ڪردار نگاريءَ جو فن هڪ ناول نگار جي ناول کي وڌيڪ وزنائتو ڪري ڇڏيندو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪردارن جي نفسيات، انهن جي روين ۽ انهن جي عادتن وسيلي ئي انهن کي پرکي سگهجي ٿو. ائين ئي جيڪي ڪردار “لو ان دي ٽائيم آف ڪالرا” ۾ ڏنل آهن، اهي پنهنجن پنهنجن دائرن ۾ رهندي به هڪ الڳ دنيا جا مالڪ آهن. پر فلورينتو اريزا جو ڪردار سڄي ناول ۾ ان ڪري الڳ نظر اچي ٿو جو هو اهڙو عاشق آهي، جنهن فرمينا دازا جو اڌ صديءَ کان مٿي انتظار ڪيو آهي.
“مون اڌ صديءَ کان وڌيڪ ان موقعي جو انتظار ڪيو آهي، ته جيئن آئون هڪ ڀيرو وري پنهنجي دائمي وفاداري ۽ ابدي پيار جو قول پاڙي سگهان.”
هو ان آرسيءَ کي به خريدڻ لاءِ هر اگهه ڏيڻ لاءِ تيار هوندو آهي، جنهن ۾ فرمينا دازا رڳو هڪ ڀيرو پنهنجو پاڻ کي ڏسندي آهي ۽ نيٺ هو ان آرسيءَ کي خريد ڪندو آهي. فلورينتو جو عشق ۽ انتظار ڪيترو ڊگهو ٿي ويندو آهي، ان جو اندازو کيس هر لمحي رهي ٿو پر ان دوران هو جن نوجوان ڇوڪرين سان قرب ونڊي ٿو، انهن مان هڪ آمريڪا ويڪونا به هوندي آهي، جيڪا اسڪول جي شاگردياڻي هوندي آهي، پر جڏهن فلورينتو جي رسائي فرمينا تائين ٿئي ٿي ته هو کيس نظر انداز ڪرڻ لڳي ٿو ۽ هن کان پري رهڻ جا بهانا گهڙيندو آهي، پنهنجي تعليم تي ڌيان نه ڏئي سگهندڙ آمريڪا ويڪونا نيٺ آپگهات ڪري ڇڏيندي آهي.
ناول جي ڪهاڻي هڪ پاسي پيار ڪندڙ جوڙي جي چوڌاري ڦرندي رهي ٿي پر ٻئي پاسي سماج ۾ جيڪا اٿل پٿل ٿئي ٿي، يا جيڪا تبديلي نظر پئي ايندي آهي، ان جا سماج تي اثر ظاهر ٿيڻ لڳن ٿا. ڪالرا جي ڪري ماڻهن جي نفسيات ڪيئن پئي ٿيندي آهي، ان دوران ڊاڪٽر اربينو ڪالرا کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا اپاءَ وٺي ٿو ۽ هو ان باري ۾ ڪيترو سنجيده آهي. اهو پاسو به ناول ۾ موجود آهي. ان کان سواءِ جنگ ڪيئن سماج کي متاثر ڪندي رهندي آهي، ماڻهن جا گهر تباهه ٿيندا رهندا آهن. فرمينا دازا ۽ ڊاڪٽر اربينو جو زال مڙس وارو رشتو آهستي آهستي هڪ رواجي زال مڙس جي رشتي ۾ مٽجي وڃي ٿو. فرمينا لاءِ ڊاڪٽر اربينو ان وقت گهڻُو اوپرو ٿي ويندو آهي، جڏهن هو هڪ شيدڻ سان عشق ڪري ٿو. اها خبر فرمينا کي ڊاڪٽر اربينو جي ڪپڙن مان ايندڙ ڪنهن عورت جي جسم ۽ پرفيوم جي خوشبوءِ مان پوندي آهي، جيڪا هن لاءِ بلڪل نئين هوندي آهي. هن جي سونگهڻ جي حس ايتري ته تيز هوندي آهي، جو جڏهن سندس هڪ ٻار گهر جي ڪٻٽ ۾ بند ٿي ويندو آهي ته فرمينا نڪ جو استعمال ڪندي ان کي ڳولي لهندي آهي. ان ڪري اربينو جي نئين عشق جو پتو به هوءَ پنهنجي نڪ وسيلي لڳائيندي آهي. ترانسنتو اريزا جي ياداشت ختم ٿيڻ کان پوءِ هوءَ فقط اهو ياد رکي سگهندي آهي ته سندس پٽ کي ڪالرا جي بيماري ٿي هئي، هوءَ ان جي عشق واري روڳ کي وساري ڇڏيندي آهي. ناول ۾ سماجي ۽ ازدواجي زندگيءَ جي گڏوگڏ منظرڪشي ڪئي وئي آهي، جيئن مارڪيز لکي ٿو:
“سماجي زندگيءَ ۾ مسئلو اهو آهي ته خوف تي ڪيئن ضابطو آندو وڃي ۽ ازدواجي زندگيءَ ۾ مسئلو اهو آهي ته بوريت تي ڪيئن ضابطو آڻجي.”
