ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پي ٽي آءِ مخالفت پ پ جي حمايت آهي؟

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

سياست يا ڪنهن به شعبي ۾ ڪنهن سان اتفاق راءِ نه رکڻ يا مخالف هجڻ عام ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ هم خيال هجڻ ۽ مخالف هجڻ جو سلسلو هلندو رهندو آهي، پر اهو ضروري ناهي ته جيڪڏهن ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي مخالفت ۾ ڪجهه ڳالهايو وڃي ته ان کي ٻي پارٽيءَ جي حمايت سمجهيو وڃي. هونئن به جڏهن ڪا پارٽي اقتدار ۾ هوندي آهي ته ان جي پاليسين، فيصلن ۽ ممڪنه ارادن جي باري ۾ لکيو ويندو آهي، ڳالهايو ويندو آهي. ان کان سواءِ وڏي واڪي ان جي غلط فيصلن خلاف آواز پڻ اٿاريو ويندو آهي.
پي ٽي آءِ جنهن انقلاب کي برپا ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ اقتدار سنڀاليو هو، اهو ته نه اچي سگهيو ۽ نه ئي اها پارٽي اقتدار ۾ رهندي عوام جي انهن خوابن کي پورو ڪري سگهي، جيڪي ان عوام کي ڏيکاريا هئا. پر هاڻ اها پارٽي پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهي آهي. عمران خان نيازي پنهنجو گهر ڇڏي پشاور ۾ پيو رهي. هو اسلام آباد ۾ تاريخي ڌرڻو هڻڻ لاءِ نڪتو هو پر کيس ويهه لک ته ٺهيو مس ويهه هزار ماڻهو مليا هوندا، هڪ ڏينهن اسلام آباد رهڻ کان پوءِ هاڻ هن جي واپسي ٿي وئي آهي. کيس هاڻوڪي حڪومت ۾ مهانگائي به نظر اچي ٿي، بيروزگاري به نظر اچي ٿي ۽ ان کان سواءِ ناانصافي به نظر اچي ٿي پر عمران خان نيازيءَ جي حڪومت به اهو ئي ڪجهه ٿيو هو. ماڻهو جڏهن احتجاج ڪندا هئا ته انهن تي پوليس چڙهائي ڪئي ويندي هئي، ايستائين جو هو چوندو هو ته ڇا ڪورٽ جا حڪم نه مڃيندا، ٻاهر روڊن تي نڪري ايندا. سندس حڪومت ۾ لاڳيتو پيٽرول جون قيمتون وڌنديون رهيون ۽ ڊالر جي اڏام تيز ٿيندي وئي، ان کان سواءِ ملڪ ۾ بيروزگارن جو هڪ لشڪر پيدا ٿيو آهي، ان کي هو ڪنهن ليکي به نٿو آڻي.
پيپلز پارٽي هن سسٽم جي پيداوار پارٽي آهي، جنهن جي دور ۾ ڪرپشن ٿيندي رهي آهي، پر ملڪ ۾ ڪهڙي اهڙي حڪومت آهي، جنهن ۾ ڪرپشن ناهي ٿيندي. ايمنسٽي انٽرنيشنل سدائين اها رپورٽ جاري ڪندو آهي ته هر حڪومت ڪرپشن ۾ اڳ کان اڳري هوندي آهي. ان کان سواءِ اها هڪ ڏند ڪٿا آهي ته ڪو ملڪ ڪرپشن فري به ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته ڪرپشن کي هڪ حد تائين ڪنٽرول ته ڪري سگهجي ٿو پر ان کي مڪمل طور ختم نٿو ڪري سگهجي. اها پنهنجا رستا ڪٿان نه ڪٿان ٺاهي وٺندي آهي. پر ان کان به اهم ڳالهه هن ملڪ جو مسئلو سٺي انتظامڪاري ۽ جمهوري ادارن جي آزادي آهي، جيستائين اهي آزاد نه هوندا، گڊ گورننس جو تصور ئي پيدا نٿو ٿي سگهي. هڪ ڪنٽرولڊ جمهوري نظام ۾ ڪرپشن وڌيڪ آزاديءَ سان ٿيندي آهي. تنهنڪري اهو چوڻ ته ملڪ جي تباهي رڳو پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ڪئي آهي، اهو بنهه غلط آهي. ڇاڪاڻ ته هن رياست اهو طئي ڪري ورتو آهي ته اها سيڪيورٽي اسٽيٽ رهڻي آهي، جنهن لاءِ ان کي دفاعي بجيٽ بنهه گهڻو کپي. دفاعي بجيٽ معنيٰ ائٽمي پروگرام کي جاري رکڻو آهي، بم ٺاهڻا آهن ۽ دشمن کي ڊپ ۾ رکڻو آهي. سو جيڪي به غيرپيداواري خرچ آهن، اهي ملڪي معيشت تي بار رهندا آهن، انهن تي خرچ ٿيل ناڻو ڪجهه ڪمائي نٿو ڏئي ۽ نه ئي ان سان ملڪي ترقي ٿئي ٿي. تنهنڪري جيڪو پئسو ترقياتي رٿائن تي خرچ ٿيڻ گهرجي، اهو هٿيارن تي خرچ ٿي ويندو آهي ۽ جنگ جي صورت ۾ به اهو پئسو ضايع ئي ليکيو ويندو.
