ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سرڪار جو مدو پورو ڪرڻ وارو فيصلو

Editorial-Article- Yameen Jatoi

هن مهل تائين جيڪي سياسي اڳڀرايون ٿيون آهن، انهن مان لڳي ايئن پيو ته شهباز سرڪار ڪاڏي نه پئي وڃي. ڇاڪاڻ ته اهي رپورٽون اچن پيون ته گذريل ڏينهن ٿيل اتحادين جي اجلاس ۾ سرڪار مدو پورو ڪرڻ لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. اتحادي سرڪار ان ڏس ۾ ٻڏتر جو شڪار هئي ته آيا آئيني مدو پورو ڪيو وڃي يا وري وقت کان اڳ چونڊن ڏانهن وڃجي، پر گذريل ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ ان بابت متفقه فيصلو ڪيو ويو ته آگسٽ 2023 تائين آئيني مدو پورو ڪيو ويندو. چيو پيو وڃي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آصف زرداري “اهم” شخصيت سان ملاقات ڪئي هئي، ساڻس ملاقات کان پوءِ هن شهباز شريف ۽ مولانا فصاالرحمان سان ملاقاتون ڪيون هيون. جن ۾ صلاح مشوري کان پوءِ سرڪار جو مدو پورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. ٻئي پاسي نواز شريف به سرڪار کان تڪڙو ڌار نه ٿيڻ واري پارٽي جي فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. اها پيشرفت سرڪار جي قسمت بابت انتهائي اهم آهي.
ٻه ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ملاقات ڪئي. چيو پيو وڃي ته ملاقات ۾ گڏيل حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ سامهون ايندڙ چئلينجن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، ملڪي معيشت بهتر بڻائڻ، بجيٽ جي تياري، آءِ ايم ايف سان ڳالهين، ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ “قومي سلامتي” ڪميٽي ۽ گرينڊ نيشنل ڊائلاگ جي تجويزن تي به غور ڪيو ويو. وزيراعظم طرفان ايندڙ هفتي ۾ اهم ترين مشاورت شروع ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. “قومي سلامتي” ڪميٽي، گرينڊ ڊائلاگ جي تجويز تي حڪومت سنجيدگيءَ سان غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. نيازي جي امڪاني لانگ مارچ ۽ ان جي اثرن جو جائزو به ورتو پيو وڃي، سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ جي صورتحال تي به مشاورت ڪئي پئي وڃي.
ان کان اڳ گهرو وزير جو انتهائي اهم بيان آيو هو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ته ملڪي معيشت کي هلائڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هوندو. هن اهو به چيو هو ته نگران حڪومت آئي ته پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 70 روپين جو اضافو ٿيندو، اسان چونڊن طرف وڃڻ چاهيون ٿا پر اتحادي پارٽين جو فيصلو آهي ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري. نااهل ٽولي ملڪ کي تباهه برباد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو ته ماڻهن جا مسئلا وڌي ويندا. وفاقي گهرو وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي لاءِ عدالت رات 12 وڳي کلي وئي. ڪاش! اسان جي لاءِ ڏينهن جو 12 وڳي به عدالت کلي ها. هن چيو ته ن ليگ جو اڃان تائين ڪنهن سان چونڊ اتحاد ناهي ٿيو. هن چيو ته (ن) ليگ بي اعتمادي رٿ جي حق ۾ ايتري پرجوش نه هئي.
گهرو وزير جي اهڙي بيان کان پو ڄاڻايل اڳڀرائين جو ٿيڻ جي اهميت آهي، ڇاڪاڻ ته ان مان لڳي ٿو ته ڪٿي نه ڪٿي آ ايم ايف سان سندن معاملا طئي ٿي رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو “مشڪل فيصلا” ڪرڻ جو به ارادو ڏيکاريو پيو وڃي. مطلب ته سرڪار هاڻي ڪاڏي به ڪونه پئي وڃي. شهباز سرڪار جيڪڏهن آ ايم ايف سان معاملا طئي ڪري ٿي، ۽ “ڏکيا” فيصلا ڪري ٿي ته پو اهي عوام خلاف نه هئڻ گهرجن. ان لا ڪي متبادل ذريعا استعمال ڪري، جيئن دفاعي خرچن ۾ ڪٽوتي وغيره.
