ڇا هن ملڪ جي سياسي پارٽين کي يعني انهن جي ليڊرن ۽ مرڪزي اڳواڻن کي اها ڄاڻ ناهي ته پارلياماني جمهوريت جا بنيادي جز ڪهڙا آهن ۽ پارلياماني جمهوريت جي لاءِ سياسي عمل ۽ ڪلچر ڪهڙو هجڻ گھرجي هي سڀ جو سڀ ان علم ۽ سمجھه کان اڻ ڄاڻ ناهن هنن کي پوري پوري خبر آهي ته پارلياماني سياست ڪيئن ڪرڻ گھرجي جنهن سان پارلياماني جمهوريت مضبوط ۽ مستحڪم ٿئي، تنهن ڪري هن موضوع تي لکڻ ۽ بحث ڪرڻ يا ڳالهائڻ جو مقصد اهو قطعي ناهي ته اسان پارٽين جي انهن مٿين پرتن کي مخاطب ٿي ڪري انهن سان گفتگو ڪيون ۽ پنهنجو پاڻ کي اسان بيربل سمجھون يا بڻائڻ جي ڪوشش ڪيون. بادشاهي دورن ۾ انهن جي يعني بيربلن جي هڪ حد تائين ضرورت هوندي هئي پر سياسي پارٽين جي اندر ليڊرن سان ڪيترائي خوشامدي بيربل شامل هوندا آهن پر انهيءَ جي ابتڙ منظر هي پيو نظر اچي ته سياسي پارٽين جا اڳواڻ افلاطوني عقل جو مظاهرو ڪندي پارٽي ۽ عوام کي روز سياست ۽ سماجي ڪردارن جي متعلق تقريرون ڪندي سمجھندا رهندا آهن ۽ هو اهو ئي سمجھندا آهن ته اسان کي سمجھڻ جي ضرورت ناهي پر پارٽي ڪارڪن ۽ عوام کي سمجھائڻ جي ضرورت آهي پاڻ کي عقل ڪل سمجھڻ جي مغالطياتي بيماري ڪنهن هڪ پارٽي جي ليڊر کي ناهي پر توهان کي ٿوري گھڻي فرق سان سڀني ۾ ساڳي نظر ايندي، ها جيڪڏهن ٿورو گھڻو فرق آهي ته اهو صرف اهو ته هڪڙا انهيءَ جو اظهار سادن لفظن ۾ ڪندا آهن ۽ ٻيا وڌي چڙهي زور شور سان ڪندا رهندا آهن جيئن هن وقت جي اسڪرين تي پي ٽي آئي جو اڳواڻ عمران خان نيازي وڏي اعتماد سان پارٽي ۽ عوام سان مخاطب ٿيندي ائين محسوس ڪرائيندو آهي ته ڄڻ هو ڪنهن اسڪول جي معصوم ٻارن کي پڙهائيندو هجي يا ڪنهن مدرسي جي طالبن کي درس ڏيندو هجي.
ڪڏهن ڪڏهن ته هو ڄڻ ڪنهن پوئتي پيل علائقي جي ماڻهن کي مولوين جيان واعظ ڪندي مخاطب ٿيندي نظر ايندو آهي پر هو ڪمال اعتماد سان شهر جي انهن هجومن ۾ به پنهنجو انداز ساڳيو اختيار ڪندي نظر ايندو ائين ئي محسوس ڪرائيندو آهي ته توهان کي ڪا خبر ناهي مان توهان کي سمجهايان ٿو ۽ منهنجي ڳالهھ سمجھي ڇڏيو مذهبي مولوين جيان (عالمن کي الڳ سمجھڻ گھرجي) پاڻ کان سواءِ ٻين کي اڻ ڄان بي سمجھه ۽ جاهل تصور ڪرڻ اهو سڀ ڪجھه ڪندي هڪ دانستا حڪمتِ عملي تيار ڪندا آهن ته ٻيو ڪو به هنن کي سمجھائڻ جي ڪوشش نه ڪري اهو معاملو ۽ طريقو سڀني سان لاڳو آهي پر جيڪو وڌيڪ ۽ چڙهيل نظر اچي ٿو انهيءَ تي ڳالهايون ٿا هو ٺيڪ طرح سان اهو سمجھندا آهن ته جيڪڏهن صلاح مصلحت ۽ سڀني جي راءِ کي اهميت ڏيڻ جو اصول اپنائينداسين ته پوءِ پنهنجا فيصلا نه مڙهي سگھنداسين تنهن ڪري طريقيڪار ئي اهڙو هجي جو کين فيصلن ۾ ڪا به رڪاوٽ نظر نه اچي.