ان ڳالهه کي قبول به ڪري وٺجي ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ملڪ ۾ گذريل ٽيهن سالن ۾ نقصان ڏنو آهي (اهو موقف هر هڪ يوٿئي ۽ يوٿئي ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ ماڻهو جو آهي) پر ڇا گذريل ساڍن ٽن سالن ۾جيڪو معاشي ۽ سياسي اڪيلائي وارو نقصان عمران خان نيازي هن ملڪ کي ڏنو آهي، اهو ڪنهن ٻي پارٽي يا آمر ملڪ کي پهچايو آهي. ڊالر گذريل ستر سالن تي ڇڪي ڇڪي 115 روپين تي وڃي پهتو هو. ان کي عمران خان نيازيءَ جي حڪومت 190 تائين کڻي وئي. ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ ايترو ته سياسي عدم استحڪام پيدا ڪري ڇڏيو هو جو معاشي سگهه آهستي آهستي ڪمزور ٿي وئي. اڄ ملڪ جي معيشت گهڻي ڀاڱي قرض تي هلي رهي آهي. ان کان سواءِ ڪن سياسي فيصلن کي رڳو انفراديت ۾ ڪونه ڏسبو آهي. مثال طور عمران خان نيازي خلاف جيڪا عدم اعتماد پيش ڪئي وئي، ان وقت جيڪو سياسي ۽ آئيني بحران پيدا ٿيو، ان وقت جيڪڏهن فوج اهو فيصلو ڪري وٺي ها ته ان کي اقتدار جون واڳون سنڀالڻيون آهن ته ان کي ڪير روڪي ها. پر اهو سياسي پارٽين جو دٻاءُ هو جو ان کي اهو چوڻو پيو ته سياسي معاملا پنهنجا پاڻ ۾ حل ڪريو. جنهن کان پوءِ سياسي پارٽين عدم اعتماد وسيلي عمران خان نيازيءَ کان اقتدار کسي ورتو ۽ اهو هڪ جمهوري عمل هو. جيڪڏهن سڀاڻي سياسي پارٽيون شهباز شريف خلاف عدم اعتماد آڻڻ جو فيصلو ڪن ٿيون ته اهو به هڪ جمهوري فيصلو هوندو.
پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کير جون ڌوتل پارٽيون ڪونه آهن، ڪيترين ئي اوڻاين سان ڀريل آهن. پر ڇا ڪنهن ملڪ ۾ ڪابه سياسي پارٽي اهڙي ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ سياسي ڪمزوريون نه هجن. اهڙي پارٽي ته بس آئيڊيل پارٽي ئي ٿي سگهي ٿي. تنهنڪري پيپلز پارٽي جتي به ڪو غلط فيصلو ڪيو آهي، ان جي نندا نه رڳو عوامي سطح تي پر هر سطح تي ڪئي وئي آهي. پپيلز پارٽي پنهنجي دور ۾ سنڌ ۾ ٻٽو نظام لاڳو ڪيو ته سموري سنڌ ان سان ڪهڙُو حشر ڪيو. هينئر جڏهن ان ايم ڪيو ايم سان معاهدو ڪيو آهي ته ان تي به سنڌ جي عوام کيس وڏي دٻاءُ ۾ رکيو آهي. ان ڪري سندس ڪنهن به غير جمهوري ۽ عوام دشمن عمل جي ضرور نندا ٿيڻ گهرجي. پر ان جو مطلب اهو ڪونهي ته ان سان دشمني ۾ هڪ فاشسٽ ۽ آمر جهڙي طبيعت رکندڙ عمران خان نيازيءَ جي حمايت ڪبي، جيڪو اڄ به پنهنجن تقريرن ۾ “اسلامي ٽچ” ڏئي عوام کي گمراه ڪري رهيو آهي. جيڪو ڪوڙ کي ايتري اعتماد سان ڳالهائيندو آهي جو هر ڄمار جو ماڻهو ان کي سچ سمجهي کيس عظيم ليڊر سمجهڻ لڳندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button