ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪ تي وڌندڙ قرض جو بار

Editorial

هڪ ملڪ ڪيترو قرض برداشت ڪري سگهي ٿو ۽ ان کي ڪيترو قرض مختلف مدن ۾ وٺڻ گهرجي، انهن سوالن جو بهتر جواب ته معاشي ماهر ڏئي سگهن ٿا پر هن وقت پاڪستان تي جيڪو قرض آهي، ان سان جيڪي معاشي مسئلا پيدا ٿيا آهن، ان کان پوءِ ائين پيو لڳي ته اڳيان هلي اهو قرض لاهڻ ڏکيو ٿي پوندو. ملڪي معيشت ۾ ڪو چاڙهو نظر ڪونه ٿو اچي ۽ نه ئي هن وقت تائين هاڻوڪي حڪومت وٽ به ڪو اهڙو معاشي پلان آهي، جنهن وسيلي اها ملڪ کي معاشي بحران به ڪڍي سگهي، پي ٽي آءِ جي حڪومت گذريل ساڍن ٽن سالن ۾ ايترو ته قرض کڻي ڇڏيو آهي، جيترو پاڪستان گذريل ستر سالن ۾ ڪونه کنيو هو. پي ٽي آءِ حڪومت رڳو پنهنجو وقت ڪٽڻ جي ڪوشش ڪندي رهي پر ان وٽ ڪوبه معاشي پلان نه هو، جنهن سان معيشت کي ٽيڪو ڏئي سگهجي ها. هڪ ڀيرو وري ملڪ جي وزير اعظم شهباز شريف به قرضن جي بار جو ذڪر ڪيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته قرضن جو ايترو بار آهي جو شايد اسان جا نسل به اهي قرض لاهي نه سگهن پر اسان کي الله تعاليٰ تي ڀروسو آهي، اسان نواز شريف جي قيادت ۾ ڏينهن رات محنت ڪنداسين، آخري ڀيرو ڪي پي جي وڏي وزير کي درخواست ڪري رهيو آهيان ته اٽو سستو ڪريو، موقعو مليو ته نواز شريف جي قيادت ۾ خيبرپختونخوا کي پنجاب بڻائي ڇڏيندس. مانسهرا ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته ڪي پي حڪومت اٽو سستو ڪرڻ تي جواب ناهي ڏنو، 24 ڪلاڪن ۾ وڏو وزير جواب ڏي، جواب نه آيو ته ڪپڙا وڪڻي سستو اٽو ڏيندس. فيصلو ڪرڻو پوندو ته تعمير ڪندڙ نواز شريف آهي يا عمران خان، نواز شريف جي قيادت ۾ رت ۽ پگھر وهائينداسين، قوم جي خدمت ڪنداسين. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته مهانگائي ساڍا 3 سال آسمان سان ڳالهيون ڪندي رهي، 50 لک گھر پري جي ڳالهه، هڪ سر نه لڳائي، اسان کي توهان جي تڪليفن جو احساس آهي، 8 ڪروڙ ماڻهن لاءِ ٻه هزار رپيا مهيني سر سبسڊي ڏني آهي، تعمير ڪندڙ هي خادم آهي ۽ تخريبڪاري ڪندڙ عمران خان آهي. پنهنجي زندگي لٽائي ڇڏيندس، توهان کي خوشحال ڪندس، پيٽرول جي قيمتون مجبوريءَ ۾وڌائڻيون پيون، هو شخص خزانا خالي ڪري هليو ويو، قرض ايترو آهي جو شايد نسل به نه لاهي سگھن. هن جو چوڻ هو ته پيٽروليم شين جي قيمتون گذريل حڪومت جي فيصلن جي ڪري وڌائڻيون پيون. عمران نيازي گاريون ڏيندو آهي مان ان جو جواب نه ڏيندس.
اسين سمجهون ٿا ته حڪومت کي رڳو قرض تي نه ڀاڙڻ گهرجي پر ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ڪجهه ڪرڻ گهرجي ته جيئن قرض جهڙي مرض مان جان ڇڏائي سگهجي ۽ آءِ ايم ايف مان به جان ڇٽي پئي، پر اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن ملڪ جا معاشي ماهر حڪومت کي بهتر مشورا ڏيندا، رڳو عوام تي ٽيڪس مڙهي بهتر نتيجا حاصل نٿا ڪري سگهجن، تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام کي رليف ڏنو وڃي ۽ ملڪي معيشت جي بهترين لاءِ ڪي نوان در کوليا وڃن.

