ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ جڙتو پوليس مقابلا

Editorial

سنڌ ۾ پوليس ڪوڙن مقابلن جي پوري هڪ تاريخ رکي ٿي، ان جو سدباب نه ٿيڻ جي ڪري ڪيترن ڳڀروئن پنهنجون حياتيون وڃايون آهن، پر ان جو اڃا تائين ڪو تدارڪ نٿي سگهيو آهي. اهو تدارڪ نه ٿيڻ ۽ ڪوڙن مقابلن ۾ ملوث پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي قانون موجب سزائون نه ملڻ سبب اهي واقعا وڌندا رهن ٿا. اهڙي جڙتو مقابلي ۾ ميهڙ جي مجاهد سولنگي کي به پوليس قل ڪري ڇڏيو هو. تازو ئي ميهڙ جي عدالت ايس ايس پي اعجاز شيخ سميت 11 اهلڪارن تي نوجوان مجاهد سولنگي جو قتل ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. 16 آڪٽوبر 2021ع تي ميھڙ سنڌي ٻٽڙا روڊ تي مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل وارھه واسي نوجوان مجاھد سولنگي جي ڪيس ۾ ميهڙ جي فرسٽ سول جج محمد اسلم ڪلھوڙو جي عدالت پوليس مقابلي کي جڙتو قرار ڏيندي اڳوڻي ايس ايس پي دادو اعجاز شيخ، اڳوڻي ايس ايڇ او قابل ڀيو، ون فائيو جي انچارج الاھي بخش زرداري، اي ايس آ پريل سميجو، سوڍل سولنگي، پي سي سجاد، پي سي امير علي، يار محمد، عبدالغفور سميت 11 اھلڪارن تي قتل ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ميهڙ عدالت ۾ جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪيل نوجوان مجاهد سولنگي جي ماءَ روشنا زال روشن سولنگي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته پوليس مجاهد سولنگي کي ڪراچي ڀرسان حب واري علائقي مان گرفتار ڪري ميهڙ ڀرسان سنڌي ٻٽڙا روڊ تي ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو آھي، منهنجو پٽ بيگناهه هو، ان تي ڪوبه ڪيس داخل نه هو، پر پو به پوليس عملدارن منهنجي پٽ کي بيدردي سان قتل ڪري مقابلو ڄاڻايو هو. ياد رهي ته پوليس سنڌي ٻٽڙا روڊ تي پوليس مقابلي ۾ نوجوان کي ڏوهاري ڄاڻائي قتل ڪيو هو.
سنڌ ۾ پوليس جو ڪردار مجموعي طور عوام جي ڀلائي ۾ نه رهيو آهي، سنڌ ۾ پوليس عام ماڻهو کي تحفظ ته ڇا فراهم ڪندي پر ان جي ڏاڍ خلاف ڪيئي دانهون ٿينديون رهيون آهن. ڪيترائي اهڙا واقعا سامهون آيا جن ۾ پوليس قانون کي هٿ ۾ کنيو. سنڌ ۾ پوليس ڪارروائين جا رڳو هڪ سال جا انگ اکر گڏ ڪجن ته ڏندين آڱريون اچي وينديون، ته ڪيئن نه سنڌ جي عوام کي هڪ ڪٺور دل نظام جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. جيڪي وڏا ڏوهاري آهن، جيڪي ڏوهه پيدا ڪرڻ جون نرسريون آهن، جيڪي ڏوهارين کي تحفظ ڏيندڙ آهن، پوليس ڪڏهن به انهن جو وارو به ونگو نه ڪيو آهي. پوليس جون جيڪي به ڪارروايون ٿيون آهن، سي ڪکاون گهرن ۾ رهندڙن جي خلاف ئي ٿيون آهن، جڏهن پوليس جو ڪردار اهڙو وڃي بيهي ته اها ڪيئن عام ماڻهو کي تحفظ ڏيندي ۽ ان جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪندي. اصل ڏوهارين جو وار به ونگو نه ڪندڙ پوليس بيگناهه نوجوانن کي ماري ڪيترائي گهر اجاڙيا آهن. سنڌ ۾ چوري ۽ ڦر کان ويندي بيگناهه ماڻهن جي مارجڻ تائين کوڙ وارداتون ٿي رهيون آهن ۽ ان ڏس ۾ پوليس جو ڪو به ڪردار نظر نه اچي رهيو آهي. ماڻهو سالن کان انصاف لاءِ واجهائي رهيا آهن پر انهن کي انصاف نه پيو ملي. اٽلندو ايئن ٿيندو رهيو آهي ته پوليس جوابدارن جي ونگار وهندي رهي آهي ۽ متاثر ڌرين کي اجايو تنگ ڪندي رهي آهي. جڏهن پوليس ڀاڳئي بدران چور سان گڏ بيهندي ته سنڌ مان ڏوهن جو خاتمو ڪيئن ممڪن ٿي سگهندو، جيڪا پوليس ڌاڙيلن کي سيکت ڏيڻ بدران انهن سان سردارن وسيلي ڳالهيون ڪندي ته اها پوليس ڏوهن جو خاتمو ڀلا آڻي به ڪيئن ٿي سگهي؟ پو ظاهر آهي ته پنهنجي “ڪارڪردگي” ڏيکارڻ لا جڙتو مقابلن ۾ بيگناهه نوجوانن کي ماري، پروموشن ۽ انعام ورتا وڃن ٿا پر ان سان ڪيترائي گهر اجڙي وڃن ٿا. جڏهن پوليس جي ڪردار کي درست نه ڪيو ويندو ته پوءِ اسان اها توقع ڪيئن ٿا ڪيون ته سنڌ ۾ جڙتو مقابلن جو خاتمو اچي ويندو؟ اسان سمجهون ٿا ته هاڻي جڙتو مقابلن جو خاتمو اچڻ گهرجي، ان لا ذميوار پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي قانون مطابق سزا ملڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button