پاڪستان جا حڪمران ۽ اپوزيشن اڳواڻ آئي ايم ايف جي 25 مئي واري بيل آئوٽ پيڪيج جي انتظار ۾ آهن. جنهن جي بنياد تي ٻئي ڌريون پنهنجي پنهنجي سياسي حڪمت عملي جوڙي ويٺل آهن. حيرت اها آهي ته ٻنهي ڌرين، حڪمران ۽ اپوزيشن وٽ گس ساڳيو آهي. ملڪ کي ڳرن شرطن تي گروي رکڻ جو. قرض سڄي دنيا جا ملڪ کڻن ٿا ۽ قرضي آهن. رڳو آمريڪا 30 کرب ڊالرز جو قرضي آهي ۽ ان جي مقابلي ۾ پاڪستان 53 پوائنٽ پنج کرب رپين جو قرضي آهي. پاڪستان کي تجارتي خسارو تمام گهڻو آهي. جنهن پاڪستان جي معيشت جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. هن وقت جي روزمره ڪاروبار هلائڻ لاءِ ملڪ کي بينڪ ڪرپٽ ٿيڻ کان بچائڻ رڳو قرض جي قسط چار ارب ڊالرز ۽ چار ارب ڊالرز تجارتي خساري جي ادائگي لاءِ گهرجن. انهن اٺ ارب ڊالرز جي رقم حڪمرانن جون متيون منجهائي وڌيون آهن. حڪمرانن ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ اها ڪئي ۽ ٻلي واري راند هلندڙ آهي.
پاڪستان جا حڪمران هر مسئلي جو حل آءِ ايم ايف کي سمجهن ٿا، جيتوڻيڪ پاڪستان جو بنيادي مسئلو پيداوار وڌائڻ، غير پيداواري خرچ گهٽائڻ ۽ قانون جي حڪمراني آهي. جنهن جو آءِ ايم ايف وٽ ڪوبه حل ناهي. پاڪستان جي معيشت هڪ ڀاڙي تي هلندڙ ان ڳئون وانگر آهي، جنهن کي ڀاڙو (کير جي ڏهائي وقت ملندڙ گاهه) ملندو ته کير ڏيندي، نه ته، لت هڻي چوئنري اڇلي ڇڏيندي. جڏهن ته هن وقت ملڪ ۾ اهڙي ڪابه ليڊرشپ نظر نٿي اچي، جنهن وٽ آءِ ايم ايف جي لڳي لپٽي ۽ ڀاڙي تي هلندڙ ايڪانامي مان نڪرڻ وارو گس هجي. ڪنهن زماني ۾ ڀٽي صاحب چيو هو ته اسان گاهه کائينداسين، پر ايٽم بم ضرور حاصل ڪنداسين. ايٽم بم ته اسان ٺاهي ورتو، پر اسان پنهنجا ٺاٺ باٺ ڇڏي سادگي واري زندگي گذارڻ وارو رستو اختيار نه ڪيو.” اهو اهڙو سوال آهي جيڪو ڏيکاءُ ڪندڙ حڪمرانن جي وس کان ٻاهر آهي. فضول خرچي ۽ اضافي خرچ جو سادو اندازو ان مان وٺي سگهو ٿا، ته پاڪستان جو وزير اعظم شهباز شريف پنهنجي وڏي ڀاءَ ۽ مسلم ليگ ن جي باني ميان نواز شريف سان ميٽنگ ڪرڻ لاءِ وزيرن ۽ ن ليگ جي قيادت جو وڏو گروپ وٺي لنڊن پهتو ۽ پنجن ڏينهن تائين هلندڙ انهيءَ ميٽنگ تي ڪيترو خرچ آيو هوندو؟ جنهن ۾ پي آءِ اي جو جهاز پڻ پنج ڏينهن لنڊن ۾ بيٺل رهيو.
پاڪستان جي حڪومت معاشي طور تي غير مستحڪم هئڻ سبب سنگين سياسي انتشار جو شڪار آهي. حڪومت آءِ ايم ايف سان قرض جي قسط جي حاصلات لاءِ پهرين فيز ۾ معاشي ايمرجنسيءَ تحت لگزري ايٽمز ٻاهران گهرائڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. حڪومت وٽ وڌيڪ سبسڊيز ختم ڪرڻ ۽ نوان ٽيڪس مڙهڻ جهڙا ٻيا به ڪيترائي قدم آهن، جن جي کڻڻ سان ملڪ جي معيشت ۾ سڌارو اچڻ لاءِ سوچيو وڃي پيو.
