ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

هاڻ منڪي پاڪس- اسين ڪڏهن سکنداسين؟

اسين ڪڏهن سکنداسين؟ هاڻ جڏهن منڪي پاڪس جا ڪيس ڪئناڊا، پرتگا، اسپين، برطانيه ۽ آمريڪا ۾ سامهون اچي چڪا آهن، اسان کي قبول ڪرڻو پوندو ته اسان جو جانورن سان ظالماڻو تعلق اهڙين تباهي ڏانهن وٺي پيو وڃي، جنهن جي باري ۾ اسين اڻ ڄاڻ آهيون.
جانورن تي ظلم جاري رکڻ جي صورت ۾ اسين هڪ ٻي عالمي وبا شروع ٿيڻ جي خطري کي منهن پيا ڏيون. سارس، سوائن فلو ۽ ڪووڊ-19 وانگر منڪي پاڪس جانورن مان انسانن کي لڳندڙ بيماري آهي، جيڪا ٻي مخلوق مان انسانن ۾ آئي آهي، آفريڪا کان ٻاهر منڪي پاڪس جو وائرس سڀ کان پهرين 2003ع ۾ ڏٺو ويو. جڏهن اهو پالڻ لاءِ برآمد ڪيل پرڏيهي جانورن کان ڇهه آمريڪي رياستن ۾ پکڙي ويو.
ان وائرس سبب متاثر ٿيندڙ سمورن 47 ماڻهن کي اهو وائرس متاثر ٿيل جانورن مان سڌي ريت منتقل ٿيو، اهو وائرس کاڌي پيتي يا متاثر جانورن جو گوشت پچائڻ سان به منتقل ٿي سگهي ٿو.
تازو ئي وبا جي حوالي سان اسين ڏسون پيا ته ڪئين ملڪن ۾ منڪي پاڪس جو وائرس انسانن ۾ منتقل ٿي رهيو آهي، فيبروري ۾ ان سائنسي رپورٽ، جنهن جو سائنسدان جائزو وٺي چڪا آهن، ان موجب منڪي پاڪس ڪارڻ پيدا ٿيل خطري کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.
ماتا سان هڪجهڙائي رکندڙ منڪي پاڪس جو وائرس انفيڪشن کان پوءِ 21 ڏينهن تائين جسم ۾ موجود رهي ٿو ۽ ان جون علامتون سخت هونديون آهن، اهو وائرس پوري جسم ۾ ڦرڙين جو سبب ٿئي ٿو ۽ آفريڪا ۾ ان لاءِ شڪار ٿيندڙ 10 ماڻهن مان هڪ ماڻهو مري چڪو آهي.
هن وقت اسان اهو قبول ڪيو آهي ته جانورن کي ان جي قدرتي ماحول مان ڪڍي هڪ ٻئي جي ويجهو گندن پنڃرن ۾ بند ڪرڻ (بازارن يا فارمز ۾) ۽ انهن کي مارڻ ۽ کائڻ جو نتيجو منڪي پاڪس جهڙين وڌيڪ بيمارين جي صورت ۾ سامهون ايندو، جيڪي جانورن کان انسان ۾ منتقل ٿين ٿيون.
انهن بيمارين ۾ اهڙيون تبديليون به ٿينديون، جن جي اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي ۽ ممڪن آهي ته ان جا خطرناڪ نتيجا نڪرن، سائنسدان ڪووڊ- 19 خلاف ويڪسين تيار ڪرڻ جي قابل هئا پر ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ ڀيري ائين نه ٿئي.
اسان کي جانور کي استعمال قابل شيءِ سمجهڻ بند ڪري، ان جي بجاءِ اهي برادريون سمجهڻو پوندو، جن سان اسين هي زمين ونڊيون ٿا. تيستائين اسين وڌيڪ خطرناڪ وبائي مرضن جي خطري کي منهن ڏئي رهيا هونداسين ۽ جانورن سان وڏو ظلم ٿيندو رهندو.
ڪوبه ماڻهو جيڪو جانورن جي حاصل ڪيل خوراڪ يا شين کي استعمال ڪري ٿو، جانورن سان بدسلوڪي ۾ شامل آهي، مسئلي جون پاڙون دنيا کي ڏسڻ جي انداز ۾ آهن، جيڪي ٻين جانورن کي تڇ سمجهن ٿا.
اسين ان عمل کي “انساني فلاح” سمجهون ٿا، ان تعصب جو نتيجو جانورن کي خوراڪ، ڪپڙا، تفريح، گهرو سينگار ايستائين جو واڌو جسماني حسن طور به استعمال ڪرڻ جي شڪل ۾ نڪتو آهي.
ڊيوڊ بينٽ سينيئر اهو پهريون انسان هو، جنهن هن سال جي شروع ۾ سوئر جي دل لڳرائي هئي ۽ ان کان ترت پوءِ هو مري ويو، جينياتي طور تبديل ٿيل عضوي جي ڊگهي اسڪريننگ هوندي به پوسٽ مارٽم مان خبر پئي ته هو سوئر جي خاص وائرس جو شڪار ٿي ويو هو.
انساني فلاح جي ڪري جانورن کي ليبارٽرين ۾ خوفناڪ تجربن جو نشانو بڻايو ويندو آهي ۽ پرڏيهي ملڪن مان آندل جانورن کي پالتو طور پنڃرن ۾ رکيو ويندو آهي، جيڪو سلوڪ اسين جانورن سان ڪندا آهيون، هاڻ ان جو نقصان ڀوڳي رهيا آهيون.
