آصف زرداريءَ پاران ٺاهيل ۽ شهباز شريف پاران ماڻيل حڪومت کي سياسي مخالفن مبارڪون ڏنيون ته جيڪو ڪڌو ڪم عمران خان نه ڪري سگهيو، اهو ڪم نيٺ انهن حڪمرانن ڪري ڏيکاريو، جن کي اقتدار کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به عزيز ناهي. پيٽرول جي قيمت ۾ ايتري گهڻي واڌ عوام جي لا هڪ وڏي عذاب کان گهٽ ناهي. اهو به خاص ڪري ان ماحول ۾ جڏهن عمران خان جي ويل سرڪار ۽ شهباز شريف جي آيل سرڪار جي وچ ۾ عوام دوستيءَ جو دلچسب مقابلو هجي. ملڪ جو اڳوڻو وزير اعظم اها دعويٰ ڪري رهيو آهي ته هو عوام جو سڀ کان خيرخواهه ۽ گهڻ گهرو آهي. جڏهن ته شهباز شريف جو ضد آهي ته عوام جو اصل خادم هو آهي. جڏهن ته ان سلسلي ۾ عجيب ڳالهه اها هوندي آهي ته جنهن وقت ڪو به سياستدان اقتدار ۾ نه هوندو آهي ته هن کي عوام جي ڀلائي ۽ عوام جو بهبود ياد به نه ايندو آهي پر جڏهن هو اقتدار ۾ ايندو آهي ته عوام جي خدمت ۾ ڏينهن رات محنت ڪرڻ جون هامون هڻندو آهي. پر اها ڪا نئين ڳالهه ناهي.
هن مهل به شهباز شريف ۽ عمران خان جي وچ ۾ سخت مقابلو جاري آهي. عمران خان جي دعويٰ آهي ته هن سچي دل سان ۽ ايمانداريءَ سان عوام جي خدمت ڪئي آهي. جڏهن ته شهباز شريف عمران خان جي ان دعويٰ کي رد ڪري اها راءِ رکي ٿو ته عمران خان ڪوڙ ٿو ڳالهائي. اصل ۾ عوام جو خادم آئون آهيان. مون کان پوءِ پاڪستان ۾ عوام جو ڪوئي به خادم پيدا نه ٿيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو آصف زرداريءَ جي احسان عظيم جي سبب پاڻ کان پوءِ هن کي عوام جو محسن قرار ڏيڻ تي مجبور آهي پر هو ان سلسلي ۾ مجبور آهي. هن جي مجبوري مسلم ليگ ن کي ته ڇا پر عوام کي به سمجهه ۾ اچي ٿي. جڏهن ته ميان نواز شريف اندر ۾ تمام گهڻو ڪڙهي ٿو. هن مهل تائين هن کي شهباز شريف جي حڪومت مان صرف نئون پاسپورٽ ئي حاصل ٿيو آهي. پر جنهن پاسپورٽ تي واپس وري نه سگهجي، ان پاسپورٽ جو ڪهڙو فائدو؟
عمران خان ۽ شهباز شريف جي وچ ۾ عوام دوستيءَ جو مقابلو جاري آهي ۽ ان مقابلي ۾ جڏهن شهباز شريف کي پيٽروليم جون قيمتون تمام گهڻيون وڌائڻيون پيون ته سوشل ميڊيا ۽ روايتي ميڊيا تي هڪ رڙ جو پيدا ٿيڻ فطري عمل هو ۽ ان سلسلي ۾ مزيدار ڳالهه اها آهي ته اها رڙ صرف عمران خان جي حامي حلقن جي طرفان نه آهي پر اها گهڻو ڪري ان عوام جي پاران آهي، جيڪو سچي دل سان نه ته عمران جو حامي آهي ۽ نه وري شهباز شريف کي هن ملڪ جو مسيحا سمجهي ٿو. هن جي نظر ۾ هر سياستدان اقتدار جو بکيو آهي. عوام جو اهو حصو ڏٺو وڃي ته ايترو غلط به ناهي. پر هن ڀيري ته عوام جي ان حصي ۾ ان حصي به پنهنجو آواز ملايو آهي، جيڪو اڳ ۾ عمران خان جو سياسي مخالف هو.