تاثر اهو ڏنو وڃي پيو ته پاڪستان هڪ غريب ملڪ آهي، جيڪو عالمي مالياتي قرضن جي گهيري ۾ ورتل آهي. قرض جي قسط جاري نه ٿي ته ملڪ ڏيوالي جو شڪار ٿي ويندو. ٻئي طرف ملڪ ۾ حڪمران طبقي ۽ ملڪ جي مراعات يافتا طبقي جو اٿڻ ويهڻ، ٺاٺ باٺ، شادين جو انداز ۽ انهن شادين ۾ طعام جنهن انداز ۾ کاڄن ۽ ضايع ٿين ٿا. روڊن تي هلندڙ وڏيون گاڏيون، فور ڊورز گاڏين ۾ ويٺل گارڊز جي لوڌ، وڏن وڏن بنگلن جو انداز ڇا اهو سڀ ڪجهه ڪنهن غريب ملڪ جو تاثر ڏيندڙ آهي. ملڪ جي ڪنهن به وڏي شهر جي هر گهٽي ۾ شيشن جي اندران ريسٽورينٽس، ملٽائي نيشنلز کاڌن ۽ مشروبز جي دڪانن ۾ ويٺلن کي اندر هڪ طبقو ڏسي سگهجي ٿو ۽ ٻيو انهيءَ روڊ تي عوامي ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪري گهر پهچڻ يا ڪم واري هنڌ پهچڻ وارن کي پريشاني جي عالم ۾ بيٺلن کي هر هنڌ ۽ چونڪ تي ڏسي سگهجي ٿو. فرض ڪريو ڪنهن به لمحي ڪا انارڪي ٿئي ٿي، ته شيشن جي دڪان جي ٻاهرن بيٺل کي هڪ برگر جي حاصلات لاءِ پٿر هڻي شيشو ڀڃڻ ۾ گهڻي دير لڳي سگهي ٿي؟ محترمه بي نظير ڀٽو جي شهادت جي واقعي کان پوءِ اهڙي انارڪي جي هڪ جهلڪ اڳ ۾ ڏٺي وئي آهي.
اسان جي ملڪ جي منصوبابندي وارن تي حيرت ٿئي ٿي. ملڪ جي زمين تي قدرتي فلو اتر کان ڏکڻ طرف آهي. هر شهر يا ڳوٺ جي واٽر سپلاءِ کان وٺي پاڻيءَ جو نيڪاس ڏٺو ويندو، ته اهو قدرتي فلو جي بدران لفٽ مشين جي ذريعي نيڪال يا سپلاءِ ڪرڻ جي رٿا جوڙي وڃي ٿي. مثال طور حيدرآباد ۾ لطيف آباد، قاسم آباد ۽ شهر جي ٻئي وڏي حصي جو سيوريج جو پاڻي قدرتي وهڪري واري رٿا تحت نه پر لفٽ مشينن جي ذريعي نيڪال ڪرڻ واري رٿا تحت جوڙيو ويو آهي. جنهن جي لاءِ بجلي، پيٽرول يا گئس تي هلندي. ايل بي او ڊي ۾ ڊيپ ٽيوب ويلز لڳايا ويا، جيڪي زمين مان 200 فوٽ اندران سم جو پاڻي ٻاهر ڪڍيندا. منصوبابندي وارن ڪڏهن به اهو نه سوچيو آهي ته اهي ڊيپ ٽيوب ويلز جي مشينري کي هلائڻ لاءِ پاور ۽ مينٽيننس ڪٿان ايندي. پر ورلڊ بينڪ جي قرض واري چمڪ ۾ رٿا جوڙيندڙن اها ڳالهه ڪنهن به نه سوچي هئي. هر شهر ۾ وڏا وڏا رهائشي پلازه جوڙڻ جو رواج پيو آهي. هر پلازه ۾ ٽي ٽي مشينون پاڻي لفٽ ڪن ٿيون، تڏهن فليٽ ۾ ويٺلن کي پاڻي ملي ٿو. ظاهر آهي مشينون پاور تي هلن ٿيون. پاور معنيٰ بجلي، گئس يا پيٽرول آهي. اهو پاور سڀ ٻاهرين ملڪ مان قرض ۽ وڏي تجارتي خساري جي صورت ۾ حاصل ڪيو وڃي ٿو. اسان جي منصوبا سازن ورلڊ بينڪ جي منصوبن واري چمڪ ۾ آبپاشي جي ڪئنالن جي ري ماڊلنگ جي نالي ۾ ڪئنالن جا بند وڏا ڪيا. ري ماڊلنگ جي لاءِ ضروري ٿيو ته ڪئنالن ۽ واهن جي ڪنارن سان بيٺل قديم وڻ وڍي بند وڏا ڪيا ويا. روهڙي ڪئنال، نارا ڪئنال، جمڙائو، مٺرائو ۽ ٻين ڪئنالن جي اهڙي ري ماڊلنگ ڏسي سگهجي ٿي. واهن ۽ ڪئنالن جي ڪنڌين تي بيٺل وڻ هڪ ته بند جي مضبوطي لاءِ ڀرجهلو هئا ۽ انهن قدمن وڻن جي موجودگي ماحولياتي آلودگي ۽ موسمي تبديلي جي اثرن کي روڪڻ لاءِ وڏا مددگار هئا. حيدرآباد، هالا، ڀٽ شاهه، سانگهڙ ۽ ٻين سڀني شهرن ۾ شهري ٽرانسپورٽ لاءِ ٽانگا ۽ ٻگهي جو استعمال ٿيندو هو. گهوڙن جو چارو ڊالر جي مٽا سٽا سان نه پر، گهوڙن جو چارو مقامي آبادگارن جي پوکيل فصل مان حاصل ڪيو ويندو هو. هاڻ چنگچي، رڪشا اهڙي ٽرانسپورٽ طور استعمال ٿين ٿا. انهن ۾ پيٽرول يا گئس استعمال ٿئي ٿو. جيڪو ڊالر جي عيوض هتي پهچي ٿو. هر گهر، اوطاق، اسڪول يا ڪاليج ۾ ٺڪر جا مٽ هوندا هئا. جن مان ٿڌو پاڻي هر وقت ملي سگهندو هو. پر هاڻ بجلي تي هلندڙ فرج ۽ ٻي مشينريز جي مدد سان پاڻي ٿڌو ڪرڻ کان سواءِ استعمال جو رواج ئي نه رهيو آهي. اهڙي ريت هر شعبي ۾ ڏٺو وڃي ته مغرب جو نقل ڪندي، اسان جي منصوبا سازن ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي.
