پاڻي کوٽ خلاف هڪ پاسي عوامي سطح تي احتجاج جاري آهي ته ٻئي پاسي سنڌ حڪومت لکت ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهي آهي پر تنهن هوندي به سنڌ ۾ پاڻي کوٽ گهٽجڻ بدران وڌي رهي آهي. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پنجاب ۽ ارسا سنڌ ۾ پاڻي کوٽ تي نه ڪو نوٽيس وٺي رهيا آهن ۽ نه ئي اهي ان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ سنجيده آهن. تنهنڪري سنڌ جي شاخن ۽ واهن ۾ واري اڏامي رهي آهي. سنڌ حڪومت صوبي ۾ وڌندڙ پاڻيءَ جي سخت کوٽ تي خدشو ظاھر ڪندي ارسا کي احتجاجي خط اماڻيو آهي. آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شوري جي هدايتن تي آبپاشي کاتي صوبي ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ ۽ 91ع واري پاڻي ٺاھه تي عملدرآمد نه ڪرائڻ تي ارسا خلاف احتجاج ڪندي خط لکي پنهنجن خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير ڄام خان شوري جو چوڻ ھو ته ارسا پاران پاڻيءَ جي غير منصفاڻي ورڇ سبب سنڌ صوبو پاڻيءَ جي شديد بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته ارسا 1991ع واري پاڻي معاھدي جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڻي کوٽ دوران صوبن ۾ برابريءَ جي بنياد تي پاڻي ورڇ نه ڪري رھيو آهي. صوبائي وزير ڄام خان شوري جو چوڻ ھو ته آبپاشي کاتي صوبي ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ناانصافين خلاف ارسا اختيارين کي احتجاجي خط ذريعي صوبي جي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي. جڏهن ته ارسا پاران ھلندڙ سال اپريل مھيني دوران پنجاب صوبي کي 34 سيڪڙو ۽ سنڌ صوبي کي 42 سيڪڙو پاڻيءَ جي کوٽ ڏني وئي. صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو ته هن وقت سنڌ صوبي کي 47 سيڪڙو ۽ پنجاب صوبي کي 31 سيڪڙو پاڻيءَ جي شارٽيج ملي آهي ۽ ارسا طرفان سنڌ صوبي ۾ مئي جي مهيني دوران پاڻي کوٽ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. ڪالهه به اهڙيون خبرون رپورٽ ٿيون آهن. پر ان کان به خراب صورتحال تڏهن پيدا ٿئي ٿي، جڏهن سنڌ ۾ واهن ۽ شاخن کي گهارا لڳڻ شروع ٿين ٿا.
هنڱورجا ڀرسان نئون ڳوٺ سهتا جي سامهون نو لکي واهه کي 30 فوٽ گهارو پئجي ويو. تفصيل موجب هنڱورجا ڀرسان نئون ڳوٺ سهتا سامهون نولکي واهه کي آرڊي 55 وٽان اوچتو 30 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ نئون ڳوٺ سهتا جا ڪيترائي گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ان کان سوا پوکيل فصل ۽ پيرواڌو وڌڻ قبرستان پاڻي هيٺ اچي ويو. جڏهن ته گهاري جو اطلاع آبپاشي عملدارن کي ڏنو ويو پر عملي مان موقعي تي ڪير به نه پهتو، جنهن ڪري ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل رهيا، پنج ڪلاڪن کان پوءِ آبپاشي عملدار مشينري سميت گهاري واري هنڌ پهتا ۽ گهارو بند ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون. هوڏانهن نولکي واهه کي روهڙي ڪينال وٽان بند پڻ ڪرايو ويو، ڳوٺاڻن آبپاشي عملدارن خلاف احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته ڪامورن جي نااهلي ۽ واهه جا ڪپر ڪمزور هجڻ جي ڪري واهه کي گهارو پيو آھي، جنهن سبب اسان جا پوکيل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آھن، آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان رسيو آھي. ٻئي پاسي صوبائي وزير پير سيد احمد رضا شاهه جيلاني، ايم اين اي جاويد شاهه جيلاني گهاري جو نوٽيس وٺندي چيف انجنيئر سکر بيراج کي فون تي کيس کي گهارو مڪمل بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان کان سواءِ پيرو لاشاري ڀرسان ڳوٺ مورجهر موري ٻٻرن جي ڳوٺ ڀرسان مورجهر شاخ 20 فوٽ کان مٿي گهارو لڳي ويو، جنهن سبب سوين ايڪڙ زرعي زمين پاڻي هيٺ اچي وئي ۽ پورو علائقو متاثر ٿيو. گهاري پوڻ جا اطلاع ڏيڻ باجود آبپاشي عملو سرزمين تي نه پهچي سگهيو. هي نااهلي ته سنڌ جي آبپاشي کاتي جي آهي، ان ۾ وفاقي حڪومت تي ڪو ڏوهه نٿو ڏئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ گهارا لڳڻ سان سنڌ جو پاڻي وارو ڪيس وڌيڪ ڪمزور ٿيندو. ان سان اهو تاثر ويندو ته سنڌ جي واهن ۾ ايترو پاڻي آهي جو اتي گهارا لڳي رهيا آهن. تنهنڪري سنڌ کي پاڻي ڏيڻ کان جواب ڏنو ويندو. سو آبپاشي کاتي کي ان پاسي وڌيڪ ڏيڻ جي ضرورت آهي، جيڪو لاڳيتو سنڌ جي ماڻهن کي موجوده پاڻي پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪونه پيو ڪري. جنهن جي ڪري سنڌ جا آبادگار پريشان لڳا پيا آهن.
اسين سمجهون ٿا ته پاڻي کوٽ جي مند ۾ ائين شاخن کي گهارا لڳڻ هڪ وڏي ڪوتاهي آهي. تنهنڪري پهرين فرصت ۾ انهن ملازمن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، جن جي ڪري گهارا لڳي رهيا آهن. انهن کي ترت عهدن تان هٽايو وڃي ۽ جيڪو ملندڙ پاڻي آهي، ان کي محفوظ نموني آبادگارن جي ٻنين تائين پهچايو وڃي ته جيئن اهي پنهنجا فصل وقت سر بنا ڪنهن پريشانيءَ جي پوکي سگهن.