ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اخلاقي جنازي کانپوءِ لانگ مارچ شروع!

Editorial-Article- Muhammad Khan


عمران احمد خان نيازي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سربراهه 25 مئي تي اٽڪ کان پنجاب پھچي لانگ مارچ ڪري اسلام آباد پھچي ويو آھي. عمران احمد خان نيازي “آزادي مارچ” ھيٺ نئين چونڊن جي اعلان تائين اسلام آباد جي ڊي چوڪ ۾ رھڻ جو اعلان ڪيو آھي، جڏھن ته سپريم ڪورٽ کيس اسلام آباد ۾ خاص علائقي ايچ نائن ۾ عام گڏجاڻيءَ جي اجازت ڏني آھي ۽ بس، ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ جي اڳواڻن امن ڀري ريلي ڪڍڻ جي خاطري ڪرائي آھي ۽ عدالت، ضلعي انتظاميا کي عام گڏجاڻيءَ جي جاءِ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آھي. ٻئي طرف، عمران خان نيازيءَ جي دعوى آھي ته سڀ رڪاوٽون ڪراس ڪري ڊي چوڪ پھچنداسون، جڏھن ته وفاقي سرڪار اسلام آباد ڏانھن ويندڙ رستا بند ڪيا ويا آھن ۽ ڀڃڪڙي ڪرڻ تي، پي ٽي آءِ ڪارڪن گرفتار به ٿيا آھن. هڪ اردو اخبار اھا خبر ڇاپي آھي ته سرڪار ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو آھي. ھاڻي لانگ مارچ نه ٿيندو پر رڳو جلسو ٿيندو ۽ جلسي کانپوءِ عمران خان واپس ھليو ويندو. ٺاهه کانپوءِ عمران خان نيازيءَ جي بيانن مان لڳي ٿو ته ھو سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري پنھنجي ڪارروائي جاري رکندو ڪندو.
عمران خان نيازيءَ دعوى ڪئي آھي ته “امپورٽيڊ” سرڪار کي قبول نه ڪنداسون. سندس انوکي دعوى ڏسي ياد آيو ته ھاڻوڪي وفاقي سرڪار ته “اليڪٽيڊ” آھي پر کانئس اھو پڇڻ جي ھمت ڪري سگهجي ٿي ته تون پاڻ “سليڪٽيڊ” ھئين سو اوھان کي اھا اھم سچائي ياد ناھي. سکڻي نڪ جي ايڏي پڪائي به مناسب ناھي جو “اليڪٽيڊ” کي “امپورٽيڊ” سڏي قوم کي گمراه ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، جڏھن ته اوھان پاڻ وزيراعظم طور”سليڪٽيڊ” ھوندا ھئا. عام سوچ آھي ته اوھان جو رويو سدائين عوام ڏانھن دکدائڪ ۽ نامناسب رھيو آھي. ٻئي طرف، ميڊيا موجب آصف علي زرداري، ڪو ـ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو مناسب رويو، وفاقي سرڪار مڃي ڇڏيو آھي ته سرڪار پنھنجو آئيني مدو پورو ڪندي. نواز ليگ جو سربراهه ۽ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ۽ جمعيت العلما اسلام (ف) جو سربراه فضل الرحمان به زرداريءَ جا حمايتي ٿي ويا آھن. فضل الرحمان چواڻي: عمران جي لانگ مارچ جي اھميت ٽڪي جيتري به ناھي، ڏکئي وقت ۾ سياستدانن ۽ ادارن کي ھڪ صفحي تي ھئڻ گهرجي جڏھن ته ناصر شاهه، سنڌ جي وزير چواڻي: عمران خان جي سياست بند گهٽيءَ ڏانھن وڃي رھي آھي.
عمران خان نيازيءَ طرفان لانگ مارچ باوجود وفاقي سرڪار، مقرر وقت کان اڳ عام چونڊن ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي ۽ ڄاڻايو آھي ته آئيني مدو پورو ڪيو ويندو ۽ پي ٽي آءِ ڌرڻي ۾ قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي ته سختيءَ سان منھن ڏبو.
ڪجھه سچايون آھن جن کي ليکڪ طور بيان ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آھيون ته جيئن اسان جا ساٿي پاڻ سوچين ۽ جيڪڏھن عمران خان نيازي وزيراعظم طور ۽ پوءِ، عوام ۽ ملڪ خلاف ڪي مصيبتون پيدا ڪيون آھن ته انھن مان جند ڇڏائڻ يا انھن جي زور کي گهٽائڻ لاءِ پاڻ به جدوجھد ڪن ته بھتر. ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان نيازي جو تازو ملتان ۾ ڏنل بيان پڙھي سڄي ملڪ جي ذميدار ۽ سمجهدار ماڻھن کي زوردار ڏک ٿيو ھوندو. ھونئن به جيڪي سڄي ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ سوچيندا رھندا آھن، تن کي سندس اھڙي ڪردار سبب سخت صدمو رسيو ھوندو. اھا سچائي آھي ته کيس پھريون ڀيرو آگسٽ 2018ع کان اپريل 2022ع تائين ملڪ جو وزيراعظم بڻايو ويو ھو ۽ ڪيترن ليکڪن جو چوڻ آھي ته کيس “سليڪٽيڊ” بڻايو ويو يعني صحيح معنى ۾ “اليڪٽيڊ” ڪونه ھو.
