ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڊاڪٽر آصف فرخي: سنڌ ۽ سنڌي ادب جو سفير

Editorial-Article- Ishaq Mangrio

هُو هو ته ميڊيڪل جي شعبي سان واڳيل، پر هن جي سڃاڻپ اديب، نقاد، ايڊيٽر ۽ ادبي پروگرام آرگنائيزر طور وڌيڪ هئي. هن جي ياد ۾ محبان آصف فرخي پاران هر سال سنڌي ۽ اردو طبع زاد سٺي ڪتاب تي 50 هزار رپيا انعام ۽ ايوارڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. جيوري جي ڪيل فيصلي تي گذريل سال سنڌي ڪتاب “خانه بدوش قبيلا” تي خالد جوڳيءَ کي ۽ اردو جو ڪاظم سعيد جي ڪتاب “دو پاڪستان” تي اهڙو ايوارڊ ڏنو ويو هو .
ڊاڪٽر آصف فرخي (16 سيپٽمبر 1959، پهرين جون 2020ع) ڪراچيءَ ۾ هڪ ادبي گهراڻي ۾ ڄائو ۽ ڪراچيءَ ۾ ئي 60 سالن جي ڄمار ۾ شگر جي مختصر علالت سبب گذاري ويو. هو شارٽ اسٽوري رائيٽر، ناول نگار، لٽرري جرنلسٽ، نقاد، مترجم ۽ ايڊيٽر هو. هن ست ڪهاڻين جا ڪتاب، ڪيترائي آرٽيڪل ۽ مضمون لکيا. هن لٽرري جرنلسٽ طور سنڌي ادب ۽ شاعريءَ تي وڏو ڪم ڪيو ۽ پنهنجي اهڙي ادبي ڪم کي سنڌ بابت انگريزي ۾ لکيو. هن ڪووڊ-19 جي دور ۾ پنهنجي گهر مان پڙهڻ ۽ لکڻ جي سلسلي طور (لاڪ ڊائون ڊائري جي نالي سان) وي لاگ سيريز جاري ڪئي هئي.
هن سينٽ پيٽرڪ اسڪول مان مئٽرڪ، ڊي جي سائنس ڪاليج مان انٽرميڊيٽ ڪئي. هن 1984ع ۾ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس ڪرڻ کان پوءِ، 1988ع ۾ هارورڊ يونيورسٽيءَ مان پبلڪ هيلٿ ۾ ماسٽرس ڪئي. 2012ع ۾ لنڊن اسڪول آف هائيجن ۾ هيلٿ ايڪانامڪس ۾ ڊپلوما ڪئي. ادبي گهراڻي سان واسطو هئڻ سبب، هن يارهن سالن جي ڄمار ۾ پهرين ڪهاڻي لکي. هن ٽي نوڪريون ڪيون. جن ۾ پهرين نوڪري آغا خان ڪميونٽي هيلٿ سائنسز ۾ انسٽرڪٽر، 1994 کان 2014ع تائين، يونيسيف ۾ هيلٿ نيوٽريشن پروگرام آفيسر ۽ حبيب يونيورسٽيءَ ۾ آرزو، (سينٽر فار ريجنل لينگويج اينڊ ڪلچر ) ۾ ڊائريڪٽر رهيو. هن حبيب يونيورسٽيءَ جي انهيءَ اداري ۾ ابتدائي طور تي اردو، سنڌي ۽ پنجابي ٻولين جي ادب پڙهائڻ وارا شعبا قائم ڪيا. هن انهيءَ اداري جي مدد سان ادب ۾ جنن ۽ پرين واري دقيانوسي سوچ جي خلاف وڏو ڪم ڪيو. هن سائنسي سوچ وارو ادب وڌائڻ تي زور ڏنو. هن حبيب يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مشهور شاعره ۽ استاد سحر امداد سان گڏ آرزو واري شعبي ۾ سنڌي شعبي لاءِ ڪم ڪيو. ان اداري ۾ اردو اديب ۽ شاعر افضال احمد سيد ۽ تنوير انجم اردو شاعري ۽ ادب ۽ انعام نديم پنجابي شاعري پڙهائيندڙ آهن. هن الف ليليٰ جي مشهور ڪردارن تي شهرزاد ۽ دنيا زاد جي نالن سان ٻه ادبي ميگزين ڪراچيءَ مان جاري ڪيا. جنهن ۾ اردو، سنڌي ۽ ٻين ٻولين جي نون اديبن کي ڇپجڻ جو وڏو موقعو ڏنو ويو. هن کي ادبي مڃتا طور 1997ع ۾ليٽرس اڪيڊمي پاران صداتي ايوارڊ پڻ مليو.
