شاعري احساسن، جذبن، روح جي آواز ۽ انساني ڪيفيتن جي اظهار جو نالو آهي. جڏهن به ڪو فرد (شاعر) پنهنجي جذبن، اڌمن، اندر جي اڻ تڻ ۽ پنهنجي احساسن جو اظهار ڪرڻ چاهيندو آهي ته هو شاعري جي سهاري سان نظم، غزل، بيت، وائي يا شاعري جي ٻئي ڪنهن به صنف جي ذريعي ان جو اظهار ڪندو آهي.
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم “خليل” لکي ٿو ته:
“حيوانن تي جڏهن ڪوبه جذبو طاري ٿو ٿئي تڏهن مختلف قسم جي آوازن يا حرڪتن سان ظاهر ٿيندو آهي. مثلن شينهن گجڪار ٿو ڪري، ڪوئل ڪوڪ ٿي ڪري ۽ مور نچي ٿو. انسان جا جذبا به حرڪتن جي ذريعي سان پورا ٿا ٿين. پر ان کي جانورن کان وڌيڪ هڪ ٻي قوت ڏني ويئي آهي يعني نطق ۽ گويائي تنهنڪري جڏهن هن تي ڪو قوي جذبو طاري ٿو ٿئي ته اوچتو هن جي وات مان موزن لفظ نڪرن ٿا، جن جو نالو شعر آهي.”
لفظ شعر عربي لفظ شعور مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي دانائي يا لفظ شعر جي معنيٰ مٿي جا وار به آهي. شاعري قدرتي ڏات هوندي آهي جيڪا هر ڪنهن جي حصي ۾ ناهي ايندي. اها ڏات ان کي ملندي آهي جنهن جي دل احساسن سان ڀريل هوندي آهي. تاج بلوچ پڻ انهن چند خوشنصيب ڏات ڌڻين مان هڪ آهي جن جي مٿان ڏات جي ديوي مهربان رهي آهي.
اهائي شاعري امر ٿيندي آهي جنهن ۾ فن ۽ فڪر جو حسين امتياز هوندو آهي. تاج بلوچ جي شاعري ۾ ادب براءِ زندگي سان گڏ ادب براءِ ادب پڻ ملي ٿو. تاج بلوچ جي شاعري ۾ جتي خيالن جي اڏام نظر اچي ٿي. اتي فن جو پڻ سهڻو استعمال ٿيل آهي. تاج بلوچ اهو مصور شاعر آهي جيڪو پنهنجي شعر ۾ بک، افلاس ۽ پيڙائن سان گڏ وصل جي اهڙي ته مڪمل تصوير ڏيکاريندو آهي جو سندس شاعري پڙهندڙ جي سڀني حواسن تي حاوي ٿي ويندي آهي.
تاج بلوچ جي شاعريءَ ۾ حسن آهي، اهو حسن جيڪو سج لهڻ جي منظر، تيز رفتار پاڻيءَ ۾ شفاف لهرن، چوڏهين جي کير جهڙي چنڊ، گهنگهور گهٽائن، محبوب جي ادائن، منگتي جي صدائن ستارن جي جهرمر، رات جي پوئين پهر وارياسي تي ٺري ويل واريءَ، ماڪ ڀني رابيل جي مکڙين، اڌ ٽڙيل گلاب رات جي راڻيءَ جي مهڪار، ميهار جي هونگار، پازيب جي جهنڪار، جواني جي بهار، ڪونجن جي قطار، نوخيز ۽ شرميلي نهار ۽ آڌي رات جو لکندڙ جي بيقراري ۾ هوندو آهي.
تاج بلوچ ڪنهن به جذبات جي ٻوڏ ۾ نٿو ٻڏي نه ئي وري هو جذبات ۾ اچي نعريبازي ڪري ٿو. بلڪه هو پنهنجي مشاهدي ۽ مطالعي جي اک سان تخليق ڪندو آهي. تاج بلوچ جي شاعري جي فڪر جون پاڙون ڌرتي ۾ کُتل آهن. بنيادي طور تي تاج بلوچ اٻوجهه ۽ اياڻن ماڻهن جو نمائنده شاعر آهي.
