ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

غيرجنسيت – II

Editorial-Article-AbdulKarim Channa

جنسي خواهش اڀاريندڙ نه هجڻ:
ڪي ماڻهو منجهيل هوندا آهن ته اهي شايد غيرجنسي ماڻهن ۾ شامل آهن. پر ياد رکجي ته جنسي عمل ڏانهن موهيا ويندڙ ماڻهو به ڪڏهن ڪڏهن جنسي عمل کان پاسو ڪرڻ جي خواهش رکندا آهن.
غيرجنسي ۽ گهٽ شهوتي خواهش رکندڙ ۾ اهم فرق اهو آهي ته جيتوڻيڪ ڪو فرد جنسي عمل ۾ اها دلچسپي گهٽ محسوس ڪري ٿو، ان صورتحال ۾ اهو ڏسجي ته اهو فرد بنيادي طور ڇا آهي يا ڇا هو وقتي طور ان للڪار کي منهن ڏئي رهيو آهي. اهو محسوس ڪرڻ ته اهڙو فرد جنسي اڀار نه ٿو محسوس ڪري (توڙي جو هو چاهيندو به هجي) اهو گهڻو ڪري نفسياتي، جسماني، يا تعلقاتي مسئلي سان به جڙيل هوندو آهي، جنهن کي ماڻهو درست ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته غيرجنسيت هڪ فطري لاڙو آهي، جيڪو تبديل نه ٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي تبديل ڪبو آهي.
هڪ گهٽ شهوتي خواهش رکندڙ ماڻهو دلچسپي يا ڇڪ محسوس ڪري ٿو پر هن ۾ جنسي عمل ڪرڻ جيترو ٻارڻ نه هجي ٿو، ان ريت اهو کڻي چئجي ته ان ۾ “خواهش بلڪل به ناهي يا تمام محدود آهي.” اهي شايد ان مان انتهائي غير مطمئن ٿيندا هجن ۽ گهڻي ڀاڱي پنهنجي جنسي ڇڪ/ڪشش واپس چاهيندا هجن. هڪ غيرجنسي ماڻهو گهڻي ڀاڱي ان ريت محسوس نه ٿو ڪري.
حاصل مقصد ته غيرجنسي هجڻ عام ڳالهھ آهي ۽ ان ۾ ڪجهھ به غلط ناهي. ڪي غيرجنسي ماڻهو ڪڏهن به سندن جنسي شدت/اڀار واري خواهش وڌائڻ جي ضرورت محسوس نه ٿا ڪن. (هتي اها ڳالھه به ذهن ۾ رکجي ته اسان وٽ غيرجنسي فردن کي نامرد طور سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان کي انتهائي خراب ڳالھه سمجهيو وڃي ٿو.)
پانسيڪسيوئل Pansexual:
هن جون مختلف وصفون بيان ڪيل آهن پر سڀ کان عام وصف هي آهي ته “پانسيڪسيوئل فرد ڪنهن به ٻئي فرد ڏانهن جنسي ڇڪ رکي سگهن ٿا پوءِ انهن ماڻهن جي کڻي ڪهڙي به جنس هجي. اڳياڙي واري pan جو مطلب آهي “سڀ”، ان ريت Pansexual فرد هر جنس جي ماڻهن کان موهجي سگهجن ٿا. ان مان مراد ته اهي عورت، مرد، کدڙي، ٽرانسجينڊر يا اڃا ڪنهن ٻي جنس ڏانهن ڇڪ محسوس ڪري سگهن ٿا.
ڪجھه پانسيڪسيوئل فردن مطابق ته اهي ٻين ماڻهن جي شخصيت جي بنياد تي انهن کان موهيا وڃن ٿا، ان ۾ جنس جو ڪو به ڪردار نه هوندو آهي. ان مان اهو نظر اچي ٿو ته پانسيڪسيوئل ماڻهو هر ڪنهن ڏانهن نه ٿو موهيو وڃي ۽ سندن موهيو وڃڻ ۾ جنس جو ڪو به عنصر شامل نه هوندو آهي.
پانسيڪسيوئل فرد ۽ باءِ سيڪسيوئل فرد ۾ فرق:
پانسيڪسيوئل ۽ باءِ سيڪسيوئل bisexual ٻه مختلف جنسي روايتون/لاڙا آهن، جيتوڻيڪ اهي ڪنهن وقت پاڻ ۾ رلجي به وڃن ٿيون. عام طور تي پانسيڪسيوئل فرد ڪنهن به جنس کان موهيا وڃن ٿا جڏهن ته باءِ سيڪسيوئل فرد فقط ٻن جنسن کان موهيا وڃن ٿا.
