ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جمھوريت، چونڊون ۽ ووٽر جو ڪردار

Editorial-Article- Noor Bajeer

انساني تاريخ جو مطالعي ڪرڻ سان اھا خبر پوي ٿي ته سماج تي انساني ارتقا جي مختلف دورن جا اثر اڄ به نمايان نظر اچن ٿا. ھڪڙي پاسي انسان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي معراج تي پھتو آھي ته ٻئي پاسي سوچ، عادتن ۽ عمل ۾ اڃان غلامي ۽ جاگيرداري واري ڀيانڪ دور جي اثرن ۾ جڪڙيل آھي. ڏاڍي ۽ ڪمزور جي وچ ۾ وٿي ساڳي برقرار آھي، صرف ڏاڍي جي شڪل تبديل ٿي آھي. ڏاڍو وسيلن تي قابض آھي ۽ ڪمزور سدائين لتاڙ ھيٺ آھي.
ملڪي نظام بظاھر جمھوري ھجڻ جي دعويٰ ڪن ٿا پر اصل ۾ طبقاتي نظام جي ور چڙھيل آھن جنھن ۾ چند خاندان حڪمراني جھڙي گورک ڌندي ۽ نشي ۾ مبتلا آھن. انھن خاندانن جي پاڻ ۾ مٿين سطح تي دوستي ۽ رشتيداري ھوندي آھي، ھڪٻئي جي مفادن جو تحفظ ڪندا آھن. ملڪي قانون پنھنجن مفادن جي تحفظ جي لا ٺاھيندا آھن ۽ انھن قانونن کي صرف غريب عوام تي حڪمراني ڪرڻ جي لا استعمال ڪندا آھن.
جمھوري نظام کان بھتر نظام يا ان جو ڪو متبادل اڃان تائين متعارف نه ٿيو آھي. ھن نظام جو بنياد عوامي سطح تي چونڊون آھن جنھن سان عوامي نمائندا چونڊجي ايوانن تائين پھچن ٿا. چونڊ ۽ نمائندگي واري عمل جي لا ھيٺيان عنصر انتھائي اھم ھوندا آھن.

  1. ووٽ ڏيندڙ جي سياسي تعليم؛ جمھوري عمل ۾ ھر فرد جي ووٽ کي ھڪجھڙي اھميت ھوندي آھي، ووٽ ڏيندڙ پنھجي ووٽ جي فيصلي کان اڳ ۾ اھو سوچي ٿو ته ھو جنھن شخص کي ووٽ ڏئي ٿو اھو ووٽ جي قابل به آھي يا نه. ووٽر جي سياسي تعليم ۾ اجتماعي مفادن جو خاڪو واضح ھجي ۽ ووٽ ڏيڻ جي فيصلي کان اڳ ۾ اھو سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ته ھو ووٽ ڪھڙي سوچ ۽ فڪر جي حمايت ۾ ڏئي پيو.
  2. ووٽر جي آزادي: اميدوار کي ووٽ ڏيڻ واري فيصلي ۾ ھر ووٽر مڪمل طور آزاد ھجڻ ضروري آھي. جاگيردار سماج ۾ ووٽر تي سياسي ۽ سماجي دٻا تمام گهڻو ھوندو آھي. ووٽر تي دٻا وجهڻ جو لا ھر حربو استعمال ڪيو ويندو آھي. پيرن مرشدن، ذات برادري جي چڱن مڙسن، ۽ ڪٽنب جي وڏن تي سماجي دٻا وجهي ووٽ جو فيصلو پنھنجي حق ۾ ورتو ويندو آھي. معاشي ڪمزوري پڻ ووٽ ڏيڻ جي آزادي ۾ ھڪ وڏي رڪاوٽ آھي. اھو خاندان جيڪو قرض جھڙي مرض ۾ مبتلا ھجي، زميندار جي ٻني تي جهوپڙا ٺاھي رھندو ھجي ان جي آزادي ته متاٿر ٿئي ٿي.
  3. چونڊن ۾ شفافيت: چونڊن واري نظام ۾ چونڊ عملو غير سياسي ۽ اڻ ڌريو ھجڻ ضروري آھي. اليڪشن عملو چونڊن جي لا عملو مقرر ڪرڻ ۾ آزاد ھجن جيئن سياسي جماعتون پنھنجي مرضي سان عملو مقرر نه ڪرائي سگهن. ووٽر جي رازداري کي قائم رکڻ جو مناسب بندوبست پڻ انتھائي ضروري آھي.
