ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

هڪ سنڌ ٻه قانون

Editorial-Article-Mukesh Kumar

ڪو به فيصلو وٺڻ کان پهرين هزار ڀيرا سوچڻو پوندو آهي تڏهن ئي ورتل فيصلو جٽادار ٿيندو آهي ٻي صورت ۾ ورتل فيصلي جا نتيجا تمام خراب نڪرندا آهن ۽ انسان کي ان مان ڪڻا ڪڍڻا پئجو وڃن ٿا. اسان جو سماجي الميو رهيو آهي ته ڪو به فيصلو وٺڻ کان پهرين اسان ان جي نتيجن کي نظرانداز ڪري ڇڏيون ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ اسان کي روڊن رستن، پريس ڪلبن تي اڪثر ماڻهو سراپا احتجاج نظر ايندا آهن. اهڙي ئي نوعيت جو هڪ فيصلو استادن جي ڀرتين جو ورتل آهي جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ حڪومت کي آئي ڏينهن پنهنجي ڪيل فيصلي تي نظرثاني ڪرڻي ٿي پئي ۽ ڏهاڙي نيون تعليمي پاليسيون متعارف ٿين پيون. 2018 ۾ سنڌ حڪومت پاران جي اي ايس ٽي استاد ۽ اي سي ٽي استادڻين جي ڀرتين جو اشتهار ڏنو ويو، جنهن ۾ تعليمي قابليت گريجوئيٽ ۽ پروفيشنل ڊگري (بي ايڊ) شرط رکي وئي، سنڌ جي ساک واري اداري آئي بي اي سکر کي استادن جي ڀرتين لا ٽيسٽ وٺڻ جو زمو سونپيو ويو ۽ ٽيسٽ پاس ڪرڻ لا، 60 مارڪون مقرر ڪيون ويون. 2018 ۾ ٽيسٽ وٺي ڪامياب اميدوارن جا نالا پڌرا ڪيا ويا پر ڪامياب اميدوارن جو انگ ايتريقدر گھٽ رهيو جو حڪومت کي پنهنجي ڪيل فيصلي تي هڪ ڀيرو ٻيهر نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي ۽ پاسنگ مارڪس 60 کان گھٽائي 50 ڪرڻيون پيون جنهن کانپو ڪامياب اميدوارن کي اپوائنٽمينٽ ليٽر ملڻ لا، 2 سالن جو ڊگھو وقت لڳو جيڪي 2020 ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ بطور جي اي ايس ٽي ۽ اي سي ٽي (صرف فيميل) مقرر ٿيا پر سندن اپوائنٽمينٽ ليٽر ۾ اهو واضح طور ٻڌايو ويو ته کين 3 سالن جي ڪانٽريڪٽ پيرڊ تي مقرر ڪجي ٿو، جنهن جو ڪانٽريڪٽ پيرڊ وڌڻ جوڳو پڻ آهي. 2020 جي ڀرتي ٿيندڙ استادن کي سڀني مراعتن بشمول انڪريمينٽ کان پڻ محروم رکيو ويو، جڏهن ته موجود سال 2022 ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ حڪومت پاران جي اي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي جو اشتهار ڏنو ويو پر هن ڀيري ڀرتيون بجا ڪانٽريڪٽ تي مستقل بنيادن تي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جيڪو هڪ خوش آئند فيصلو هو. ساڳي ريت آئي بي اي سکر طرفان ٽيسٽون ورتيون ويون، پاسنگ مارڪس به 60 مقرر ڪيون ويون پر هن ڀيري به ساڳي ريت رهي اسان جي واري ڳالهه نوجوانن جو هڪ وڏو انگ مقرر مارڪس نه کڻي سگھيو، جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت کي پنهنجي ڪيل فيصلي تان هڪ ڀيرو ٻيهر هٿ کڻڻا پيا ۽ پاسنگ مارڪس 60 کان گھٽائي 55 رکيون ويون جنهن ۾ اقليت ۽ عورت اميدوارن لا پاسنگ مارڪس 60 کان گھٽائي 50 مقرر ڪيون ويون، وري جو اهڙو وا وريو جو سڀني لا پاسنگ مارڪس 40 مقرر ڪري مختلف قسمن جون وضاحتون ۽ مقرري لا شرط ٻڌايا ويا.
هاڻ جڏهن هڪ ئي گريڊ تي مقرر ٿيل استادن جي ڀرتين ۾ ايتريقدر ٻه اکيائي جو اظهار ٿيو ته 2020 ۾ ڀرتي ٿيل استادن ۽ استادڻين ۾ بيچيني جو ماحول بيدار ٿيڻ لڳو ۽ انهن جي ذهنن ۾ اهو سوال اٿڻ لڳو ته هڪ سنڌ ٻه قانون ڇو؟ 2020 جون ڀرتيون ڪانٽريڪٽ بنيادن تي جڏهن ته هن سال ٿيندڙ ڀرتيون مستقل بنيادن تي ڇو؟ 2020 جا استاد پروفيشنل ڊگري رکندڙ جڏهن ته هن سال جا ڀرتي ٿيل استاد بنا پروفيشنل ڊگري تي مقرر ڇو؟ 2020 ۾ مقرر ٿيل استادن کي مراعتن کان محروم جڏهن ته هن سال جي ڀرتي ٿيندڙ استادن کي سڀ مراعتون ملن، ڇو؟ اهڙا ڪئي سوال هو ساڻ ڪري گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سراپا احتجاج آهن ۽ پنهنجي ريگيولر ٿيڻ جي گهرج ڪن پيا، ان ڏس ۾ 2020 جا مقرر ٿيل استاد ۽ استادڻيون پڪي ٿيڻ لا ڪڏهن ٽوئٽر ٽرينڊ ٿا هلائن ته ڪڏهن پنهنجن ضلعن جي پريس ڪلبن تي پرامن احتجاج رڪارڊ ٿا ڪرائن جنهن جو تازو مثال 22 مئي 2022 تي سموري سنڌ جي پريس ڪلبن تي جي اي ايس ٽي ۽ اي سي ٽي جو ٿيل احتجاج اسان جي اکين آڏو گذريو ۽ هاڻ 01 جون 2022 تي سڄي سنڌ جا جي اي ايس ٽي استاد ۽ اي سي ٽي استادڻيون ڪراچي پريس ڪلب تي پنهنجي پڪي ٿيڻ لا سراپا احتجاج ٿيڻ وڃن پيا.
مٿي ذڪر ٿيل سڄي وارتا تمام فڪر جوڳي آهي ڇو ته استاد جو پيشو ئي اهڙو آهي جيڪو اسڪول ۾ شاگرد کي علم جهڙي زيور سان آراسته ڪندي سونهي ٿو نه ڪي پريس ڪلبن تي احتجاج ڪندي. اسان جي سماج جو استاد جي پاڻ ئي ذهني اذيت ۾ مبتلا هوندو ته اهو استاد صحتمند ذهن ڪيئن تيار ڪري سگھندو. انڪري سنڌ حڪومت ۽ اعلي اختيارن کي گھرجي ته سنڌ جي استادن سان پيش پيل سڀني مسئلن جو فوري طور حل ڪڍي استادن جي بيچيني دور ڪري ته جيئن اهي استاد صحتمند سماج جوڙڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button