سنڌ جي پاڻيءَ تي وفاق جو ڌاڙو
سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ڪيتري وڌي وئي آهي، ان جي شاهدي اسان کي سنڌ ۾ ٿيندڙ احتجاجن مان ملي رهي آهي، اهي احتجاج رڳو سياسي پارٽيون ڪونه ڪري رهيون آهن پر عام ماڻهو، آبادگار ۽ ساڃاهه وند ڌريون ڪري رهيون آهن. جيئن ته پاڻي زندگيءَ جي اهم ترين ضرورت آهي تنهنڪري ان جي دستيابي به اوتري ضروري آهي. هن وقت پنجاب پاران پاڻي نه ڇڏڻ ۽ پنهنجا فلڊ ڪئنال واهڻ جي ڪري پاڻيءَ جي سخت کوٽ پيدا ٿي پئي آهي. پر اها کوٽ جيڪا سڄي سنڌ ۾ نظر اچي رهي آهي، ان کي ڪنهن حد تائين گهٽائي به سگهجي ٿو. ان حوالي سان ڪالهه به مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪيو آهي.
سڄي سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف عوامي جمهوري پارٽي پاڪستان احتجاجي مظاهرا ڪيا. ان سلسلي ۾ سکر ۾ اي جي پي اڳواڻ عاشق چاچڙ، حڪيم زنگيجو، شاهه محمد انڊڙ، عبدالشڪور ۽ عبدالوحيد ڀيو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ قدرتي نه پر هٿرادو آهي. وفاق پاڻي تي ڌاڙو پيو هڻي، لکين ايڪڙ زمين غيرآباد ٿي وئي، سنڌ کي پنهنجي جي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. ارسا سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي ۾ ساٿاري بڻيل آهي. وارهه ۾ اي جي پي اڳواڻ محمد صلاح چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. خيرپور ناٿن شاهه ۾ ضلعي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسحاق گاڏهي، ايڊووڪيٽ مصطفيٰ چانڊيو، ايڊووڪيٽ حفيظ لغاري ۽ ايڊووڪيٽ جبار سيال جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ٿيو. لالو رائنڪ ۾ محمد پنهل چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ڌرڻو هنيو. لاڙڪاڻي ۾ در محمد ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي. اي جي پي جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ سيد لعل شاهه، ڪرم حسين وساڻ، ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو، رشيد سڌايو، درمحمد ٻرڙو، خادم ٽالپر، ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي، شهزادي ڀرڳڙي، ادي نظير قريشي، وجدان سراج سيال، نور جوکيو، علي احمد لغاري ۽ پروفيسر امير گل ڪٽوهر چيو آهي ته حڪومت تيل جي قيمت وڌائي سڄي ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو هڪ وڏو بم ڪيرايو آهي، حڪمرانن کي پنهنجون معاشي پاليسيون جوڙڻ نه ٿيون اچن ته پو فورن اقتدار ڇڏي گهر هليا وڃن، پاڻ ته کرب پتي آهن، پر 20 هزار واري پگهار وارو ماڻهو انهن جي غلط پاليسن جي ڪري هڪ وقت جي ماني لا پريشان آهي، هي ته صرف آ ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي هلڻ لا آيا آهن. هنن چيو ته غريب عوام مٿان بار وجهڻ بدران کرب پتي حڪمران پنهنجي فيڪٽرين جي ٽيڪس ئي ايمانداريءَ سان ڏين ته ملڪ معاشي بحران مان نڪري سگهي ٿو.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ سان پاڻيءَ جي ورڇ جي معاملي تي وفاق سدائين ناانصافي ڪندو رهيو آهي پر سنڌ جي آبپاسي کاتي کي گهرجي ته جيڪو پاڻي به سنڌ کي ملي رهيو آهي، ان کي پهرين پوڇڙي وارن علائقن تائين پهچايو وڃي، جنهن کان پوءِ مٿئين ضلعن کي پاڻي ڏنو وڃي. ڇاڪاڻ ته پوڇڙيءَ جو آبادگار هاڻوڪي پاڻي کوٽ ۾ سخت متاثر ٿي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button