وزيراعظم طور پنھنجن پوڻن چئن ورھين جي اقتدار دوران پاڻ، سندس وزير ۽ سندس پارٽي يعني پي ٽي آءِ جا اھم اڳواڻ اخلاق کان ڪريل ٻوليون عام طور ڪم آڻيندا رھيا جيڪي ميڊيا ۾ شايع ٿيل آھن. سندس تازي پر اخلاق کان ڪريل اعتراض جوڳي بيان مان لڳي ٿو ته ھاڻي اقتدار کان قانوني طور ھٽائڻ باوجود سندس سخت اعتراض جوڳي رويي ۾ ٽڪو به سڌارو ڪونه آيو آھي. اٽلندو، اخلاق جي خيال کان ملڪ جو وڌيڪ ٻيڙو ٻوڙڻ جي چڪر ۾ لاڳيتو رڌل آھي. بھرحال، ھن تازو ملتان ۾ جيڪا سخت اعتراض جوڳي ٻولي ڪم آندي آھي تنھن مان اھو تاثر پيدا ٿي پيو آھي ته سندس اڳيان اخلاق جي ٽڪو به اھميت ڪانھي.
ملتان ۾ عمران خان، محترمه مريم نواز، (ن) ليگ جي اڳواڻ ۽ ملڪ جي ھاڻوڪي وفاقي وزير بابت عمران خان جو بيان چپيل آھي ته “مريم نواز ھر ھر منھنجو نالو وٺي ٿي، ڪٿي سندس مڙس نه ڪاوڙجي پوي.” ميڊيا موجب عمران خان نيازي چواڻي: “مريم نواز جلسي ۾ تقرير ڪري رھي ھئي، ان ۾ ايترا ڀيرا ان جذبي سان ۽ ان جنون سان منھنجو نالو کنيو. کيس چوڻ چاھيان ٿو ته مريم ٿورو ڌيان ڪر، جيئن منھنجو نالو وٺين ٿي، تنھنجو مڙس نه ناراض ٿي وڃي.”
سنڌيءَ ۾ ھڪ مثال آھي: “لوڪ لڏڻ تي، چري اڏڻ تي” سو اھڙو اعتراض جوڳو ۽ افسوس وارو سندس رويو رھيو آھي. اصل ۾ وڏي ڄمار وارا ماڻھو پنھنجي عزت کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندا رھندا آھن پر عمران خان اعتراض جوڳي ٻولي ڪم آڻي پنھنجي عزت پاڻ ئي خطري ۾ وجهي ڇڏيندو آھي.
بھرحال، ھڪ سمجهاڻي ڏيڻ ضروري آھي ته اسان کي نواز ليگ سان سياسي اختلاف به رھيا آھن. سنڌ سميت پاڪستان جي اصل دشمن عمران خان، خلاف تحريڪ ھلائي وئي ھئي ته اسان نواز ليگ جي انھيءَ ڪري لاڳيتي پٺڀرائي ڪئي ته عمران خان کي وزيراعظم طور ڀلي ھٽايو وڃي. بھرحال، اھو دکدائڪ قصو آھي ته سنڌ جي ٺيڪيدارن،” عمران خان نيازيءَ جي سنڌ سميت پاڪستان جي پوڻن چئن ورھين جي لاڳيتي ۽ کليو کلايو دشمنيءَ تي سندس خلاف اڳ ۽ پوءِ اکر به ڪونه ڪڇيو آھي مطلب ته سندس خلاف تحريڪ نه ھلائي آھي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سربراهه آصف علي زرداري، عمران خان خلاف وزيراعظم طور ۽ پوءِ ڪارائتي جدوجھد ھلائي ته اھي، فيس بوڪ تي جائز تنقيد بدران، ڪيترن ورھين کا لاڳيتو کيس کوڙ گاريون ڏيندا رھندا آھن.