ڪجهھ باءِ سيڪسيوئل فرد پنهنجي باءِ سيڪسيوئلٽي کي هم جنس ۽ ٻي جنس کان موهيو وڃڻ طور بيان ڪندا آهن، جڏهن ته ٻيا وري پاڻ کي سڀني جنسن کان موهجي وڃڻ طور بيان ڪندا آهن. ڪو باءِ سيڪسيوئل فرد مردن ۽ عورتن، ۽ ٻين مختلف جنسن کان موهجي سگهجي ٿو ۽ اهو سڀ باءِ سيڪسيوئلٽي ۾ ڳڻيو ويندو آهي.
عملي طور ڳالهائجي ته ڪجھه پانسيڪسيوئل فرد پاڻ جهڙن فردن کان ئي موهجي سگهجن ٿا. اهم فرق هي آهي ته پانسيڪسيوئل مان مراد جنس کان مٿانهون ٿي سڀني قسمن جي فردن ڏانهن ڇڪ/موهه هجڻ آهي، جڏهن ته باءِ سيڪسيوئلٽي گهڻ جنسي ڇڪ/موهه آهي (جيڪا سڀني جنسن ڏانهن ڇڪ ٿي به سگهي ٿي ته نه به ٿي سگهي ٿي). ان ڪري ڪجھه ماڻهو پانسيڪسيوئلٽي کي باءِ سيڪسيوئلٽي جي هڪ شڪل ڪري وٺن ٿا جنهن ۾ heteroflexible پڻ شمار ٿي سگهي ٿي.
غلط اندازن کان پاسو ڪجي:
تاريخي طور تي پانسيڪسيوئلٽي ۽ باءِ سيڪسيوئلٽيءَ ۾ ڪجھه مونجهارو رهندو آيو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن ٻنهي قسمن ۾ ڪي هڪجهڙايون ۽ گهرو تعلق پڻ نظر اچي ٿو. ڪجھه ماڻهو ان سبب پريشان رهن ٿا ته پانسيڪسيوئلٽيءَ جو اڀار bi کي ختم ڪرڻ جي سهڪار جو نالو آهي. انهن موجب باءِ سيڪسيوئلٽيءَ کي هڪ نئين نالي سان تعارف ڪرايو وڃڻ جي ڪوشش آهي، ان ڪري جو باءِ سيڪسيوئلٽي ڪجھه قدر هيٺاهون يا گهٽ مقصد سمائيندڙ اصطلاح آهي. (ان جو مطلب ته bisexuality منجهان اڳياڙي bi ڪٽي ان جي جاءِ تي اڳياڙي pan هڻي ان لفظ کي تبديل ڪري Pansexuality بڻائي معنيٰ کي وسيع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. پر اصل ۾ ائين ناهي. هي ٻه جدا مقصد رکندڙ ٻه مختلف اصطلاح آهن، توڙي جي اهي ٻئي سندن معنائن ۾ ملندڙ محسوس ٿين ٿا.)
هڪ غلط فهمي اها به آهي ته باءِ سيڪسيوئل فرد فقط انهن ئي ماڻهن کان موهيا ويندا آهن، جيڪي ڄمڻ کان وٺي ساڳي جنس رکندڙ cisgender هوندا آهن، يا وري مخنث فردن کان موهجن ٿا، پر اها به درست سوچ ناهي.
فرد جي سڃاڻپ ڪهڙي به هجي پر اهو اهم آهي ته باءِ سيڪسيوئلٽي بابت غلط اندازن کان پاسو ڪجي، اهو ته باءِ سيڪسيوئل فرد موروثي طور ٻه جنسي آهي يا اهو پيدائشي طور طئي ٿيل عورتن cis women ۽ پيدائشي طور طئي ٿيل مردن cis men کان ئي موهجڻ واري خاصيت رکي ٿو. ان قسم جو خيال مڪمل غلط آهي.
گري سيڪسيوئلٽي Graysexuality:
گري سيڪسيوئل فردن کي gray_A يا gray_ace پڻ چيو ويندو آهي. هي اهي فرد هوندا آهن، جيڪي غيرجنسيت جي ڇٽيءَ هيٺ اچن ٿا. پر لفظ gray اهو اشارو ڪري ٿو ته اهڙن فردن جي جنسيت ۽ جنسي دلچسپيءَ واري لاڙي ۾ هلڪو/نازڪ فرق آهي. گري سيڪسيوئل فرد گري حدن gray areas ۾ اهڙي طرح اچن ٿا جو اهي جنسي ڇڪ محسوس ڪن ٿا، معنيٰ ته اهي جنسي ڇڪ محسوس ته ڪن ٿا پر قسمت سان يا وري گهٽ شدت سان.
