ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

گلوبل وارمنگ سبب ٿيندڙ موسمياتي تبديليون ۽ اثر

Editorial-Article-Hussain Ali Mugheri

ڌرتيءَ جو گرمي پد لاڳيتو وڌڻ کي گلوبل وارمنگ چئٔبو آهي ۽ ھي عمل قدرتي آفت ناھي پر انسانن جي ايجاد ڪيل شين سبب ٿي رھي آهي. ناسا جي ھڪ رپورٽ موجب 1880ع ۾ ڌرتيءَ جي رڪارڊ ڪيل گرمي پد کان پوءِ ٻڙي ڏهائي 8 سينٽي گريڊ وڌي چڪو آهي. جيڪڏهن ائٔين ٿيندو رھيو ته زمين تي موجود زندگي خطري ۾ پئٔجي ويندي. ماھرن موجب جيڪڏهن ھن صديءَ ۾ دنيا جو گرمي پد 6 ڊگري سينٽي گريڊ تائٔين وڌي ويو ته ان سان انساني زندگيءَ کي به تمام وڏو خطرو ٿي سگهي ٿو ۽ ماڻھو تمام وڏين اذيتن ۾ وٺجي ويندا. ان ڪري ان تي وقت سر ڪنٽرول ڪرڻ تمام ضروري آهي ڇو ته ان جي ڪري برف رجي ٿي جنهن سبب سمنڊ ۾ چاڙهه وڌي ٿو. جيڪڏهن ائٔين ھلندو رھيو ته ڌرتيءَ جو ڪجهھ حصو پاڻي ھيٺ اچي ويندو، جنهن جي چاڙهه جو اثر سنڌ تي به نظر اچي رھيو آهي. سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ تي موجود شھر وڏي خطري ۾ آهن. ماھرن جو چوڻ آهي ته 2050ع ۾ ٺٽو شھر سمنڊ ڳڙڪائي ويندو. گلوبل وارمنگ جي ڪري موسمياتي تبديليون پڻ رونما ٿينديون آهن، جنهن سبب مينهن پوڻ وڌي ويندا آهن يا ته وري صفا گهٽ برسات ٿيندي آهي.
ھڪ سروي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايندڙ 50 سالن ۾ سڄي دنيا ۽ خاص طور عرب ملڪ گرمي سبب تمام گھڻو متاثر ٿيندا. گئٔسن جي خارج ٿيڻ سبب ماڻھو گرمي برداشت نه ڪري سگھندا. زمين رهڻ جي قابل نه ھئٔڻ جي صورت ۾ موت ٿيندا رهندا. عراق، ڪويت، دبئٔي، دوحه، ابوظھبي ۽ سعودي عرب کان سواءِ پاڙيسري ملڪن ۾ ايتري گرمي وڌندي جو ڇھن ڪلاڪن جو گرمي پد 74 کان 78 سينٽي گريڊ تائٔين پھچندو جنهن ۾ تيل سان مالامال ملڪن ۾ تباھي ٿيندي. جيئٔن ٻرندڙ جبلن مان لاوا نڪرندو آهي ممڪن آهي ته ايندڙ وقت ۾ واريءَ مان تيل ۽ گئسن جا لاوا نڪرن.
گلوبل وارمنگ ڇو پئي ٿئي؟
جڏهن کان يورپ ۾ صنعتي انقلاب آيو آهي، تڏهن کان صنعتن لاءِ اسان کي گهڻي توانائٔيءَ جي ضرورت محسوس ٿي آهي. انهي سبب جي ڪري ماحول ۾ تمام گهڻي آلودگي پئدا ٿي پئي آهي ۽ گلوبل وارمنگ ۾ پڻ واڌ ٿي آهي. اچ وڃ جي ذريعن جي وڌڻ سبب به ماحول ۾ گلوبل وارمنگ جو گھڻو واڌارو ٿيو آهي. گلوبل وارمنگ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ ماحول ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائٔيڊ جو خارج ٿيڻ آهي. آخرڪار ڪاربان ڊاءِ آڪسائٔيڊ ايڏي خطرناڪ ڇو آهي. پھرين ته اسان کي ڌرتيءَ جي باري ۾ ڪجھه سمجهڻ کپي، سج جڏهن پنهنجي گرمي زمين تي پھچائٔيندو آهي ته اھا گرمي سدائين لاءِ ھتي نه رھندي آهي بلڪه رات جي وقت اھا گرمي زمين واپس خلا ۾ رواني ڪندي آهي. انهيَ عمل کي سائنسي ٻوليءَ ۾ لينڊ بريزنگ چئٔبو آهي. تنهنڪري رات جو ڪن جاين تي پاڻي زمين کان وڌيڪ گرم ھوندو آهي ڇو ته پاڻي گرمي آھستي آھستي خارج ڪندو آهي پر ماحول ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائٔيڊ ۽ ٻيون گئسون جھڙوڪ ميٿئن، ڪاربان مونو آڪسائٔيڊ جي وڌڻ ڪري رات جو زمين مان گرمي خلا ۾ ڪانه وڃي سگھندي آهي بلڪه اتي ئٔي رھجي ويندي آهي جنهن سبب اصلي گرمي پد ۾ واڌارو ٿئٔي ٿو. اھي سڀ گئسون اچ وڃ جي ذريعن ۽ وڏين فيڪٽرين مان گھڻي مقدار مان خارج ٿينديون آهن، جنهن ڪري اسان جو ماحول تمام وڏي خطري ۾ آهي.
گلوبل وارمنگ کي ڪيئن روڪي سگھجي ٿو؟
گلوبل وارمنگ روڪڻ لاءِ سڀ کان پھرين ته اسان کي گهڻي انگ ۾ وڻ پوکڻا پوندا، جيڪي وڻ اڳ ۾ موجود آهن، انهن جي حفاظت ڪرڻي پوندي، ڇو ته ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي وڻ جذب ڪندا آهن. ھڪ تحقيق موجب ھڪ وڻ سال ۾ 22 ڪلو ڪاربان ڊاءِ آڪسائٔيڊ جذب ڪندو آهي. فوسل فيول جو استعمال نه ڪرڻ گھرجي، انهيءَ سان ماحول ۾ تمام گهڻي ڪاربان ڊاءِ آڪسائٔيڊ خارج ٿيندي آهي. اھا گاڏي جنهن جي ڪري تمام گهڻو دونھون ٿيندو ھجي، اها استعمال نه ڪجي ته بھتر آهي. شمسي توانائٔيءَ جو تمام گهڻو استعمال ڪرڻ گھرجي ڇو ته اھا بلڪل ماحول دوست آهي. ڪوشش ڪري گھرن ۾ بجليءَ جو سڄو نظام به شمسي توانائيءَ تي ھلائجي.
گلوبل وارمنگ روڪڻ لاءِ ھر انسان کي ڪوشش ڪرڻ کپي ڇو ته ان جو اثر ھر انسان ۽ جانور تي ٿيندو آهي. ڪجھه ئٔي سالن ۾ ان جا اثر وڌي ويندا، انهيءَ کان بھتر آهي ته ترت اپاءَ وٺجن ته جيئن اسين ڌرتيءَ کي رهڻ لائق بڻائي سگهون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button