نيازي جو تماشو ناڪام ٿي پڄاڻي تي پهچي چڪو آهي، ۽ هو گهر ڀڄي چڪو آهي. نيازي جي اهڙي رسوائي مان انهن کي سبق سکڻ گهرجي جيڪي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته کيس وڏي “عوامي حمايت” حاصل آهي. سندس ذليل ناڪامي مان ثابت ٿيو ته هن مهل تائين نيازي جيڪو ڪجهه به ڪري رهيو هو، ان پويان واضح طور متحد اسٽيبلشمينٽي هٿ هو، جنهن کي ڄاڻي واڻي نيازي جا حامي نظرانداز ڪري، ان کي “عوامي حمايت” ۽ عوام ۾ سندس “مقبوليت” سان ڀيٽي رهيا هئا. جيتوڻيڪ کيس هاڻي به اسٽيبشلمينت جي هڪ حصي جي حمايت حاصل آهي، پر لڳي ٿو ته اها ٻئي حصي جي ڀيٽ ۾ گهڻو اثررسوخ نه پئي رکي. اڳي کيس اڻ ورهايل اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل هئي. تنهنڪري، پنهنجي حڪومتي دور ۾ هن هر عوام دشمن قدم کنيو پر ان خلاف ڪا اثرائتي مزاحمت نٿي سگهي.
نيازي جي ڪلهه اقتداري شهر مان رسوا ٿي نڪرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ اهي انڪشاف ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا ته هو “فيس سيونگ” چاهي ٿو. ڇاڪاڻ ته ڪجهه برگر ڪلاس جي اداڪارن ۽ اداڪارائن جي سندس حمايت ۾ بيان ۽ مراعت يافتا شهري اپر مڊل ڪلاس جي ڪجهه واندن ممي ڊيڊي ٻارن جي نيازي جي جلسن ۾ شرڪت تي نيازي سميت سڄي پي ٽي آ قيادت سمجهيو پئي ته کين وڏي ڪا “عوامي حمايت” حاصل ٿي وئي آهي هو کٿا نه پئي ماپيا، سو ان خوشفهمي اسلام مارچ جو اعلان ته ڪرائي وڌو پر سندن اميدن تي پاڻي تڏهن ڦيرجي ويو جڏهن ملڪ جي عوام سندن نام نهاد مارچ ۾ شرڪت نه ڪري، کين ناڪام بڻائي ڇڏيو، ان موڊ کي نيازي 26 مئي جي رسوائي کان اڳ ۾ ئي سمجهي ورتو هو، اهو ئي سبب هو جو هو سوديبازي تي لهي آيو. ڇاڪاڻ ته 25 مئي تي ئي ميڊيا ۾ اهي خبرون اچڻ شروع ٿي ويون هيون ته نيازي “فيس سيونگ” لا هٿ پير هڻي رهيو آهي. ميڊيا خبرن ڏني ته حڪومتي ذريعن گذريل ٻن ڏينهن ۾ پي ٽي آئي اڳواڻن جي حڪومت ۽ ادارن سان رابطن جو انڪشاف ڪيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جا اڳواڻ حڪومت ۽ ادارن کان ٻن ڏينهن کان رابطي ۾ هئا ۽ فيس سيونگ گهري رهيا هئا. حڪومتي ذريعن دعويٰ ڪئي ته پي ٽي آئي اڳواڻن رابطن ۾ وچون رستون ڪڍڻ ۽ فيس سيونگ جي درخواست ڪئي. اسد قيصر وفاقي وزير اياز صادق سان رابطو ڪيو ۽ ڳالهين جي درخواست ڪئي. حڪومتي ذريعن مطابق پي ٽي آئي اڳواڻن درخواست ڪئي ته حڪومت طرفان چونڊن لاءِ 7، 8 مهينن کان پوءِ ئي تاريخ ڏني وڃي. ذريعن مطابق (ن) ليگ پي ٽي آئي سان ڳالهين جو معاملو پارٽي اڳواڻ نواز شريف جي سامهون رکيو ته ان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. حڪومتي ذريعن مطابق (ن) ليگي قيادت جي انڪار کان پوءِ پي ٽي آئي جي ٽن اڳواڻن ان حوالي سان ادارن سان رابطو ڪيو. پي ٽي آئي اڳواڻن ادارن سان ملڪ احمد خان ۽ احسن اقبال جي ذريعي ڳالهه ٻولهه جي درخواست ڪئي. پي ٽي آئي ادارن سان حڪومت سان ڳالهيون ڪري ان صورتحال کان محفوظ رستو گهريو. حڪومت هڪ دفعو ٻيهر پي ٽي آئي کي محفوظ رستو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ تجويز ڏني ته عمران خان پاڻ ڳالهين جي خواهش جو اعلان ڪري.