هن انڊيا ۾ ٿيندڙ اردوءَ جي لٽرري پروگرام ريخته جي طرز وارو پاڪستان ۾ رواج وڌو. هن انهيءَ انداز وارو ڪراچيءَ ۾ 2010ع ۾ ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جو پروگرام جوڙيو. جنهن تحت هن آڪسفورڊ پريس سان گڏجي ڪراچي لٽريچر فيسٽيول کان سواءِ لاهور فيسٽيول ۽ اسلام آباد فيسٽيول جو رواج وڌو. جنهن ۾ سڄي ملڪ کان سواءِ دنيا جي ٻين ملڪن مان دانشور شريڪ ٿيا. ميلي جي صورت ۾ اهڙن ادبي پروگرامن ذريعي شعور ۽ آگاهي جي بحث ۽ مباحثي کان سواءِ ڪتابن پڙهڻ جو رواج وڌو. جنهن ذريعي وڏي عرصي کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ دهشتگردي واري خوف بدران ادب، شاعري، تاريخ، آرٽ، راڳ ۽ سنگيت جو لاڙو وڌيو. هن انهن سڀني ڪمن ۾ ڪراچيءَ کي ڪاسمو پوليٽن، ميگا سٽي سان گڏوگڏ ڪراچيءَ کي سنڌ جي ٻهراڙين، ڳوٺن، ٿر، ڪاڇو، ڪوهستان، نارو ۽ ڪچي سان ڳنڍيو. هو لٽرري پروگرامن جي حوالي سان وڏو آرگنائيز ثابت ٿيو. هن ڪراچي ۾ عالمي اردو ڪانفرنس پڻ آرگنائيز ڪئي هئي. هو حيدرآباد ۾ شيخ اياز ميلي جي آرگنائيزرس امر سنڌو ۽ عرفانه ملاح کي ادبي ميلي جي سلسلي ۾ سٺيون تجويزون ڏيندڙ هو. هن شيخ اياز ميلي جو حيدرآباد ۾ هڪ دفغو افتتاح به ڪيو هو.
ڊاڪٽر آصف فرخي آّغا خان ڪميونٽي هيلٿ ذريعي بيمارين بابت ٿيندڙ تحقيقي ڪم سبب سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن سان ڳنڍيو. ريسرچ جو ڪم گهڻ پاسائون ٿيڻ جي ڪري هو بيمار ماڻهن جي سماجيات ۽ اقتصادي حالتن کان آگاهه ٿيندو رهيو. هو 20 سالن کان يونيسيف جي صحت واري شعبي سان لاڳاپيل رهيو. يونيسيف سنڌ حڪومت سان هيلٿ پروگرام ۾ اي پي آءِ ۽ رورل ڊيولپمينٽ ۾ واٽر سينيٽيشن واري شعبي ۾ گڏ ڪم ڪندڙ هو. ان ڪري ڊاڪٽر آصف فرخي پنهنجي نوڪريءَ جي لحاظ کان سڄي سنڌ ۾ ڊي ايڇ اوز سان ميٽنگز ۽ ويڪسين جي پروگرام جي مانيٽرنگ جي سلسلي ۾ ويندو رهيو. هو انگريز دور جي وڏن اردو جي ليکڪن ۽ ناول نگار ڊپٽي نذير احمد ۽ شاهد احمد دهلوي جي ڪٽنب سان واسطو رکندڙ هو. ساڳي ريت هن جو والد پروفيسر اسلم فرخي ڪراچي يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ رهيو ۽ سندس والده بيگم نديم تاج پڻ وڏي ليکڪه هئي. هن جي گهر واري کاٻي ڌر جي اڳواڻ پروفيسر جمال نقوي جي ڀائٽي هئي. لکڻ پڙهڻ وارو ايڏو وڏو پسمنظر رکڻ ڪري هن پنهنجي لکڻين ۽ پبليڪيشن ذريعي نه رڳو اردو ادب کي سنڌي سماج سان ڳنڍيو، پر هن سنڌي ادب، شاعري ۽ سنڌي ڪردارن کان سواءِ سنڌ جي ٿر ۽ ٻين علائقن کي انگريزيءَ ۾ متعارف ڪرايو. هو سنڌي شاعريءَ ۾ شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي شاعري کان وڏو متاثر هو. هن شاهه لطيف جي شاعريءَ تي انگريزي ۾ اهم نوعيت وارو ڪم ڪيو. هن شيخ اياز ۽ خدابخش ابڙي سان گڏجي سندس زندگي ۾ ڪراچيءَ ۾ فنانس ۽ ٽريڊ سينٽر ۾ يادگار پروگرام ڪيو. جنهن ۾ صادق فقير پهريون ڀيرو “سکي پيا کي ملين ته چئجان، چاندني تو سواءِ نه ٿيندي. اچين ته منهنجي اماس ۾ آءُ، ڇو ته ٻي رات ڪانه ٿيندي.” ڳايو ته شيخ اياز پنهنجي اها شاعري پهريون ڀيرو ڳائجندي ٻڌي سحر ۾ اچي ويو هو.