جڏهن ڊاڪٽر اربينو پاليل طوطي کي جهلڻ لاءِ وڻ تي چڙهي ٿو ۽ ڪري مري ٿو وڃي ته اهو اهڙو موقعو هوندو آهي، جڏهن فلورينتو کي فرمينا سان ملڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ هو ان ساڳي ڪيفيت ۾ پنهنجي پيار جو اظهار ڪري ٿو جهڙو هن اڌ صدي اڳ ڪيو هو. ائين اهي ٻئي هڪٻئي جي ويجهو اچڻ لڳن ٿا، فرمينا پنهنجو گهر ۽ ٻار ڇڏي فلورينتو سان ملڻ وڃي ٿي، هوءَ سامونڊي جهاز تي هن سان چڙهي هڪ ڊگهي سفر ڏانهن نڪري ٿي وڃي ۽ اهو ئي اهو لمحو هوندو آهي، جنهن جي انتظار ۾ فلورينتو پاڻ کي ڳاريندو پيو آهي. هو جهاز جي ڪپتان کي وبا جو علامتي جهندو هڻڻ جو چوي ٿو ته جيئن انتظاميه کي لڳي ته ان سڄي جهاز ۾ رڳو ڪالرا جا مريض آهن، پر مريض هوندي به ان جهاز ۾ ٻه اهڙا پيار ڪندڙ وجود هوندا آهن، جيڪي انتظار جي آڙاهه ۾ پيا سڙندا آهن.
ڪوبه ليکڪ جيڪڏهن ڪهاڻي بيان ڪرڻ جو فن سکڻ چاهي ٿو ته ان کي گارشيا مارڪيز جا ناول ضرور پڙهڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته هو نه رڳو ناول جي پلاٽ جي اڻت وسيلي ڪهاڻي بيان ڪرڻ جو ماهر آهي پر هن کي خبر آهي ته ڪردار کي پنهنجي واتان پڙهندڙ تائين اهڙي ريت بيان ڪجي جو ڪردار پاڻ نه ٻڌائي ته هو ڪهڙو ۽ ڪيئن آهي پر پڙهندڙ پاڻ پرکي وٺي ته ڪردار جي اصليت ڪهڙي آهي. هي هڪ شاهڪار ناول آهي، جنهن جي هر صفحي تي ڪا نه ڪا اهڙي ڳالهه لکيل آهي، جيڪا نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي. ان ڪري ئي ناول شروع ڪرڻ شرط پڙهندڙ ناول کي اڌ ۾ نٿو ڇڏي سگهي.
محبتن جون ڪهاڻيون ائين به بيان ڪري سگهجن ٿيون، جيئن گارشيا مارڪيز بيان ڪندو رهيو آهي. ان لاءِ سٺي ڪردار نگاري، سٺي منظرنگاري کان وٺي قصي بيان ڪرڻ جي هنر جي ضرورت آهي. هي ناول دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آهي ۽ اڄ به ان جي اهميت ايتري ئي آهي، جيتري ان زماني ۾ هئي، جڏهن اهو ڇپجي پڌرو ٿيو هو. ناول نگاري رڳو ڪنهن هڪ ادبي لاڙي تائين محدود ڪانهي بلڪه اها وقت سان گڏوگڏ تبديل پڻ ٿيندي رهي آهي، هاڻ اهو هڪ ناول نگار تي آهي ته هو ڪهڙي ريت پنهنجي ناول جي ڪهاڻي بيان ڪري ٿو. بهرحال گارشيا مارڪيز هن ناول ۾ جيڪي ڳالهيون بيان ڪيون آهن، اهي نوٽ ڪرڻ جهڙيون آهن:
*جتي گل ڪومائجي ويندا آهن، اتي لذتون فنا ٿي وينديون آهن.
- پنهنجي اڪيلائين ۾ اڃا به ان ڳالهه تي ويساهه رکندو هو ته خاموشيءَ سان پيار ڪرڻ ۾ هن جيترو وقت لڳايو آهي، ايترو وقت هن دنيا ۾ ڪڏهن ڪنهن ٻئي ڪونه لڳايو هوندو.
*هن جي هرڻي جهڙي تيز هلڻي مان ائين لڳندو هو ڄڻ هوءَ زمين جي ڪشش کان آجي هجي.
*ڪي معاملا اهڙا هوندا آهن، جيڪي فقط پيار لاءِ ڪيا ويندا آهن. - انهن خطن کي ايتري پيار سان لڪايو ويو هو، جيتري پيار سان انهن کي لکيو ويو هو.
*خدا سمنڊ ان ڪري ٺاهيو آهي ته جيئن ماڻهو دريءَ مان ان جو نظارو ڪري سگهي. - دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو هوندا آهن، هڪڙا اهي جيڪي پيار ڪندا آهن، ٻيا اهي جيڪي ڪونه ڪندا آهن.
*منهنجي دل ۾ ڪنهن طوائف جي ڳاڙهي بازار جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪمرا آهن.
(پورو ٿيو)