پاڪستان ۾ احتجاجن ۽ ڌرڻن جو سلسلو هلندو رهندو آهي پر انهن ۾ شدت 2014ع کان پوءِ آئي آهي، جنهن جي ڪري اهو سلسلو گهڻو وڌي ويو آهي. عمران خان هڪ ڀيرو وري اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هن پشاور کان لانگ مارچ شروع ڪري اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌرڻو هنيو پر هن ڀيري کيس اهڙي ڪاميابي نه ملي سگهي، جيڪا کيس 2014ع ۾ ملي هئي. سپريم ڪورٽ جي حڪمن ۽ حڪومت جي حڪمت عمليءَ کان پوءِ کيس جلسو ڪري ڏرڻو ختم ڪرڻو پيو، جنهن جي ڪري هاڻ سندس واپسي ٿي چڪي آهي. احتجاج ۽ جلسا ڪرڻ هر ماڻهو توڙي سياسي پارٽيءَ جو حق آهي پر ان دوران جيڪو تشدد ٿئي ٿو، ان جي اجازت بلڪل به نه هجڻ گهرجي، ائين ناهي ته اهو تشدد رڳو حڪومتي ڌر وٽان ٿئي ٿو، پر اهو تشدد احتجاج ڪندڙ ڌر وٽان به ٿئي ٿو. پوليس وارن کي مارڻ کان وٺي سرڪاري ملڪيتون ساڙڻ ۽ عوامي ملڪيتن کي باهه ڏيڻ جا واقعا به هاڻوڪي احتجاج ۾ سامهون آيا آهن. پر ان کان به اهم معاملو معيشت کي نقصان پهچڻ جو آهي، جنهن تي سياسي پارٽين خاص طور تي پي ٽي آءِ کي ويچارڻ گهرجي.
ٻه ڏينهن اڳ ڪروٽ هائيڊرو پاور پلانٽ جي دوري جي موقعي تي ورڪرز ۽ چيني ميڊيا کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 2015ع ۾ چيني صدر شي جن پنگ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف هن رٿا جو پيڙهه جو پٿر رکيو هو. هن رٿا سان 720 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي. هن چيو ته چيني صدر دورانديش ليڊر آهي. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي حڪومت وٽ اپوزيشن کي ڀت سان لڳائڻ، سماج ۾ ورڇ پيدا ڪرڻ لاءِ گهڻو وقت هو. جڏهن ته مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاريءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ان وٽ وقت نه هو. اڳوڻي وزيراعظم هن منصوبي جو دورو به نه ڪيو. هن چيو ته ملڪ ۾ آئيني طريقي سان اسان جي حڪومت اقتدار ۾ آئي آهي ۽ مختصر وقت ۾ اسان معاشي اهميت جي منصوبن تي ڌيان ڏنو آهي ۽ اڄ هن منصوبي جو دورو ڪرڻ لاءِ هتي آيو آهيان. سيپٽمبر 2014 ۾ چيني صدر پاڪستان اچڻ جي موقعي تي پي ٽي آئي ڌرڻو هڻي ڇڏيو، جنهن ڪري چيني صدر جو دورو ملتوي ٿيو. اسان عمران خان کي منٿ ڪئي ته چيني صدر جو دورو ٿيڻ ڏيو ان کان پوءِ ٻيهر ڌرڻي تي ويهي رهو. جڏهن ته هو نه مڙيو. هاڻي وري ڌرڻن جي تياري ڪئي پئي وڃي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عوام عمران کي زور سان چماٽ وهائي ڪڍي، جنهن جو آواز هر هنڌ ٻڌو ويو. ادارن کان ادب سان گذارش آهي ته فتني جا هٿ مضبوط نه ڪريو، اها روايت نه وجهو ته جيڪو ڊيڄاريندو ڌمڪائيندو، ان جي حق ۾ فيصلا ڏيون. هن چيو ته عمران خان هڪ زندهه لاش آهي، پنجاب ۾ بدليون ڪروڙين روپيا وٺي فرح گوگي ڪرائيندي رهي، اهي پئسا بني گالا ويندا رهيا، مسلم ليگ (ن) جو مينڊيٽ کسڻ جي بدلو اڄ پنجاب ورتو. سپريم ڪورٽ کي خاطري ڪرائي وئي هئي ته بدامني نه ٿيندي پر اڃا حڪم جي مَس ئي نه سڪي ته هنن فيصلي جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا. هنن ڊي چوڪ تي گرين بيلٽ کي باهه لڳائي، ملڪيتن کي نقصان پهچايو، اسان ته پهريون ئي چئي رهيا هئاسين ته هي ڏڦيڙ آهي، ان کي روڪيو وڃي. اڄ سپريم ڪورٽ ڏٺو هوندو ته ڪنهن ريت ان جي حڪمن کي ٿڏيو ويو. عمران خان ادارن تي شرم جوڳا حملا ڪري رهيو آهي.
دنيا ۾ احتجاج ڪيا ويندا آهن پر انهن احتجاجن جي اخلاقيات کي پائمال نه ڪيو ويندو آهي، بلڪه اهي احتجاج ايترا ته پرامن هوندا آهن جو ماڻهو لکن جي انگ ۾ هوندي به ڪو جاني ۽ مالي نقصان نه ڪندا آهن، اهي ايمبولينسن کي رستو ڏيندا آهن، اهي وڻن کي باهيون ڏيندا آهن، اهي ملڪيتن کي نقصان ڪونه پهچائيندا آهن نه ئي وري اهي ڪي اهڙو ڪم ڪندا آهن، جن تي کين شرمساري ٿيندي هجي. اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن وڻن کي باهه ڏني، حڪومت انهن تي ڳوڙها گيس جا شيل اڇلايا ۽ تشدد جي واٽ ورتي. ٻنهي پاسي کان جيڪڏهن تشدد ٿيو آهي ته اهو بهتر عمل ڪونهي. ان ڪري حڪومت ۽ احتجاج ڪندڙ ڌر ۾ اهو طئي ٿيڻ گهرجي ته ڪهڙي ريت احتجاج کي پرامن رکيو وڃي جو ان سان ڪو نقصان نه ٿئي. ڇاڪاڻ ته پرامن احتجاج تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن تشدد جي واٽ کان پاسو ڪيو وڃي.