جيتوڻيڪ هي ڪو پھريون ڀيرو ناهي جو سِنڌو درياھه ۾ واريءَ جا واچوڙا اڏامندي ڏٺا ويا هُجن. ان کان اڳ ۾ سِنڌ اهڙن سُورن واري سُڃ مان گُذري چُڪي آهي پر سِنڌوءَ ۾ راڱا ڪندڙ هيلوڪي رُڃ ان ڪري وڌيڪ ڀوائتي ٿي پئي آهي، جو سمجھه ۾ نٿو اچي ته پنهنجو درياهھ بچائجي ته آخر ڪيئن!؟ اهو ان ڪري جو ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌ کان اَجل مرحليوار اهي قيادتون کسيندي رهي آهي، جيڪي وطن لاءِ هڪ وڏو ٻَل هيون ۽ سنڌ جي قومي وسيلن جي مالڪي واري سوال تي سندن آواز کي نه رڳو مُلڪي پر عالمي سطح تي به ٻُڌو ٿي ويو. جڏھن ته هلندڙ ڏينهن ۾ سنڌ وٽ رڳو ننڍيون ننڍيون ٽوليون آهن، جيڪي پنهنجي وِت وَس موجب درياھه لاءِ دانهن ڪُوڪ ڪري ته رهيون آهن پر اهڙي هَڪل جيڪا پنهنجي درياھه تي آيل جبري ٻَنڌ ٽوڙي وجهي، سا موجود ڪانهي.
اهو ئي سبب آهي جو درياھه ۾ واري جا واچوڙا ٿا پَسون ۽ مَٿيان پاڻي چور ۽ ڌاڙيل درياھه تي اوستائين ڌاڙو جاري رکندا جيستائين عوامي مزاحمت اڳتي وڌي درياهھ دشمن حڪمرانن جون ٻانهون نٿي مروڙي. هاڻي سوال آهي ته اهو عوام ڪٿي آهي؟ ۽ پاڻ انهي عوام کي ڪيئن ڳوليون ۽ سڃاڻون.
عوام جي اهڙي سُڃاڻپ سان گڏوگڏ سنڌ جي اڄوڪي نوجوان نسل کي پاڻي جو معاملو پيرائتي انداز ۾ سمجهائڻ جي به ضرورت آهي ڇو ته هيلوڪي نوجوان نسل درياھه لاءِ سنڌ جي مزاحمت ايئن اکين سان نه پسي آهي، جيئن پاڻ پسي آيا آهيون. تنهن ڪري پنهنجي هن ٽهي کي سڀ کان اول ته درياھه جو ڪيس تفصيل سان سمجهائڻ جي گهرج آهي ۽ ان کانپوءِ سنڌ پاران پنهنجي درياهھ جي دفاع لاءِ ڪيل جدوجهد ۽ مزاحمت جي تاريخ ٻڌائي مٿن اهو واضح ڪرڻو آهي ته اسان جي هيل تائين جي جدوجهد سنڌوءَ مٿان ڪهڙين ڪهڙين غير قانوني ۽ غير فطري قاتل رٿائن کي روڪي سگهي ۽ ڪهڙيون رٿائون سنڌ جي لڳاتار احتجاجن ۽ دانهن ڪُوڪن باوجو به نه رُڪجي سگهيون ۽ اڄ انهن ڌاڙيل واهن توڙي ڪئنالن ۾ سنڌو کي ڀاڱا ڀاڱا ڪري پنجاب ۾ وهايو پيو وڃي. ان کان پوءِ ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته اڄوڪي دور ۾، ڪالهوڪي جدوجهد جي نتيجن کي سامهون رکي ايندڙ ڏينهن جي حڪمت عملي جوڙجي ۽ ڏسجي ته سنڌ کان ٻاهر سنڌوءَ سان پيار ڪرڻ وارا ڪير آهن، ڪٿي آهن ۽ انهن کي سنڌوءَ جي بقا واري نئين جدوجهد ۾ ڪيئن ساڻي ڪري ٿو سگهجي؟
منهنجي نظر ۾ اها گهرج اڄوڪي دور جي سڀ کان وڏي حقيقت آهي.
اهو هيئن جو سنڌ ته هونئن ئي پنهنجي درياھه لاءِ ساھه پساهه ڇڏي ٿي پر جڏهن به نام نهاد ترقي جي نالي ۾ درياھه مٿان جڙندڙ ڪنھن قاتل رٿا خلاف سنڌ مان دانهن ٿيندي آهي، تڏهن سنڌ مٿان ملڪ سان غداري ۽ ترقي دشمني جون فتوائون جاري ٿينديون آهن. ۽ ان تناظر ۾ جڏهن اسان کي ايماندار، حقيقت پسند ۽ فطرت دوست ساٿي ٻين صوبن مان سنڌوءَ جي حقن جا وڪيل ملن ٿا، تڏهن سنڌ جو آواز وڌيڪ سگهارو ٿئي ٿو.
ان تناظر ۾ سڀ کان وڏو مثال سرائيڪي وسيب جو به آهي. هتان جي حاڪمن ٿل يا گريٽر ٿل ڪئنال جهڙن ڌاڙيل ڪئنالن بابت سدائين اها ڪوڙي ڪهاڻي پئي گهڙي آهي ته ان جو فائدو سرائيڪي سرزمين کي ٿيندو پر سرائيڪي وسيب جا روشن خيال ۽ وطن دوست فرد توڙي فورم سچ پڇو ته سنڌ کان به وڌيڪ انهن ڌاڙيل ڪئنالن خلاف ميدان عمل ۾ رهيا آهن ۽ اڄ به هو سنڌوءَ جي فطري حق لاءِ مسلسل جدوجهد ۾ رهندي اهو چون ٿا ته سنڌو هر حال ۾ سمنڊ تائين سدا وهندو رهڻ گھرجي ته جيئن سنڌو سڀيتا جي تاريخ ميسارجڻ کان بچي سگهي.
ايئن پاڻ کي پختونخواه توڙي بلوچستان ۾ پڻ سنڌوءَ جي ساڃاهه رکندڙ ملن ٿا ۽ اسان کي پنهنجي اها سگهه نئين سر سهيڙڻ لاءِ نئون ميدان گهرجي.
ان سموري ڳالهھ رکڻ جو مقصد پنهنجي نوجوانن کي اهو سمجهائڻ آهي ته جيئن اهي پنهنجي درياھه جي دفاع لاءِ گهربل نئين جدوجهد جون تقاضائون سمجهي سنڌ کان ٻاهر پنهنجا سڄڻ ڳولهي ساڻن جُڙي سگهن ته جيئن سنڌوءَ جي بقا جي ڪا واهھ نڪري پوي.
باقي پاڻ جنهن عوام جي سُڃاڻپ ۽ ڳولا جي ڳالھه ڪئي ته اهو عوام وسي ٿو سنڌ جي انهن ڳوٺن ۾، جن ڳوٺن تائين سنڌ جي قومي جدوجهد جي رسائي شهيد بشير خان قريشي جي دور ۾ جيڪا ٿي سا ٿي پر ان کان پوءِ اهو سلسلو جيئن ٽُٽو آهي ته وري ناهي ڳنڍجي سگهيو. تنهن ڪري وڃو ۽ وڃي پنهنجن ڳوٺن کي پاڻ سان جوڙيو، اهي ڳوٺ، جن جو سڌو سنئون پاڻي منجھه پساهه آهي. پوءِ ڏسو ته ڇا ٿو ٿئي!؟