بنگلاديش جو مثال
16 آگسٽ 2021 تي بنگلاديش پنهنجي گولڊن جوبلي جي موقعي تي ملڪي معيشت جا اعداد شمار جاري ڪيا. بنگلاديش جي معيشت جو حجم 238 ارب ڊالر ۽ پاڪستان جي معيشت جو حجم 264 ارب ڊالرز، بنگلاديش جي في ڪس آمدني 2064 ۽ پاڪستان جي في ڪس آمدني 127 آهي. بنگلاديش جا زرمبادله جا ذخيرا 52 ارب ڊالر ۽ پاڪستان جا زرمبادلا جا ذخيرا صرف 21 ارب ڊالر آهن. گذريل پنجاهه سالن ۾ بنگلاديش جي جي ڊي پي گروٿ ريٽ 7 پوائنٽ 9 آهي، پاڪستان جي جي ڊي پي گروٿ ريٽ 1 پوائنٽ 5 آهي. بنگلا ديش ۾ غربت جي شرح 20 سيڪڙو ۽ پاڪستان ۾ غربت جي شرع 40 سيڪڙو کان 48 سيڪڙو رهي آهي. بنگلاديش ۾ خواندگي جي شرح 90 في سيڪڙو ۽ پاڪستان جي شرح خواندگي 59 سيڪڙو آهي. ڊالر جي مقابلي ۾ بنگلاديشي 88 ٽڪا آهن ۽ پاڪستان ٻه سئو هڪ رپيو في ڊالر تي پهتو آهي. جتي پيٽرول 88 ٽڪا 37 پيسا ۽ ڊيزل 79 ٽڪا 62 پيسا آهي. ياد رهي ته 2012 کان 2020 تائين بنگلاديش جي ڪرنسي ڊالر جي مقابلي ۾ صرف هڪ سيڪڙو گهٽ ٿي آهي. جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ پاڪستان جي ڪرنسي ان عرصي دوران پنجيتاليهه سيڪڙو ڪري چڪي آهي. ان عرصي ۾ بنگلاديش برآمدات ۾ 39 في صد وڌي ۽ پاڪستان جي 13 في صد گهٽجي وئي. هن وقت پاڪستان ۾ تجارتي خسارو 39 ارب ڊالر آهي. ان ڳالهه کي ائين به سمجهي سگهجي ٿو ته پاڪستان هڪ ارب جو سامان ٻاهر موڪلي ٿو ۽ اڍائي ارب جو مال ٻاهران گهرائي ٿو. ان ڪري آئي ايم ايف کان فوري بيل آئوٽ پيڪيج گهربل آهي. گئس ۽ بجلي سستي نه هئڻ ۽ لوڊ شيڊنگ جي ڪري پاڪستان جو ٽيڪسٽائيل صنعتڪار وڏي انگ ۾ پنهنجي صنعت پاڪستان مان پٽي بنگلاديش کڻي وڃي چڪو آهي.
بنگلا ديش ۾ جاگيرداري ۽ وڏي زمينداري جو خاتمو آندو ويو آهي. بنگلاديش جي ماڻهن جي سماجي زندگي ۾ سادگي انهيءَ حد تائين آهي جو وڪيل، ڊاڪٽر ۽ پروفيسرز کي به سائيڪل رڪشا تي شهري ٽرانسپورٽ طور سفر ڪندي ڏٺو. انهن جي رهڻي ڪهڻي، اٿڻي ويهڻي ۾ وڏي سادگي آهي. روڊن تي وڏي ۾ وڏي سواري آٽو رڪشا هئي. ان جي مقابلي ۾ پاڪستان جي روڊن تي وڏيون نجي گاڏيون ۽ ٽيڪسيون ڏسي سگهجن ٿيون.