مون کي ٺيڪ طرح سان ياد آهي ته پ پ پ اڳواڻ نثار کهڙي سان منهنجي ڪچهري ٿي 1993 ڌاري جڏهن صدر اسحاق تڏهن جي وزير اعظم نواز شريف کي ناپسند ڪرڻ شروع ڪيو هو ۽ اسٽيبلشمينٽ پنهنجا ٻيا پتا شو ڪرڻ لڳي تڏهن نواز شريف، محترمه بينظير ڀٽو کي تمام گھڻو قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو آئيني امينڊمينٽ ۾ سندس ساٿ ڏي ته صدر جا لا محدود اسيمبلي ٽوڙڻ جا اختيار ختم ڪجن تڏهن مون کيس چيو ته اوهان محترمه کي قائل ڇو نٿا ڪريون ته هو اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت کي ختم ڪرائڻ ۾ نواز شريف جو ساٿ ڏي ته محترم منهن ۾ گنجهھ آڻيندي چيو ته سائين اسان کان وڌيڪ محترمه سمجھي ٿي تنهن ڪري ان کي چوڻ غلط آهي هو مالڪ آهي جيڪو حڪم ڪندي اهو ڪنداسين سندس جواب ۽ رويي مان مون اهوئي اندازو لڳايو ته هو ان موضوع تي ٿوري به ڳالهائڻ جي لاءِ تيار ناهي پر مان کيس ان وقت چيو هو ته کهڙا صاحب وقت توهان سڀني کي مجبور ڪندو ته توهان اقتدار جي حاصلات ڪرڻ جي لاءِ بي ڊرو ڊيل جي گيم کان پاڻ کي ٻاهر ڪڍي اچو خير جيڪو ٿيو اسان جي اڳيان آهي ۽ پوءِ ميثاق جمهوريت به اسان جي اڳيان آهي پر ان جي باوجود وري مشرف سان جيڪو اين آر او ٿيو انهيءَ کي به پاڻ ڏٺو ۽ هن وقت جيڪو ڪجھه ٿئي پيو اهو به ڏسون پيا، پاڻ کي انقلابي چوندڙ نواز شريف انهيءَ ٽيبل تي ويٺل آهي جنهن جي لاءِ سخت تنقيد ڪئي هئائين هي سڀ ڪندا اهو ڪندا جيڪو هنن جي اقتداري مفاد جي لاءِ آهي ۽ بلڪل ائين اهڙي طرح ئي عمران خان به ڪري رهيو آهي فرق هي آهي ته هو تازو زخمي ٿي اقتدار کان ٻاهر نڪتو آهي ڪجھه عرصي کان پوءِ ڪهڙي موڙ تي ڪهڙو يوٽرن وٺندو اهو اسان کي ايندڙ وقت ۾ نظر ايندو ڇا عمران خان اهو نٿو سمجھي ته پارلياماني جمهوريت جي سياست ڪهڙي انداز سان ٿيڻ گھرجي، پارليامينٽ جي اندر پارليامينٽ جي ميمبرن پنهنجي پارٽي جي منتخب نمائندن ۽ ٻين پارٽين جي ڪيتري اهميت هجي ٿي مثال جيڪڏهن اقتداري دور ۾ يعني پنهنجي حڪومتي دور ۾ عمران خان پنهنجي پارٽي جي تمام ميمبرن سان جمهوري ۽ فرينڊشپ جو ڪلچر وڌائيندي سڀني کي گڏ کڻي هلي ها ته هن جي پارٽي ۾ باغي گروپ پيدا ٿيڻ ان ڪري تمام مشڪل هو جو کين تنقيد جو روياتي گرائونڊ ڪڏهن نه ملي ها. ساڳي طرح جيڪڏهن هو پارليامينٽ جي اندر مخالف پارٽين سان جمهوري پارليامينٽ جو رويو اختيار ڪري ها ته هو شديد ٽڪرائن کان بچي وڃي ها ۽ خود موجوده اتحاد