گري سيڪسيوئل جنسيت، لاڳاپن ۽ لاڳاپن کان ٻاهر ٿيندڙ جنسي عمل جي پاڻمرادو برتري/فوقيت کي للڪاري ٿي. گري سيڪسيوئل فرد لاڳاپن ۾ جنسي ڇڪ بدران ٻين شين کي اهميت ڏين ٿا ۽ جنسي لاڳاپي کي تعلق جو مرڪز نه ٿا بڻائين. اهي ٻين ڪيترن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ڇڪ/ڪشش کي تمام گهٽ محسوس ڪن ٿا يا جنسي عمل کي گهٽ محسوس ڪن ٿا. غير جنسي عمل وارن طريقن ۾ پيار ۽ لاڳاپي کي وڌيڪ ظاهر ڪندڙ هوندا آهن، اهي گهڻي ڀاڱي جنسي عمل به ڇڪ کان هٽي ڪري ٻين سببن ڪري ڪن ٿا. اهي بنيادي طور تي جنسي مرڪز کي بنياد نه ٿا بڻائن.
اهو ڌيان رکڻ پڻ اهم آهي ته ڪيترا ئي گري سيڪسيوئل فرد سندن ذاتي يگانن احساسن ۽ تجربن تي مدار رکندي جنسي عمل ۾ حصو وٺن ٿا ۽ ان منجهان لطف ماڻن ٿا.
گري سيڪسيوئل جنسيت چئن اهم ڀاڱن يا قسمن ۾ ورائي سگهجي ٿي.
جنسي عمل کان پري ڀڄندڙ Sex-repulsed:
اهڙا فرد جيڪي هن حصي ۾ اچن ٿا اهي متان به جنسي ڇڪ محسوس ڪندا هجن پر جنسي عمل کي اڻوڻندڙ ۽ نفرت جوڳو ڀائيندا هجن.
غيرجانبدار Indifferent/Neutral:
اهي فرد ٿوري جنسي ڇڪ يا خواهش محسوس ڪري سگهن ٿا پر انهن کي جنسي عمل يا پنهنجن احساسن کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ مضبوط احساس نه هجن ٿا.
ٻٽا جذبا رکندڙ Ambivalent:
اهڙا فرد جيڪي وڌيڪ ٻٽا جذبا رکندڙ لاڙي وارا هوندا آهن، اهي جنسي عمل بابت گڏيل احساس رکن ٿا پر اهي غيرجانبدار، پري ڀڄندڙ، يا وڻندڙ طور پيش نه ڪيا وڃن ٿا. جنسي عمل بابت انهن جا احساس لڳاتار بيقاعدگيءَ سان بدلجي سگهجن ٿا يا وري لاڳاپيل ٿي سگهن ٿا، يا وري اهي مخصوص جنسي سرگرمين ڏانهن پسند رکي سگهن ٿا.
جنسي عمل چاهيندڙ Sex-interested/Sex-favorable:
گري سيڪسيوئل فردن منجهھ جنسي عمل پسند ڪندڙ يا ان ۾ دلچسپي رکندڙ پڻ شامل آهن. اهي ماڻهو ڪجهھ جنسي خواهش محسوس ڪرڻ جو لاڙو رکن ٿا ۽ جنسي سرگرميءَ ڏانهن کليل نموني حصو وٺن ٿا يا ان مان لطف وٺن ٿا پر اهي جنسي عمل جي ڇڪ يا شدت جو تجربو نه ٿا ماڻن. جنسي عمل ڪجھه سببن جي ڪري انهن جي لاڳاپن جو حصو ٿي سگهي ٿو، اهي سبب جيڪي جنسي ڇڪ تي مدار نه ٿا رکن جن منجھه رومانوي تعلق يا جسماني شدت جي احساس جو لطف شامل آهي.
گري سيڪسيوئلٽي جو جنسي لاڙي سان تعلق:
ڪي ماڻهو غيرجنسي اهڃاڻ کي جنسي لاڙي کان الڳ سمجهن ٿا، ان مان مراد ته گري سيڪسيوئل فرد کي الڳ جنسي لاڙو ٿي سگهي ٿو. گري سيڪسيوئلٽي ۽ غيرجنسيت جا اصطلاح ڪنهن فرد جي جنسي احساسن ۽ جنسي ڇڪ ڏانهن پهچ کي بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا. ٻئي طرف، جنسي لاڙو اهو بيان ڪري ٿو ته ڪو فرد جنسي طور ۽ رومانوي طور ڪهڙي جنس جي فرد کان موهيل آهي.
ان ڪري ٻنهي گري سيڪسيوئل ۽ هيٽروسيڪسيوئل graysexual and heterosexual يا ٻنهي گري سيڪسيوئل ۽ هومو سيڪسيوئل graysexual and homosexual ۽ اهڙن ٻين اصطلاحن جي وضاحت ڪرڻ ممڪن آهي. هي پڻ bisexuality ۽ pansexuality سميت ٻين سڀني جنسي لاڙن کي سمائي وڃي ٿو. ڪيترا ئي گري سيڪسيوئل فرد جنسي طور لاڳاپا قائم ڪندا رهن ٿا، ۽ انهن کي جنس جي چونڊ ۾، جن کان اهي موهيل هوندا آهن، مڪمل واضح ڪارڪردگي هوندي آهي يا ان جنس کان جن ۾ اهي رومانوي طور دلچسپي رکندڙ هوندا آهن.
) هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button