بهرحال، انهن اڳڀراين کان پو ئي نيازي کي به “جلد” چونڊون ڪرائڻ لا لانگ مارچ جو اعلان ڪرڻو پئجي ويو. جيتوڻيڪ هنن لانگ مارچ جون ڳالهيون ته ڪيون پئي، پر هو جيڪا معاشي تباهي ڪري ويا آهن، ان کي ڏسندي هو تمام گهڻا مطمئن پئي لڳا ته معاملو شهباز سرڪار کان نه هلندو، پر تازين اڳڀراين نيازي جي ارمانن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن 25 مئي تي اسلام آباد ڏانهن مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هنن جي منصوبو آهي ته حالتن کي خراب ڪري، ٽڪرا پيدا ڪجي. جيڪو نيازي ٽولي جي بيانن مان پڻ واضح ٿي رهيو آهي. ان تي ردعمل ڏيندي شهباز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ چاهي ٿو ته اها سندس وڏي ڀُل آهي، عوام سندس ڳچي مان وٺندو. هن چيو ته عمران نيازي هن عوام کي اخلاقي طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي لفظ هن استعمال ڪيا، ان سان سڄي عوام جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويو. مون 2018 ۾ چيو هو ته چارٽر آف اڪانامي ڪيو پر ان کي ٿڏيو ويو.
مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران جي لانگ مارچ جي اهميت ٻن پئسن جي به ناهي، اهي مکيون مارڻ اسلام آباد ايندا. مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ جو ڏيوالو ٿي نه رهيو آهي پر ٿي ويو آهي، عمران جي معاشي ماهرن چيو هو ته ڊالر 200 تائين ويندو، هي انهن جي ئي پاليسين جو تسلسل آهي، ڏکئي وقت ۾ سياستدانن ۽ ادارن کي هڪ صفحي تي هجڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنهن جو دماغ خراب آهي جو لانگ مارچ ۾ ايندو؟ جيڪو لانگ مارچ اسان ڪيو، ڪنهن جو پيءُ به رڪارڊ نٿو ٽوڙي سگهي. 4 سالن جي خرابي 4 ڏينهن ۾ پوري ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، ملڪ کي ٻيهر کڻڻ وڏو چئلينج آهي، اسان کي عوامي سپورٽ گهرجي.
بهرحال، هاڻي عوام کي به نيازي جي ڪوڙن ۽ جذباتي تقريرن کان پاڻ کي بچائڻو پوندو. عوام کي سوچي سمجهي نيازي ڏانهن پنهنجو رويو اختيار ڪرڻو پوندو. نيازي هڪ ٺڳ ۽ مڪار سياستدان آهي، سندس مڪارين کي سمجهڻو پوندو. جيڪي دانشور نيازي لا ماحول ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، انهن کي پنهنجي پوزيشن جو ٻيهر جائزو وٺڻ گهرجي. نيازي عوام دشمن ته آهي ئي آهي پر هو سنڌ دشمن به آهي. خاص ڪري سنڌ جو عوام نيازي جي ڪوڙي آمريڪا دشمني جي ڊرامي کي سمجهي. ڇا هن عوام دشمن ڪڏهن پنهنجن جلسن ۾ پنهنجن ساڍن ٽن سالن جي ڪارڪردگي تي ڳالهايو آهي؟ هن جيڪي عوام خلاف ڏوهه ڪيا آهن، اهي معاف ڪري ڇڏجن؟ جيڪڏهن ڪنهنجي “مقبوليت” جو معيار اهو آهي ته هن جي جلسن ۾ هزارين ماڻهو اچن ٿا ته پو دنيا جي وڏن وڏن عوام دشمن حڪمرانن جي جلسن ۾ به لکين ماڻهو ايندا هئا، پو ڇا هنن کي به ڀلو قرار ڏجي؟ هنن کي به عوام دوست قرار ڏجي؟ تنهنڪري، اهي دانشور جيڪي نيازي کي فرشتو ثابت ڪرڻ لا ڏينهن رات هڪ ڪري ويٺا آهن، انهن کي پنهنجي قلم کي ايترو هيٺ نه ڪيرائڻ گهرجي. قلم جي اهميت آهي، جيڪڏهن اهو کڄي ته مظلوم عوام جي حقن لا کڄي، نڪي نيازي جهڙي مڪار لا کڄي، جنهن پنهنجن ساڍن ٽن پوڻن چئن سالن دوران عوام کي سوا اذيتن جي ٻيو ڪجهه به نه ڏنو. ڪجهه مراعت يافتا برگر ڪلاس جي اداڪارن ۽ اداڪارائن سندس حمايت ڇا ڪئي، ان کي معيار ٺاهي، نيازي کي “عظيم” ثابت ڪرڻ نسوري عوام دشمني ۽ فسطائي ذهنيت سان گڏ بيهڻ آهي. نيازي جي عوام ۾ “مقبوليت” جون ثنائون ڪندڙن کي گهٽ ۾ گهٽ نيازي جي عوام دشمن ڪردار کي آڏو ضرور رکڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button