ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پيٽرول اسمن ۾ واڌ ۽ مهانگائيءَ جو بار

Editorial

پاڪستان جي هر حڪومت پيٽرول اسمن جا اگهه گهڻو ڪري رات جي وقت ۾ وڌائيندي آهي، حڪومت جي اوچتي اعلان جي ڪري نه رڳو عوام کي پريشانيءَ کي منهن ڏيڻو پوندو آهي پر ان سان عوام جي مٿان اوچتو مهانگائيءَ جو بار پڻ وڌي ويندو آهي. ملڪ جي معيشت هن وقت آءِ ايم ايف جي رحم ڪرم تي لڳي پئي آهي. قرض تي هلندڙ ملڪ جي معيشت ڪڏهن به پاڻڀري نٿي ٿي سگهي، تنهنڪري هن وقت به نئين چونڊيل حڪومت آءِ ايم ايف تي ڀاڙي رهي آهي ۽ اها آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ڪري نئون قرض وٺڻ جي ڪوششن ۾ لڳي پئي آهي. پر ڇا آءِ ايم ايف جي شرطن آهر عوام تي ٽيڪس مڙهي مهانگائي وڌائڻ سان ملڪي معيشت بهتر ڪري سگهجي ٿي، ڇا عوام کي اهڙي ريت رليف ڏئي سگهجي ٿو. پر هتي ته حڪومت ڪنهن به ريت رليف ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ٻه ڏينهن اڳ حڪومت اوچتو پيٽرول اسمن جي في ليٽر ۾ 30 روپيا واڌ ڪري عوام کي جهٽڪو ڏئي ڇڏيو آهي.
ڪالهوڪي آيل خبر موجب وفاقي حڪومت مهانگائي ماريل عوام تي هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 30 رپيا في لٽر واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو. قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ في لٽر پيٽرول 179 رپيا 86 پئسا، هڪ لٽر ڊيزل 174 رپيا 15 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل آئل 148 رپيا 31 پئسا ٿي ويو.. ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پريس ڪانفرنس ڪندي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ڏکيو فيصلو هو ته اسان عوام تي بار وجهون ۽ وجهون ته ڪيترو وجهون. آئون اڳ کان چئي رهيو هئس ته عوام تي ڪجهه نه ڪجهه بار وجهڻ اڻٽر آهي، ڇو ته حڪومت کي نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هن مهيني جي پهرين 15 ڏينهن ۾ 55 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي. هيءَ حڪومت برداشت نٿي ڪري سگهي، هڪ پاسي حڪومت هلائڻ جو ماهوار خرچ 42 ارب آهي. جڏهن ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي مد ۾ سبسڊي 120 ارب رپيا آهي. مفتاح اسماعيل چيو ته گذريل حڪومت جي پاليسين سبب اڄ مهانگائي آهي، جيڪڏهن گذريل حڪومت جي فارمولي تي عمل ڪيو وڃي ها ته پيٽرول جو اگهه 205 رپيا في لٽر هجي ها. هن چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ سبب قيمتن ۾ ٿورو اضافو ٿيو آهي پر پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ سان رپيو مستحڪم ٿيندو. آءِ ايم ايف به پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ تائين رليف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. مفتاح اسماعيل چيو ته عوام تي ڪنهن به قسم جو بار وجهڻ اسان لاءِ ڏکيو فيصلو هو پر اڳوڻي حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه مقرر ڪري ڇڏيا، جنهن سبب عوام کي نقصان پهچايو ويو. ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته جيئن روپيو سستو ٿيندو پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي، اسان سمجهون ٿا ته فيصلي سان اسان جي سياست کي نقصان ٿيندو پر اسان لاءِ ملڪ ۽ معاشي صورتحال وڌيڪ اهم آهي. اڄ اسان مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون پر وزيراعظم شهباز شريف قيمتن ۾ واڌ جو اهو ڏکيو فيصلو ڪيو آهي.سندس چوڻ هو ته رات 12هين وڳي کانپوءِ پيٽرول، ڊيزل، ڪيروسين آئل ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 30 رپيا في لٽر واڌ ٿي وئي آهي. قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ في لٽر پيٽرول 179 رپيا 86 پئسا، هڪ لٽر ڊيزل 174 رپيا 15 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل آئل 148 رپيا 31 پئسا ٿي ويندو.
ڀلي هي ڏکيو فيصلو هجي پر عوام وٽ حڪمرانن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ کان سواءِ ڪجهه ناهي. هن فيصلي کان پوءِ عوام جي چيلهه ئي چٻي ٿي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته ايتري واڌ ڪڏهن به ڪانه ٿي آهي ۽ اهڙي واڌ کان پوءِ جيڪو مهانگائيءَ جو طوفان ايندو، ان کي منهن ڏيڻ عوام لاءِ ڏکيو ٿي پوندو. هر حڪومت عوام تي بار وجهڻ ۾ دير ڪانه ڪندي آهي پر ان ڪڏهن ان باري ۾ سوچيو آهي ته ان کي اهي خرچ گهٽائڻ گهرجن جيڪي غير ضروري ۽ غير پيداواري آهن. ڪاموراشاهيءَ جا شاهي خرچ گهٽائڻ لاءِ حڪومت ڪڏهن به تيار ناهي ٿيندي. سرڪاري ادارن ۽ ملازمن کي مليل غير ضروري مراعتون به ملڪي معيشت کي بار آهن پر انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت ڪو فيصلو نه ڪندي آهي. ڇا انهن کي گهٽائي ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ جو رستو نٿو کلي سگهي ۽ عوام کي ڪجهه رليف نه ملي سگهندو. ڇاڪاڻ ته عوام هڪ حد تائين ته مهانگائي ۽ ٽيڪسن جو بار برداشت ڪري سگهي ٿو پر وڌيڪ نٿو ڪري سگهي.
اسين سمجهون ٿا ته هاڻوڪي حڪومت به عمران خان جي نقش قدم تي هلندي مهانگائي وڌائي رهي آهي. تنهنڪري ان کي گهرجي ته اها اهڙا فيصلا نه ڪري جيڪي تڪراري هجن يا جن سان عوام لاءِ وڌيڪ پريشانيون جنم وٺن. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته غير ضروري خرچن کي ختم ڪري وڌ کان وڌ عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button