شهباز شريف جي حڪومت جو اهو ضد آهي ته پيٽروليم جي قيمتن ۾ واڌ جو سبب هن جي حڪومت ناهي پر اهو عمران خان ئي هو، جيڪو آءِ ايم ايف سان اهو طئه ڪري آيو هو ته پيٽرول جي قيمت وڌائي ويندي. اهي سياستدان جيڪي اقتدار کان الڳ رهڻ واري دور ۾ پيٽرول جي مٿان هڪ روپئي يا ٻن روپين جو اضافو به ملڪ سان وڏي ويساهه گهاتي سمجهندا هئا، اهي هاڻي وڏي سڪون سان ويٺا آهن ۽ انهن کي اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته حڪومت هلائڻ جي لاءِ اهو ڪجهه ته ڪرڻو پوندو آهي. اسان جي ملڪ ۾ سياست هڪ اهڙو ڊرامو بڻجي وئي آهي، جنهن ۾ عوام تمام گهڻو تنگ اچي ويو آهي پر عوام وٽ ٻيو ڪو حل ناهي ته آخر هو ڇا ڪري؟ هن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته خراب ٿيندڙ حالتن جي سلسلي ۾ هن جو ڪردار ڪهڙو هجڻ گهرجي؟
پاڪستان جي گذريل ٽن ڏهاڪن جي دوران ڪا به اهڙي حڪومت نه آئي آهي، جنهن عوام کي رليف ڏنو هجي ۽ جنهن جي دم سان عوام ۾ هڪ طرح جي فرحت جو احساس پيدا ٿيو هجي. اهڙو ڪجهه به نه ٿيو آهي، ان ڪري عوام جي لاءِ هن مهل سخت مقابلو ٿي ويو آهي ته هو آخر ڪهڙي سياستدان جي چونڊ ڪري؟ ڇا هو پنهنجي بهتري لاءِ عمران خان جو ساٿ ڏئي؟ عمران خان جي سلسلي ۾ ته عوام جو مڪمل نه ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ حصو ته پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ هو سخت گرميءَ ۾ به لانگ مارچ ڪري اسلام آباد پهچي رهيو آهي ۽ اسلام آباد ۾ هن سان عوام دوست حڪومت ڪهڙي ڪار هئي؟ اها سڀني جي سامهون آهي. جيڪڏهن حڪومت احتجاجي عوام جي مٿان هٿ هلڪو رکي ها ته ڇا ٿئي ها؟ ڇا اهڙي عمل سان عمران خان کي حڪومت حاصل ٿي وڃي ها؟ پر عوام دوستيءَ جون دعوائون ڪندڙ شهباز شريف جي حڪومت احتجاجي عوام جي ميزباني جنهن مار ۽ شيلنگ جي برسات سان ڪرائي، ان جو منظر ته هن ملڪ جي هر ماڻهوءَ ڏٺو ۽ ان تي ڪنهن کي ڪا حيرت به نه آئي. ڇو ته اهو ڪجهه هن ملڪ جو عوام منڍ کان وٺي ڏسندو رهيو آهي. جڏهن هڪ پارٽي اقتدار ۾ هوندي آهي ته هن جي ٻولي ٻي هوندي آهي ۽ جڏهن اها ئي پارٽي پاور ۾ اچي ويندي آهي ته هن جا لفظ ۽ هن جو لهجو تبديل ٿي ويندو آهي. هن سلسلي ۾ اهو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي. هن وقت حڪومت ۽ مخالف ڌر جا هڪ ٻئي مٿان الزام آهن ۽ انهن الزامن جي برسات ۾ بيهي عوام سوچي رهيو آهي ته ڪير سچو آهي ۽ ڪير ڪوڙو آهي؟ ان سلسلي ۾ هڪ وقت اهڙو به اچي ٿو جو عوام کي لڳي ٿو ته ڄڻ ٻيئي ڌريون هڪ ٻي جي باري ۾ سچ ڳالهائي رهيون هجن. آخر سچ هڪ ته ناهي. سچ جون سوين صورتون آهن. سچ کي هر ماڻهو ۽ هر ڌر پنهنجي مفاد جي لاءِ استعمال ڪندي رهي آهي، ان ڪري عوام کان ته سچ جي اصل صورت به وسري وئي آهي. جيڪڏهن هاڻي سچ سامهون به اچي ته معلوم نه ٿيندو ته سچ ڪهڙو آهي؟
هي دور سچ جي تڪليف جو آهي پر اڳيون دور به گهٽ نه هو ۽ ايندڙ دور جي سلسلي ۾ ته اسان ڊپ کان ڪجهه به چوڻ جي پوزيشن ۾ ناهيون. ڇو ته هتي هر ڏينهن ڪو نه ڪو نئون ڊرامو آهي ۽ ڪو نه ڪو نئون ناٽڪ آهي ۽ ان ڊرامي يا ناٽڪ جي سلسلي ۾ ماڻهو تمام گهڻو پيڙا ۾ آهن. انهن جي پريشاني جو ڪو به درمان ڪونهي. انهن کي خبر نه ٿي پوي ته آخر هو ڪهڙي پارٽيءَ وٽ وڃن ۽ ان کان پنهنجي درد جو دارون وٺن؟ ڇو ته انهن کي هن مهل ڪو به اهڙو دل نظر نه ٿو اچي، جنهن تان انهن کي پنهنجي سور جي ڦڪي ملي سگهي. ان صورت ۾ حيران ۽ پريشان عوام جو ڪو به پرسان حال ناهي. انهن کي ڪجهه به معلوم ناهي ته ايندڙ وقت وٽ انهن جي لاءِ ڇا هوندو؟
عوام جو جيئڻ تمام گهڻو مشڪل ٿي پيو آهي. ڇو ته پيٽروليم جي قيمت وڌڻ سان بجليءَ جي قيمت جو وڌڻ ته لازمي آهي. ڇو ته هن مهل تائين هن ملڪ ۾ بجلي ٺاهڻ جو وڏو ذريعو اهو آهي، جنهن ۾ ڊيزل جو استعمال ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڊيزل جي لاءِ تي ڪو ٻيو ذريعو هجي ها ته هوند عمران خان جي جلسن ۾ ان لفظ جي حوالي سان نعرن جا هوڪرا به نه ٿين ها. پاڪستان پنهنجي پيڙا ۾ آهي. پاڪستان هڪ رياست جي طور به ته سخت آزمائش جو شڪار آهي. جڏهن ته پاڪستان جو عوام هڪ اهڙي سزا ڀوڳي رهيو آهي، جنهن جي باري ۾ هن کي معلوم ناهي ته ان جو انت ڪڏهن ايندو؟ ڇو ته هن مهل تائين هن ملڪ جي ماڻهن ته صرف ان ۾ اضافو ئي ٿيندي ڏٺو آهي. سو ڪنهن کي ڪو پتو ناهي ته جڏهن بجيٽ کان اڳ ۾ پيٽروليم جي مد ۾ ايتري گهڻي قيمت وڌائي وئي آهي ته بجيٽ کان پوءِ عوام سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويندو؟ ان سلسلي ۾ خوف ۽ خدشا ته تمام گهڻا آهن پر اميدن ۽ آسرن جو تعداد تمام ٿورو آهي. ڪنهن کي معلوم ته ڇا ٿيڻ وارو آهي. حڪومت به ته وڏي هوشيار آهي. حڪومت وٽ ڪيترائي لفظ آهن. انهن لفظن ۾ هڪ لفظ آهي ”سخت فيصلا“ جڏهن ته عوام جي لغت ۾ ان لفظ جو مطلب آهي ”بدبخت فيصلا“!! سخت فيصلن جي صورت ۾ عوام تي بدبخت فيصلن جو حملو جاري آهي.