عمران خان جي سخت اعتراض جوڳي پر ڪريل رويي تي واسطيدار اڳواڻن جا مختصر بيان به ڏيڻا پوندا ته جيئن صورتحال کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي. نواز ليگ جي سربراهه ۽ ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو: “عمران خان کي ڪھڙي خبر ماءُ ڀيڻ جي عزت ڇا ٿيندي آھي؟ عمران خان پاڪستان جي جيڪا بربادي ڪئي آھي، ملڪي تاريخ ۾ ان جو مثال نٿو ملي. کيس خبر ئي ناھي ته ماءُ ڀيڻ جي عزت ڪنھن کي چئبو آھي. عورتن جي عزت کان اڻواقف آھي. مديني جي رياست جو نالو وٺي اھي حرڪتون ڪري ٿو جيڪي دنيا جي ڪنھن خراب کان خراب سماج ۾ ڏسڻ لاءِ نٿيون ملن.”
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سربراهه بلاول ڀٽي زرداريءَ چواڻي: اسان وات کوليو ته عمران کي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي، انتھاپسنديءَ جي سياست ڏانھن وڌي پيو، پارليامينٽري ۽ آئيني سياست نه پيو ڪري. انھيءَ کان سوا، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سربراهه، آصف علي زرداري مريم نواز بابت عمران جي اعتراض جوڳي بيان کي ننديو. سندس چواڻي:”عمران خان، خدارا، سياست ۾ ايترو ھيٺ ڪري نه پئو.” وفاقي گهرو وزير راڻا ثنااللہ چواڻي: عمران جو وات گندو نالو بڻجي چڪو آھي.
وزيراعظم شھباز شريف عمران خان جي ملتان ۾ بيان تي پنھنجو ٽوئيٽ ظاھر ڪيو آھي. سندس چواڻي: “عمران خان تاريخ جو پھريون شخص آھي جيڪو ھڪ پارٽيءَ جي سربراهه طور بدتھذيبيءَ جي کڏ ۾ وڃي ڪريو آھي. قوم ٺاھڻ نڪتو ھو پر قوم جي اخلاق کي ئي بگاڙي ڇڏيائين. مسجد نبويءَ جو احترام نه ڪندڙن کان مائرن، ڀيڻن ۽ نياڻين جي احترام جي ڪھڙي اميد رکي سگهجي ٿي.”
(ن) ليگ جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي: “عمران خان آئين کي نقصان پھچايو، ادارن خلاف ڪِريل مهم هلائي پر اڄ به لاڏلو آهي.” جاتي امرا ۾ پارٽي جي سوشل ميڊيا ٽيم سان خطاب ڪندي مريم نواز جو چوڻ ھو: عمران خان ادارن خلاف غلط ٻولي استعمال ڪئي، ان تي ته آرٽيڪل 6 لاڳو ٿيڻ گهرجي پر مان توهان سڀني کي ٻڌائي ڇڏيان ته عمران خان اڄ به لاڏلو آهي، جيڪڏهن خدا نه ڪري اهڙيون حرڪتون نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز جون هجن ها ته اسان جا لاش اڄ چوڪن تي ٽنگيل هجن ها.”
بھرحال، سينيئر صحافي طور منھنجو تبصرو آھي ته اھا ڳالهھ خاص ڪري نوٽ ڪرڻ جي آھي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پنھنجي دور ۾ “مدينه رياست” قائم ڪرڻ جو ناٽڪ رچائيندو رھندو ھو پر سندس ڪردار ان جي فائدي ۾ ذرو به ڪونه ھو. ٻيو ته ٺھيو پر سندس اڳيان زندگيءَ ۾ اخلاق جي وٽس ڪا اھميت ڪانه ھوندي ھئي ۽ نه ئي آھي. ھو ۽ سندس ساٿي جيڪا ٻولي ڪم آڻيندا ھئا سا ڪريل ۽ اخلاق جي خلاف ھئي. مون کي پڪ آھي ته جيڪڏھن عمران خان ٻيھر اقتدار ۾ آيو ته سڄي ملڪ کي اقتصادي طور ۽ اخلاقي طور گهڻو تباهه ڪري ڇڏيندو ۽ گارين کي غير سرڪاري طور پنھنجي “آفيشل لئنگيج” طور ڪم آڻيندو، تنھنڪري ملڪ جي سياسي ۽ اخلاقي تباھيءَ مان جند ڇڏائڻ لاءِ، سندس سياسي مخالفت وڌائڻ کپي ته جيئن ٻيھر اقتدار ۾ ڪنھن به صورت ۾ نه اچي سگهي جنھن ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ جو فائدو سمايل ھوندو. جيستائين مقرر وقت کان اڳ عام اليڪشن ڪرائڻ لاءِ جيڪو ناٽڪ رچائي ٿو تنھنجي به سخت مخالفت جاري رکڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته لاڳيتا ۽ ڪوڙا بيان ڏئي عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھي ٿو ته جيئن کيس ٻيھر اقتدار ملي ۽ ڳاٽي ٽوڙ لاڳيتي مھانگائي ۽ بيروزگاري وري آڻي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏي. بھرحال، عام چونڊون مقرر وقت تي ڀلي ٿيڻ گهرجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button