي آهي ۽ ان عرصي دوران ٻڙي ڏهائي 47 سيلسيئس جي واڌ ٿي آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گرمي پد ۾ واڌ سياري جي موسم ۽ مون سون کان پوءِ وارن مهينن ۾ وڌيڪ ٿي آهي. سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ سياري جي مند ۾ گرمي پد ۾ ٻڙي ڏهائي 91 کان 1 ڏهائي 12 سيلسيئس جي واڌ ٿي آهي، جڏهن ته ڪي پي ڪي ۾ ٻڙي ڏهائي 52 سيلسيئس جي واڌ ٿي آهي.
ڪلائميٽ رسڪ ڪنٽري پروفائيل ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آفتن جو نقصان آهي ۽ ان ڪري 191 ملڪن مان رسڪ جي حساب سان پاڪستان 18هين نمبر تي آهي، پاڪستان کي ٻوڏن کي به منهن ڏيڻو پيو پوي، ٻوڏن جي حوالي سان ان جو نمبر ارڙهون آهي، ڏڪارن ۾ پاڪستان جو نمبر 43هون آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي 1900ع کان 2020ع تائين زلزلن جا 35 واقعا رڪارڊ ڪيا ويا آهن، جن ۾ تقريبن ڏيڍ لک ماڻهو مري ويا. 74 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا، جڏهن ته ملڪ کي ساڍا 53 لک ڊالر جو نقصان ٿيو.
اهڙي ريت سخت گرمي پد يعني سياري ۽ گرميءَ جي لهر کي گڏائي 18 واقعا پيش آيا، جن ۾ تقريبن ٽي هزار ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا. جڏهن ته 80 هزار ماڻهو متاثر ٿيا ۽ ان سخت گرمي پد جي ڪري ملڪ کي 18 هزار ڊالر جو نقصان ٿيو، ٻئي پاسي ٻوڏن جي ڪري 8 ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا، جڏهن ته سوا ٻه ڪروڙ ڊالر جو نقصان ٿيو.
پاڪستان ۽ ڀارت ۾ گذريل هڪ ٻن مهينن ۾ جيڪو گرمي پد رهيو آهي، ان ۾ سمورين قومي ۽ عالمي رڪارڊ ٽٽي ويا آهن. پاڪستان مارچ 1961ع کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ گرم ترين مهينو رهيو، جڏهن ته ڀارت جي ڏکڻ اولهه ۽ وچ ڀارت ۾ اپريل هڪ صديءَ ۾ سڀ کان گرم ترين اپريل جو مهينو رهيو.
موسمي تبديلي: جيڪب آباد کانپوءِ ايندڙ نمبر ڪراچي جو؟
پاڪستان جي صوبي سنڌ جي شهر جيڪب آباد ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي گرمي پد 49 ڊگري تائين پهچي ويو. جيڪب آباد اهو ئي شهر آهي، جنهن باري ۾ گذريل سال ايمنسٽي انٽرنيشنل پنهنجي رپورٽ ۾ چيو هو ته اهو شهر انسانن جي رهڻ قابل ناهي.
گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن گرمي پد ۾ 1 ڏهائي 5 ڊگري جي واڌ ٿي وڃي ٿي ته پاڪستاڻ ڪراچي 7 ڀارت ۾ ڪلڪتي جهڙو شهر 1015ع جهڙي گرمي هر سال ڏسندو، پاڪستان ۾ 2015ع ۾ ٿيندڙ سخت هيٽ ويو جي نتيجي ۾ 1200 کان وڌيڪ ماڻهو مري ويا هئا، اهڙي ريت 2010ع کان پوءِ ڀارت ۾ 6500 کان وڌيڪ ماڻهو گرميءَ جي لهر سبب مري چڪا آهن.
جڏهن ته ماحول بابت آمريڪي تنظيم برڪلي ارٿ جي تجزيي موجب ڀارت ۽ پاڪستان ۾ هن صديءَ جي آخر تائين گرمي پد ساڍا ٽي ڊگري سيلسيئس جي واڌ ٿي چڪي هوندي. سوئٽزرلينڊ جي عالمي تنظيم سوئيس ري انسٽيٽيوٽ موجب جيڪڏهن گرمي پد اهڙي ريت وڌندو رهيو ته 2050ع تائين عالمي جي ڊي پيءَ ۾ 19 سيڪڙو گهٽتائي ٿيندي. جڏهن ته گرمي پد ۾ 3 ڌهائي 2 ڊگري سيلسيئس تائين واڌ ٿئي ٿي ته عالمي سطح تي جي ڊي پي ۾ 18 سيڪڙُي تائين گهٽتائي ٿي سگهي ٿي.
عالمي اداري موجب موسمي تبديليءَ سان هر سماج، هر ڪمپني ۽ هر فرد متار ٿيندو رهندو،. 2050ع تائين دنيا جي آبادي 10 ارب تائين پهچي ويندي ۽ ان لاءِ ضروري آهي ته موسمي تبديليءَ جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن.
دنيا ۾ تيزيءَ سان تبديلي اچي رهي آهي ۽ موسمي تبديليءَ جا اثر نمايان ٿي رهيا آهن. ڪجهه ڏهاڪا اڳ جنهن دنيا ۾ اسين رهندا هئاسين، ان وقت اسين ڪافي مختلف دنيا ۾ پئي رهياسين. موسمي تبديليءَ جا اثر نمايان ٿيڻ ۾ سال لڳي ويندا آهن ۽ هڪ ڀيرو جڏهن اثر نمايان ٿيڻ شروي ٿي وڃن ته ان جو مطلب اهو هوندو آهي ته دير ٿي چڪي آهي.
ماحوليات تي تحقيق ڪندڙ پروفيسر ڊين بلسٽين جو چوڻ آهي ته موسمي تبديلي بوتل جي جن وانگر آهي ته هڪ ڀيرو ٻاهر اچي ته ان کي واپس بوتل ۾ نٿو وجهي سگهجي.
هن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اڄ ئي پوري دنيا ۾ ڪاربن جي نڪرڻ کي مڪمل طور بند ڪيو وڃي، تڏهن به جيڪا ڪاربن اڳ اسان جي ماحول ۾ آهي، ان جا اثر ڪافي سالن تائين رهندا.
ماهرن جو چوڻ آهي ته اسان وٽ وقت گهڻو ڪونهي، اسان وٽ ٽيڪنالاجي به آهي ۽ سائنس به، مسئلو سائنس جي نه هجڻ جو نه بلڪه ان مسئلي جي حل ڪرڻ لاءِ قوت ارادي جي کوٽ آهي.


(انڊپينڊنٽ اردو جي ٿورن سان)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button