هن ڊان اخبار ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ تي لکڻ شروع ڪيو هو. هن شيخ اياز جي چونڊ شاعريءَ جو انگريزي ترجمو به ڪيو ۽ ڪتابي صورت ۾ ڇپايو. هن سنڌي چونڊ ڪهاڻيون به ترجمو ڪيون. شاهه محمد پيرزادي جي مدد سان هن سنڌي ادب ۽ شاعريءَ کي گهرائيءَ سان سمجهڻ جو موقعو حاصل ڪيو. هن اردو ۽ انگريزي ادب جو سنڌي ترجمو ڪندڙ مشهور مترجم ولي رام ولڀ تي انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيو. هن امر جليل، امداد حسيني ۽ سحر امداد تي پڻ لکيو. هن کي ٿر جو لينڊ اسڪيپ تمام گهڻو وڻندو هو. هن يونسيف جي حوالي سان ٿر ۾ اي پي آءِ جي پروگرام ۾ پوليو تي وڏو ڪم ڪيو هو. ٿر ۾ اين جي اوز جو ڳوٺاڻي ڪميونٽيءَ سان ڳنڍيل هجڻ جو هن پوليو پروگرام ۾ وڏو فائدو ورتو. هن جي ورتل ڪوششن جي نتيجي ۾ ٿر جي سڀني اين جي اوز جو ماروئڙا جي نالي سان نيٽ ورڪ جڙيو. جنهن ۾ ڊي سي، هيلٿ کاتو، لائيو اسٽاڪ ۽ رورل ڊيولپمينٽ جي کاتن کي پڻ ان نيٽ ورڪ ۾ شامل ڪيو ويو. پوليو پروگرام ۾ اين جي اوز کان ڪميونٽيءَ ۾ پهچڻ کان سواءِ جيپن جو سهڪار به حاصل ڪيو ويو. انهيءَ بنياد تي اين جي اوز، ڳوٺاڻي ڪميونٽي ۽ اي پي آءِ جو زبردست نيٽ ورڪ موجود هجڻ سبب گذريل پنجويهن سالن کان ٿرپارڪر پوليو فري زون بڻيل آهي. ڊاڪٽر آصف فرخي ذريعي ٿر ۾ ڊيپ ويل نلڪا لڳا ۽ برسات جو پاڻي گڏ لاءِ ٽانڪا ٺهيا ۽ ان ڏڪار کان بچڻ لاءِ پاڻي گڏ ڪرڻ واري انهيءَ ٽيڪناليءَ جو رواج وڌيو.
ٿر ۾ اهڙا ڪيترائي ٽانڪا ۽ نلڪا اڄ به ڊاڪٽر آصف فرخي جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ موجود آهن. جن ۾ هڪڙو اهڙو نلڪو مٺي ۾ نٿو کتري جي گهر اڳيان لڳل آهي. نٿو کتري ٻانڌڻي جو ڪم قدرتي رنگن ۾ ڪپڙو رڱي ٺاهيندڙ آهي. نٿو کتري پنهنجي ڏاڏي جي دور وارا ڪارب ۽ پور سنڀالي ويٺل آهي. ڊاڪٽر آصف فرخي ٿر جي اصلي لباس طور نٿو کتري جو دڪان ۽ سندس رڱاوت وارو ڪم ڏٺو. انهيءَ رڱاوت ۾ پاڻيءَ جي گهڻي استعمال کي محسوس ڪندي يونيسيف پاران نٿو کتري کي هڪ نلڪو لڳرائي ڏنو هو. هن ٿر ۾ جڏهن نانگ ۽ بلائن جي وڌندڙ آزار ۽ سرڪاري اسپتالن ۾اينٽي سنيڪ ويڪسين نه هجڻ سبب بلائون کاڌلن کي هن اسپتالن ۾ ڦٿڪندي ڏٺو هو، جنهن کان پوءِ ڊاڪٽر آصف فرخي يونيسيف کان اينٽي سنيڪ ويڪسين يونيسيف جي پارٽنر تنظيم ٿر ديپ وٽ اهڙي ويڪسين رکائي هئي، جيڪا اسپتالن ۾ ويڪسين نه هجڻ کان پوءِ ڊاڪٽرن جي پرچيءَ تي اهڙن مريضن کي ويڪسين ڏني ويندي هئي. هو تنهن زماني ۾ يونيسيف ۾ هو ته چوٽياري ڊيم بابت ڊاڪيومينٽريءَ جي سلسلي ۾ مون کائنس چوٽياري ڍنڍ تي انٽرويو ڪيو هو. هو چوٽياري ڍنڍ جي سمورين باريڪ بينين کان واقف هو. مون کي چيائين ته چوٽياري ڍنڍ ۾ جنهن سطح جو پاڻي آهي. ان سطح تي خاص قسم جي پاڻيءَ ۾ گاهه ۽ جيت پيدا ٿين ٿا ۽ اهو مڇيءَ جي خوراڪ طور افزائش لاءِ اهم آهن. ڊيم ٺهڻ کان پوءِ ڍنڍ ۾ پاڻيءَ جي سطح وڌي وڃڻ سبب اهو گاهه ۽ جيت جڻيا ختم ٿي ويندا. جنهن جي نتيجي ۾ مڇيءَ جي افزائش تي وڏو ناڪاري اثر پوندو. هن زور ڏئي چيو هو ته چوٽياري ڊيم ٺهڻ جي نتيجي ۾ مقامي ماهيگير مڇي نه هجڻ سبب بيروزگار ٿي ويندا. چوٽياري ڊيم بابت 15 سال اڳ ڪيل سندس تجزيو سئو سيڪڙو سچ ثابت ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button