تاج بلوچ بنيادي طور تي ترقي پسند شاعر آهي. جنهن “ون يونٽ” خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ پنهنجو ڀرپور حصو ورتو. هن جي شاعري سنڌ جي جاگيردار ڪلچر جي خلاف آهي. تاج بلوچ جي شاعري ۾ نه صرف ڪمال جي جماليات ملي ٿي پر سندس شاعري ۾ ڌرتي سان عشق جي اظهار طور ڪيل سندس مزاحمتي شاعري پڻ ڌرتي واسين جي دلين جي ترجماني ڪندي نظر اچي ٿي. تاج بلوچ جي شاعري گهڻ رخي آهي، هو رومانيت پسند به آهي ته، ترقي پسند پڻ، انسان دوست به آهي ته حقيقت نگار پڻ، معاشري جو بهترين عڪاس به آهي ته، معاشري کي سڌارڻ لاءِ قلم وسيلي ووڙيندڙ پڻ. اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته انسانن سان محبت ڪندڙ هن حساس دل ۽ طبعيت واري شاعر جي شاعري انسانن سان محبت پيار ۽ پنهنجائپ جهڙي فڪر کان خالي هجي. سندس شاعري انسان دوستي جي فڪر جو اعليٰ مثال آهي. ۽ سندس شاعري جو اهم ۽ طاقتور پهلو آهي ئي انسان دوستي وارو پهلو.
سنڌ جي چيڪي مٽي مان جنم وٺندڙ هن شاعر جي شاعري ۾ فطرت جا حسين رنگ ۽ روپ ملن ٿا ۽ سندس شاعري فطري سونهن سان ٽمٽار آهي. ترقي جي راهه جو هي راهي هر وقت سنڌ واسين کي ترقي ۽ ڪاميابي جي راهه تي هلڻ لاءِ همٿائيندو رهيو آهي ۽ ترقي جي ان ڪٺن راهه تي اڪيلو هلڻ جي هدايت ڪندو رهيو آهي. سندس شاعري ۾ ترقي پسند فڪر نمايان نظر اچي ٿو. تاج بلوچ هر طبقي جو شاعر آهي، ۽ سندس شاعري ۾ هر طبقي جي ماڻهن جي دردن جا داستان لکيل آهن. هن نثري نظم “ڏٻرو” ۾ تاج بلوچ بک وگهي مري ويل ان غريب جي لاش جي تصوير ڪيڏي نه دردناڪ منظري نگاري سان چٽي آهي.
هن دنيا ۾ سڀ کان وڏي بيماري بک جي بيماري هوندي آهي. جيڪا انسان کي حيوان بنائڻ ۾ دير ناهي ڪندي. شيخ اياز به چيو آهي ته “ڍو بنا ڊولا ڪونهي ساڃاهه سونهن جي”
هن نظم ۾ به بک ۾ مري ويل ان بي وس ۽ لاچار انسان جي لاش جو ذڪر ٿيل آهي جيڪو انسان انسانن جي وچ ۾ تڙپي تڙپي مري ويو.
ڏٻرو لاش
هن ڏٻري لاش کي پوريو ڇو ٿا؟
ڪفن دفن لئه تڙپو ڇو ٿا؟
ڊوڙو ڇو ٿا؟
هن ڏٻري لاش کي پوريو ڇو ٿا؟
ڌرتي تنگ_
لٺو_ ڪورو ڏاڍو مهانگو
ٻيڻي تنهن کان آهه قبر جي کوٽائي
قبرستان جو رستو
ڏور گهڻو ۽ ڏاڍو اوکو
کڻي انهي هلندو ڪير؟
قل انهي تي پڙهندو ڪير؟
گل انهي تي چاڙهڻ خاطر
پئسو پنجڙ ڏيندو ڪير؟
ڌپ اچي ٿي؟
پنهنجي دانوڻ ۽ جهاتي پايو
ڪيڏا بدبودار آهيو
هي لاش کڻي جي پوريندا
ڌرتي ڏاڍي بکايل آهي
پيٽ انهي جو ڀرڻو ناهي
ڇا به ڪيو ڪجهه ورڻو ناهي
هن ڏٻري لاش کي او سائين
گند جي ڍير مٿي اڇلايو
جيئن ڪتا، ڪانو، ٻليون
۽ جيت جڻا ڪو پيٽ ڀرن
ڪا بک مٽي
ڪا بک مٽي
هي به مئو آ بک وگهي
هي به مئو آ بک وگهي.