خطرناڪ وبائون اسان ڏانهن جانورن جي استعمال ۽ انهن سان بدسلوڪي ڪرڻ جو نتيجو آهن. سمور ( نور سان هڪجهڙائي رکندر جانور) جي فارمز مان ظاهر ٿيو آهي ته ڪووڊ- 19 ڪيتري قدر سولائي سان جانورن مان انسانن ۾ منتقل ٿي سگهي ٿو.
وبائي مرضن جي تياري ۽ جواب لاءِ قائم آزاد پينل خبردار ڪيو آهي ته دنيا مستقبل جي وبائي مرضن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. پينل جو چوڻ آهي ته وبا جي وڌيڪ لهرن سان مقابلي لاءِ سياسي ڌيان هڪ جاءِ تي ڪونهي، زنجير ۾ هر هنڌ ڪمزور ڪڙيون آهن، آفت اڻٽر نظر اچي رهي آهي.
فيڪٽرين لاءِ جوڙيل فارمز ۽ اهي مارڪيٽون جتي بطور خوراڪ جيئرن جانورن جو وڪرو ٿئي ٿو، جيئن ته اها جاءِ جتان کان ڪووڊ-19 جي بيماري شروع ٿي، جانورن مان انسانن ۾ منتقل ٿيندڙ بيمارين جو رستو هموار ڪر رهيا آهن. ڪوس گهر جانورن جي جسم مان نڪرندڙ رطوبتن ۽ غلاظت سان ڀريل هوندا آهن، جانور، جن ۾ کليل فارمز جا جانور به شامل آهن، انهن کي گندن ٽرڪن ۾ ڀري کنيو ويندو آهي ۽ جراثيم جانورن سان انسانن جي وچ ۾ تيزيءَ سان پکڙجندا آهن.
برطانيه ۾ هڪ ماڻهو اڳ ئي برڊ فلو جو شڪار ٿي چڪو آهي ۽ ماهرن خبردار ڪيو آهي ته ڪجهه ئي عرصي ۾ اها بيماري انسانن ۾ وبائي شڪل ۾ پکڙي سگهي ٿي. برڊ فلو متاثر ڪڪڙين ايستائين بيضن کي ڇهڻ، اڌ پڪل گوشت يا بيضا کائڻ يا اهڙي جاءِ تي تيار ڪيل خوراڪ جي استعمال سان ٿي سگهي ٿو، جتي وائرس کان متاثر خوراڪ تيار ڪئي وئي هجي.
ڳالهه فقط ايتري ڪانهي ته اسين وبائي مرضن جي خطري کي منهن پيا ڏيون، جانورن کي جيئرو رکڻ ۽ انهن جي واڌ ويجهه ۾ تيزي آڻڻ لاءِ فارم جا ڪارڪن، گهڻو ڪري انهن کي اينٽي بائيوٽڪس ڏيندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ دوائن خلاف مزاحمت رکندڙ طاقتور جراثيم جي صورت ۾ نڪري ٿو، جيڪو انساني صحت لاءِ سڀ کان وڏي خطري مان هڪ آهي.
اثرائتين دوائن کان سواءِ ساديون سرجريون به خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿيون، ماهر خبردار ڪري رهيا آهن، ته 2050ع ۾ ڪينسر جي ڀيٽ ۾ اينٽي بائيو ٽيڪس خلاف مزاحمت ڪندڙ بيڪٽريا جي ڪري ٿيندڙ انفيڪشن ان گهڻا ماڻهو مري سگهن ٿا. جيئن جيئن طاقتور جراثيم سامهون اچي رهيا آهن، هن وقت اسان پاران اپاءَ نه ورتا ويا ته انساني موت ساليانو هڪ ڪروڙ تائين پهچي سگهي ٿو.
هاڻ ڇا ٿي سگهي ٿو؟
اسين اهو فيصلو ڪري سگهون ٿا ته اسين ڇا (يا ڪنهن کي) پنهنجن ٿالهين ۾ وجهڻ چاهيون ٿا. اسين ڪهڙا ڪپڙا پايون ٿا، سنيگار جي چونڊ ڪريون ٿا ۽ ٽوائليٽ استعمال ڪرڻ لاءِ ڇا خريد ڪريون ٿا. جيستائين ماڻهو جانورن کي خراب ورتاءُ جو نشانو بڻائيندا رهندا، اسين اهڙين بيمارين ۽ وبائن جي خطري جو ڪارڻ ٿيندا رهنداسين، جن لاءِ ڪا اثرائتي ويڪسين موجود ڪونهي.
اسين جانورن تي ظلم جي به حمايت رکڻ سوڌو احساس جي مالڪ جاندارن کي وڏي پئماني تي ڪهڻ ۾ شريڪ رهنداسين. ان جو حل سادو آهي. ڀاڄيون کائڻ شروع ڪريو، جانورن کي امن سان رهڻ ڏنو وڃي، اهڙو رويو اختيار ڪريون جنهن مان سڀني لاءِ همدردي ظاهر ٿئي، هي انسان سوڌو سمورن جانورن جي حق ۾ اپاءَ وٺڻ جو وقت آهي.


ڊاڪٽر جوليا بينر برطانيه ۾ جانورن جي حقن لاءِ سرگرم تنظيم پيپل فار دا اٿيڪل ٽريٽمينٽ آف اينيملز (پي اي ڊي اي) سان سائنس پاليسي جي مشير جي حيثيت سان لاڳاپيل آهي. هن جانورن جي رويي ۽ فلاح بهبود جي پسمنظر رکڻ سان گڏ يونيورسٽي آف ليور پورل سان ڊاڪٽريٽ ڪئي آهي.
( The Independent جي ٿورن سان)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button