  4. ووٽر لسٽ: غريب ماڻھو جي لا پنھنجو شناختي ڪارڊ ٺھرائڻ پڻ ھڪ ڏکيو ڪم ھوندو آھي، غير مسلم ڪميونٽي ته شادي رجسٽر ڪرائڻ وارا دستاويز موجود نه ھجڻ جي ڪري مصيبت ۾ ھوندا آھن. ھندو ميرج ايڪٽ جي منظوري کان پو به اڃا پوري طرح عملدرآمد ٿي نه سگهيو آھي. اقليتي برادري جي ماڻھن خاص طور تي عورتن جي ھڪ وڏي انگ وٽ سڃاڻپ ڪارڊ موجود ناھن انھي ڪري ووٽر لسٽ ۾ پڻ نالا درج ناھن. ووٽر لسٽ ۾ ھڪ وارڊ جي ماڻھن کي ٻئي وارڊ ۾ شامل ڪيا وڃن ٿا جنھن سان چونڊ واري ڏينھن تمام گهڻي پريشاني ٿئي ٿي. اھا حرڪت پڻ سياسي بنيادن تي ڪئي وڃي ٿي جيئن ڪنھن خاص ڌر جا ووٽ تقسيم ٿين.
  5. تڪبندي: اڻ ڌري جاچ ۽ تجزيو ڪرڻ سان خبر پوندي ته وارڊ، يونين، ٽائون، صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي لا تڪبندي پڻ مخصوص خاندانن جي ڪاميابي جي لا ڪئي ويندي آھي. قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي لا تڪبنديون آبادي جي بنياد تي ڪيون وڃن ٿيون انھي ڪري پاڪستان ۾ ڪجھه علائقا ته اھڙا آھن جتي چونڊ مھم جي لا لک نه پر ڪروڙين رپيا کپن. ايڏو خرچ ته صرف جاگيردار ۽ سرمائيدار ئي ڪري سگهن ٿا.
  6. پارٽي ٽڪيٽ ملڻ جو طريقيڪار: پاڪستان ۾ سياسي پارٽين وٽ ٽڪيٽ ڏيڻ جي لا معيار بلڪل عجيب آھن، ٽڪيٽ ڏيڻ کان اڳ ۾ اھو ڏٺو ٿو وڃي ته ٽڪيٽ وٺڻ واري وٽ پارٽي فنڊ ۾ پئسا جمع ڪرائڻ جي لا ڪيتري سگھه آھي ۽ چونڊ مھم دوران خرچ ڪرڻ جي ڪيتري ھمت آھي. عام طور تي اھو تاثر قائم آھي ته قومي اسيمبلي جي لا ھڪ ڪروڙ ۽ صوبائي اسيمبلي جي چونڊ وڙھڻ جي لا گهٽ ۾ گهٽ 50 لک روپيه ھجڻ ضروري آھن. ايتري رقم جو ٻڌي وچولي طبقي جو ماڻھو چونڊ وڙھڻ تان ھٿ کڻي ٿو وڃي.
  7. اثر رسوخ واريون ڌريون: اڪثر تڪن ۾ چونڊن ۾ ڪاميابي جو دارومدار برادرين، قبيلن، مذھبي سوچ رکندڙ ماڻھن يا پيري مريدي ۾ عقيدو رکندڙ ماڻھن جي آبادي تي ھوندو آھي. طبقاتي نظام ھر علائقي ۾ اثر رسوخ رکندڙ ماڻھن جو نيٽ ورڪ قائم ڪري ورتو آھي، انھي ڪري اھڙا ماڻھو جنھن به پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪن ٿا ته اھي پنھنجن ووٽرن سميت پارٽي تبديل ڪن ٿا.
  8. نظريي جي کوٽ: سياسي جماعتون پنھنجو منشور ڪاغذن جي حد تائين تيار ڪنديون آھن جنھن ۾ ملڪي ۽ قومي ڀلائي جي لا سموريون حڪمت عمليون بنا ڪنھن سوچڻ سمجهڻ جي لکي ڇڏيندا آھن ۽ حڪومت ۾ اچڻ کان پو انھي اھم دستاويز کي ڀلجي ويندا آھن. ووٽر وٽ به ڪنھن نظريي جو تصور نه ھوندو آھي، ڀوتار جيڪو نعرو ھڻندو اھو ساڳيو نعرو گڏجي ھڻبو. جنھن ڌر کي مردہ آباد چئبو ھو اھا ڌر رات پيٽ ۾ زندہ آباد ٿي ويندي آھي. ڀوتار وٽ صرف ۽ صرف ھڪ نظريو ھوندو آھي جنھن جو نالو آھي طاقت ۽ ڪرسي.
  9. مخصوص سيٽون: محروم طبقن جي نمائندگي جي لا مخصوص سيٽون متعارف ڪرايون ويون آھن، انھي موقعي جو فائدو پڻ طاقتور ڌريون وٺن ٿيون. صوبائي ۽ قومي سطح تي ھر دفعي چونڊن ۾ اقليتي برادري جون مخصوص سيٽون چند شاھوڪار خاندانن ۾ تقسيم ٿينديون آھن ۽ ڪنھن ھڪ اڌ وچولي يا غريب طبقي واري ماڻھو کي پڻ سيٽ ڏئي اھو تاثر قائم ڪيو ويندو آھي ته غريب دوست به آھيون.