تاج بلوچ انهن انگ اگهاڙن ۽ پيٽ بکايلن جو شاعر آهي جيڪي اڄ جي هن جديد دور ۾ به هڪ ويل جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن. اهڙي صورتحال ۾ انسان دوست شاعر ڪيئن چنڊ ۽ ستارن جون ڳالهيون لکندو، ڪيئن مست بهارن جون ڳالهيون لکندو.
ڪيئن لکان چنڊ ستارن جون ڳالهيون
ڪيئن لکان مست بهارن جون ڳالهيون
اڄ جو انسان ڳڀي لاءِ ٿو تڙپي
ڪيئن لکان ڪيئن نظارن جون ڳالهيون
اهڙي صورت ۾ ڪنوارن اڌمن جي خوابن، بکئي پيٽن جي خوابن ۽ ننگي جسمن جي خوابن جو تعبير ڪهڙو ٿيندو؟ اهو هڪ سواليه نشان آهي جنهن جو ذڪر تاج بلوچ هن شعر ۾ ڪيو آهي.
ڪنواري اڌمن جي خواب جو تعبير
بکئي پيٽن جي خواب جو تعبير
ڪهڙو نڪتو، ٻڌائي ڪو سگهندو؟
ننگي جسمن جي خواب جو تعبير؟
هن دنيا ۾ اهو ئي ماڻهو امر ٿي ويندو. ۽ ان ئي ماڻهو جو نالو تاريخ جي صحفن توڙي ماڻهن جي دلين ۾ زندهه رهندو جيڪو ماڻهو ٻين جي زندگي کي آسان بنائڻ لاءِ پنهنجي سموري زندگي وقف ڪري ٿو. ۽ اهڙو ماڻهو انسان دوست ئي هجي ٿو. جيڪو ٻين انسانن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري ٿو. اسان وٽ ماڻهن جي اڪثريت ٻين جي لتاڙيل رستن جي نشانن تي هلندي آهي. پر تاج صاحب کين خبردار ڪري ٿو ته اصل واٽ اها آهي جنهن تي هلندڙن جو تعداد ته ٿورڙو هوندو آهي پر سهي دڳ تي اهي ئي هوندا آهن.
وقت اهو بي رحم بادشاهه آهي جيڪو پنهنجي قدر نه ڪندڙ کي ڪڏهن به معاف ناهي ڪندو. ۽ جنهن وقت جي اهميت کي نه سمجهيو ان ڄڻ ته ڪجهه به نه سمجهيو. ماضي هڪ فريب آهي دوکو آهي جنهن جي سحر ۾ رهندي اسان ڪڏهن به پنهنجو اڄ توڙي مستقبل سنواري نٿا سگهون. تنهڪري اسان کي جيڪڏهن پنهنجو مستقبل بهتر بنائڻو آهي ته اسان کي پنهنجو اڄ بهتر بنائڻو پوندو جنهن سان نه صرف اسان جو مستقبل بهتر ٿيندو بلڪه اسان جو ماضي پڻ موچارو ٿيندو.
اها تاج بلوچ جي ئي ترقي پسند سوچ آهي جيڪو اسان جو ڌيان ان طرف ڇڪائي رهيو آهي ته اسان کي پنهنجو اڄ سنوارڻ گهرجي ته جيئن اسان جو ايندڙ مستقبل سنوارجي سگهجي.
عروج فرد کي حاصل ٿئي ٿو مشڪل سان
زوال پذير ٿئي اوج، هڪڙي کن_پل سان
ٿڏي ٿو سوڀ تي انسان، عين فطرت آهي
تباهه شخص ٿئي ٿو ڪڌي مشاغل سان
اهڙو ئي اظهار تاج بلوچ پنهنجي هڪ ٻئي شعر ۾ پڻ ڪيو آهي
روشن خيال دور ۾ ماضي جي پويان ڊوڙ؟
ڪيڏو نه بدنصيب لڳي ٿو سو آدمي
پنهنجي ئي حاصلات کان ڇرڪي پري ٿئي
مون کي وڏو غريب لڳي ٿو سو آدمي
تاج بلوچ سنڌ جي ماڻهن کي سجاڳ ڏسڻ چاهي ٿو ۽ اها سندس ترقي پسند سوچ آهي جو هو پنهنجي ماروئڙن کي دنيا سان گڏ هلائڻ چاهي ٿو.