جي صفن ۾ وڇوٽيون اچن ها پر هن دانستا ان ڪري نه ڪيو جو هن اهوئي سمجھو پئي ته جن جو کيس آشيرواد حاصل آهي اهي مضبوط ۽ طاقتور ڪردار هن کي ئي سمجھن ۽ هي انهن جي ضرورت کان وڌيڪ مجبوري بڻجي وڃي ۽ پوءِ جڏهن کيس هٿ هٽندو نظر آيو ته هن هڪ آئيني بحران پيدا ڪرڻ چاهيو ۽ ان آئيني بحران پيدا ڪرڻ ۾ جڏهن کيس ناڪامي ملي ته پوءِ مزاحمت جو ٻيو رستو اختيار ڪيو، آمريڪا تي سازش جو الزام يا ليٽر گيٽ اسڪينڊل اهي سڀ جو سڀ هن جا اهي هٿيار آهن جن هٿيارن سان هو سمجھي ٿو ته هڪ طاقت جو استعمال ڪندي آئيني بحران کان پوءِ هڪ ٻيو سياسي ٽڪراءَ وسيلي مزاحمت جو اهڙو بحران ڪجي جو انهن کي واپس مداخلت تي مجبور ڪجي.
گھڻو بحث اهو ئي ٿي رهيو آهي ته لانگ مارچ ۾ به هن کي اها اميد هئي ته هن جي راھه ۾ رڪاوٽون نه وڌيون وينديون ۽ وري هو اسلام آباد ۾ هڪ ميلائي ڌرڻو لڳائي ويهي رهندو هر روز تنقيد ۽ ڌمڪين جي بازار گرم ڪندي اليڪشن کان پهريان پنهنجا مطالبا مڃرائڻ ۾ ڪامياب ويندو ته جيئن نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن هن جي مرضي تي جڙي پر هو پارلياماني جمهوريت جي اصولن کي اڳتي وڌائي ۽ ٺيڪ طرح سان پارلياماني سياست ڪري سڀني سان دشمني جي بجاءِ وڌ کان وڌ دوستي ۽ هم آهنگي جا دروازا کولي اهو عمل ۽ ڪلچر هن کي هن وقت اختيار ڪندي وڌيڪ ڏکيو لڳندو ته هو انهن سان ويجھي اچي جن کيس اقتدار مان بي اعتمادي جي ڌڪي سان ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪيو سياست جي دنيا ۾ اهو سمجھه جو اصول ناهي پر تضادن جو ۽ ٽڪرائن جو نتيجو ٿئي ٿو، هي سڀ ڪجھه، ڪجهھ وقت گذرڻ کان پوءِ ڪندو ۽ هي به ممڪن آهي ته ڪجھه وقت کان پوءِ هن کي پ پ پ جي لاءِ ائين نرم گوشو پيدا ٿئي جيئن 2018 جي اليڪشن کان پوءِ ق ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جي لاءِ پيدا ٿيو اهو سڀ ڪجھه اقتداري حاصلات لاءِ ممڪن آهي پر هي اڃان انتظار ۾ آهي ته من رٺل راڻا پنهنجو نيوٽرل ڪردار ختم ڪري هن جي ڪاڪ محل ۾ اچي وڃن امڪانن کي ته رد نٿو ڪري سگھجي ڇو ته سڌا اصول سياست جا سمجھه ۾ ايندا آهن پر سازشين جو تجزيو ڪرڻ تمام گھڻو ڏکيو ۽ پيچيدا هجي ٿو اهو ٿيندو ۽ ان وقت تائين ٿيندو جيستائين عوام ان پوري اقتداري لوڀي سياست جي ڇڪتاڻ مان گذري اڳتي وڌي پوءِ ئي اهو ممڪن ٿي سگھي ٿو ته پارلياماني جمهوريت جي لاءِ سياسي پارٽيون پنهنجي سياست جو رخ درست ڪري اڳتي وڌن.