    مڪاني ادارن جي مخصوص سيٽن تي ڪمزور طبقن کي نمائندگي ڏيڻ جي لا خانہ پوري ڪئي ويندي آھي. مقامي ڀوتارن جي خاندانن جون عورتون عوامي خدمت جي جذبو ٻڙي برابر رکڻ جي باوجود عورتن جي مخصوص سيٽن تي نامزد ٿين ٿيون. اھي عورتون وارڊ، يونين يا ضلع ڪائونسل جي گڏجاڻين ۾ شامل پڻ نه ٿينديون آھن. ھارين ۽ مزدورن جي سيٽن تي پڻ مقامي ڀوتار پاڻ چونڊجي اچن ٿا. ھارپي يا مزدوري سان پري پري جو ڪوبه تعلق نه ھوندو آھي.
    اھا حقيقت آھي ته جمھوريت جو ثمر مٺو آھي، جمھوريت ھڪ عمل آھي جيڪو وقت ۽ حالتن جو مقابلو ڪندي ڪنھن دڳ تي پھچندو ۽ مرحلا طئي ڪرڻا پوندا. انھن مرحلن ۾ جيترو سماج ۾ باشعور ماڻھو پنھنجو ڪردار ادا ڪندا اوترو جمھوري عمل مثبت رخ ۾ رفتار سان وڌندو ۽ ويجھندو.
    ھن وقت سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جو تياريون ھلن پيون، عام ووٽر ۽ چونڊ وڙھندڙ اميدوارن جي لا ڪجھه تجويزون ھيٺ عرض رکجن ٿيون.
  10. ووٽ ڏيڻ جي فيصلي کان اڳ ۾ ڏسجي ته جنھن ڌر کي نمائندگي جو حق ڏيو پيا اھو مجموعي طور ڪيترو سماجي ۽ معاشي تبديلي جي لا سنجيدہ آھي.
  11. عوامي نمائندگي جي لا اھڙي فرد جي چونڊ ڪجي جيڪو غريب دوست ھجڻ سان گڏ پنھجي را ۽ ڳالھه رکڻ جي صلاحيت رکندڙ ھجي.
  12. اھڙي فرد کي ووٽ ڏجي جيڪو ڪنھن به استحصالي ڌر وٽ استعمال نه ٿئي ۽ عوام دشمن فيصلن جو حصو نه ٿئي.
  13. نظرياتي ۽ سياسي سوچ رکندڙ ماڻھو ھجي ۽ پارٽي جي اصولن جي پوئواري ڪرڻ جي لا پابند ھجي.
  14. مڪاني ادارن جي ڪمن ۾ پاڻي، صفائي، گليون، ناليون، پليون، صحت، تعليم ۽ روزگار وغيرہ جي لا ھيٺئين سطح تي خدمتن کي يقيني بنائڻ جي اھليت رکڻ سان گڏ خدمت جو جذبو رکندڙ ھجي.
  15. عام طور تي مڪاني ادارن جي چونڊن جا اميدوار ننڍا ننڍا ٺيڪا کڻڻ ۽ پئسا ڪمائڻ جي ارادي سان چونڊ وڙھندا آھن. اھڙن ڌنڌوڙي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ کان پاسو ڪجي.
  16. اليڪشن ڪميشن جي ضلعي عملدار سان لھه وچڙ ۾ رھڻ گھرجي، تڪ بندي جي لا منصوبه بندي ڪرڻ وقت عوامي مفاد کي ذھن ۾ رکندي پنھنجي يونين ڪائونسل جي صحيح تڪبندي جي لا پنھنجون رٿون جمع ڪرائجن. جيڪڏهن تڪبندي ۾ ڦيرڦار جي ضرورت ھجي ته ھڪ شھري جي حيثيت سان تڪ بندي ۾ تبديلي جي لا اپيل ڪرڻ گهرجي.
  17. ووٽر لسٽ ۾ پنھنجي علائقي جي ماڻھن جي رجسٽريشن وقت سر ڪرائڻ گھرجي، سمورن ڳوٺ وارن کي اڳواٽ ووٽ نمبر، وارڊ ۽ پولنگ اسٽيشن جي باري ۾ معلومات مھيا ڪجي.
  18. ووٽ جي گهر ڪندڙ اميدوارن جي اڳيان پنھنجي ڳوٺ ۽ علائقي جي اجتماعي مسئلن جي گهر جو چارٽ پيش ڪجي ۽ مسئلن جي حل جي لا مثبت موٽ ڏيندڙ اميدوار کي زير غور آڻجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button