ان مان ظاهر آهي ته نيازي اڳ ۾ آڻ مڃي ورتي هئي، کيس خبر هئي ته 26 مئي جي ذلالت کڻڻ کان بهتر آهي ته ڪو وچون رستو ڪڍي معاملي کي لئي مٽي ڪجي پر شهباز سرڪار به سمجهيو پئي ته هي ئي وقت آهي جو نيازي کي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو سبق سيکارجي. جيئن ته سرڪار وٽ تمام گهڻا وسيلا هوندا آهن، ان کي خبر هوندي آهي ته مخالف ڌر جي پارٽي ڪيتري سگهه ۾ آهي، تنهنڪري، شهباز سرڪار کي خبر هئي ته کيس ڪنهن به قسم رستو ڏيڻ يا فيس سيونگ ڏيڻ هن جي مرندڙ سياست کي ڪٿي جيئاري نه وڃي، اهو ئي سبب هو جو نيازي کي ڪا به فيس سيونگ نه ڏئي وئي، ايئن هو ڪلهه اسلام آباد مان تاريخ جي بدترين رسوائي کڻي ڀڄي ويو. هن پاڻ ثابت ڪري ڇڏيو ته کيس ڪا به “عوامي حمايت” حاصل نه هئي، نه ئي سندس عوام ۾ “مقبوليت” هئي. هي سڄي پروپئگنڊا هئي، جيڪا عوام کي گمراهه ڪرڻ لا ڪئي پئي وئي. جيتوڻيڪ عوام ته ڪڏهن به نيازي جي جلسن ۾ شرڪت نه ڪئي، ڇاڪاڻ ته عوام جي اڪثريت هن ملڪ جي ڳوٺن ۾ رهي ٿي، ڳوٺن جو عوام ته نيازي جي سڄي عوام دشمن سياست کان بيزار رهيو آهي، هو ته نيازي کي نه رڳو پنهنجو دشمن سمجهي ٿو پر جمهوريت ۽ سياسي ڪلچر جو به دشمن سمجهي ٿو. عوام کي نيازي نه ڪلهه قبول هيو ۽ نه ئي هاڻي قبول آهي، نيازي جي مارچ جي ناڪامي ان جو واضح ثبوت آهي. ها باقي نيازي کي شهرن جي سر ڦريل مراعت يافتا اپر مڊل ڪلاس جي حمايت ضرور حاصل رهي آهي، جيڪي سندس جلسن ۾ اچن ٿا پر هي به تاريخ جو عجب لقا آهي جو نيازي جي مارچ ۾ ان اپر مڊل ڪلاس جي ممي ڊيڊي ٻارن به شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. مطلب ته نيازي جو هي سڄو تماشو بري طرح ناڪام ٿيو. کيس تاريخ جي وڏي ۾ وڏي ذلالت ۽ رسوائي نصيب ٿي ۽ هو اها ذلالت ۽ رسوائي کڻي ڀڄي ويو.
نيٺ هاڻي ڇا ٿيڻ گهرجي؟ دراصل اهو ئي اهم سوال آهي، جنهن جو جواب شهباز سرڪار کي ڏيڻو آهي، عوام دشمن نيازي ٽولو معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ويو، ان ۾ ڪي به ٻه رايا ناهن پر هاڻي رڳو ان پٽڪي تي عوام کي گهڻي دير تائين ريجهائي نٿو سگهجي؟ نه وسارڻ گهرجي ته اڳوڻين سرڪارن جي جي عوام دشمن پاليسين جري ڪري، نيازي جي جهڙي ماڻهو لا اسپيس پيدا ٿي، جيڪڏهن اڳوڻيون سرڪارون ايڏيون عوام دوست هجن ها ته نيازي لا ڪڏهن به اهڙي خلا پيدا نٿي ها، جنهن کي آساني سان ڀري سگهي ها، هاڻي شهباز سرڪار کي اهو ثابت ڪرڻو آهي ته هو نيازي ٽولي کان مختلف آهي، هو عوام جي ڀلائي لا هي هي منصوبا رکي ٿي.
هاڻي شهباز سرڪار وٽ سمورا وسيلا آهن، جيڪڏهن هو اڃا به نيازي جي ڇڏيل معاشي تباهي جو ڍنڍورو پٽيندي رهي ته پو اهو پڪ سان سمجهڻ گهرجي ته سندس نيت ۾ فتور آهي. شهباز سرڪار کي هاڻي اهو ثابت ڪرڻ گهرجي ته هو معيشت کي هيئن سڌارڻ چاهي ٿي ۽ وٽس هي پلان آهي. اهو پلان ڪٿي آهي؟ لڳ ڀڳ ٻه مهينا پورا ٿيڻ وارا آهن، سرڪار اڃا تائين ڪو جامع معاشي پلان پيش ڪري نه سگهي آهي. شهباز سرڪار وٽ به جيڪڏهن معاشي گهوٽالي مان نڪرڻ جو رستو آهي ته اهو مالياتي سامراجي ادارن وٽ وڃڻ جو ئي رستو آهي. جيڪو حڪمران دوست ته ٿي سگهي ٿو پر عوام دوست نٿو ٿي سگهي. پر هاڻي ته آ ايم ايف به ڳالهيون نه پئي مڃي. جيڪڏهن صورتحال اها آهي ته پو هو معاشي گهوٽالي جو خاتمو ڪيئن آڻيندي؟ ان سڄي صورتحال کان عوام کي نيٺ آگاهه ڇو نه پيو ڪيو وڃي. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ اوهان جا هٿ ٻڌي ويٺي آهي ته پو ان کان به ته عوام کي آگاهه ڪرڻ گهرجي. هي حڪمران جيڪڏهن واقعي به پاڻ کي عوام دوست سمجهن ٿا ته پو اسٽيبلشمينٽ جي سڄي عوام دشمن ڪردار کي عوام آڏو رکڻ گهرجي. عوام کي ٻڌايو وڃي ته اسٽيبلشمينٽ پاران هيئن هيئن رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن، بعد ۾ هنن کي حڪومت کان ڌار ٿي وڃڻ گهرجي. ڇا شهباز سرڪار ايڏي جرئت ڪري سگهي ٿي؟