ملڪي سياست ۾ حيران ڪندڙ تماشو جاري آهي. عمران خان جيڪي “گناهه” ڪيا، انهن جو ڪفارو وري اتحادي حڪومت ادا ڪري رهي آهي. عمران خان عالمي مالياتي ادارن سان جيڪي به ٺاهه ڪيا، انهن جا نتيجا به اسان جي سامهون آهن. آخرڪار اتحادي حڪومت عمران خان جي گناهن جي ٽوڪري کڻڻ تي ڇو مجبور ٿي وئي؟ هڪڙي ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ٿي ته ان وقت جي مخالف ڌر ۽ موجوده اتحادي حڪومت کي ڊپ هو ته شايد عمران خان انهن تي وڏو حملو ڪرڻ وارو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ انهن جو وجود مٽجي سگهي ٿو،ممڪن آهي ته اتحادي حڪومت کي هي به ڊپ هجي ته عمران خان ملڪ کي جنهن طرف وٺي وڃي رهيو آهي، ان جي حالت ان حد تائين پهچي سگهي ٿي، جو هو ايندڙ چونڊن کانپوءِ جيڪڏهن اقتدار ۾ آيا ته انهن وٽ ڪجهه به نه هوندو؟ هي به ٿي سگهي ٿو ته اتحادي حڪومت کي به اقتدار جي بک هجي، جنهن کين اقتدار جون واڳون سنڀالڻ تي مجبور ڪيو هجي؟ ڇا هي چئي سگجهي ٿو ته عالمي قوتن جي اشاري تي اتحادي حڪومت قائم ٿي؟ ائين جيئن عمران خان عالمي سازش جو ذڪر ڪندو رهيو آهي؟ ممڪن آهي ته اتحادي حڪومت اسٽيبلشمنٽ جي ونگار وهي وئي هجي، ڇاڪاڻ ته اڳي پوءِ انهن کي اتي ئي وڃڻو آهي ۽ اتان اقتدار جون واڳون ملڻيون آهن؟ جيڪڏهن هي ڳالهه درست آهي ته اتحادي حڪومت اسٽيبلشمنٽ جي وانگار وهندي اقتدار جا مزا ماڻڻ لاءِ ميدان ۾ لٿي هجي! هي ڳالهه واضح پئي آهي ته جيڪڏهن ڳالهه ايتري ئي آهي ته اتحادي حڪومت اقتدار جون واڳون ته سنڀاليون پر جيڪا سياسي قيمت ادا ڪري رهيا آهن، اها ماضي جي مقابلي ۾ تمام گهڻي آهي. انڪري هي سازشي ٿيوري به سامهون آئي آهي ته جنهن جي به مشوري تي اتحادي حڪومت ۾ آيا آهن، هي انهن هٿان ٽريپ ٿيا آهن!
هينئر اتحادي حڪومت عوام تي جيڪو معاشي ٻوجهه وڌو آهي، پيٽروليم جي شين جي اگهه ۾ هڪ هفتي جي اندر 60 رپيا في ليٽر واڌ ڪري سمورا ريڪارڊ ٽوڙيا آهن. ان سان گڏ پيٽروليم سان لاڳاپيل ٻين شين جا اگهه به آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. عالمي مالياتي فنڊ سان ڪيل ٺاهه هي اهو ئي آهي، جيڪو عمران خان جي حڪومت ڪيو هو، يا وري نئين سري سان ان تي ڳالهيون ڪري جيئن جو تيئن قبول ڪيو ويو آهي؟ هي سڀ ڪجهه اتحادي حڪومت جي کاتي ۾ ئي لکيو ويندو. عمران خان جي حالت هي آهي ته هو هاڻ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاج جا سڏ ڏئي رهيو آهي. عمران خان سمجهي ٿو ته هن کي حڪومت جي خلاف ڪرڻو ڪجهه به ناهي، ڇاڪاڻ ته اها پاڻ چور گپ ۾ ڦاٿل آهي. اتحادي حڪومت کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمنٽ کانسواءِ ڪجهه ادارا خاص ڪري عدليا سرگرم آهي. هينئر تائين اعليٰ عدليا جا جيڪي فيصلا سامهون آيا آهن، انهن ۾ اتحادي حڪومت کي پريشاني کي ئي منهن ڏيڻو پيو آهي. عمران خان ڌرڻي دوران جيڪو ڪجهه ڪيو ۽ ايستائين جو ڪي حلقا چون ٿا ته هن توهين عدالت به ڪئي پر عدالت سڳوري خوش آهي، ان کي ڪابه پرواهه نظر نٿي اچي. عمران خان پاڻ جيڪو اتحادي حڪومت جي عهديدارن لاءِ چئي رهيو آهي ته انهن مان 60 سيڪڙو ضمانت تي آهن، هاڻ هو پاڻ ته عارضي ضمانت تي آهي ئي، پر هن جي پارٽي جي سموري قيادت ضمانتون حاصل ڪيون آهن. انهن جيڪو ڪجهه ڊي چوڪ تي ڪيو، ان جي عيوض کين ضمانتون ڏئي شابس ڏني وئي!
مهانگائي ۽ عام ماڻهوءَ جي خراب حالت کي ڏسي ڪري اتحادي حڪومت ايتري غير مقبول ٿي رهي آهي، جو خطرو هي آهي ته جيڪڏهن حڪومت رهيل مدو پورو ڪيو ته اها ايتري غير مقبول هوندي جيتري پي ٽي آءِ آهي. عام چونڊن جي نتيجي ۾ اتحادي حڪومت ۾ شامل پارٽين کي تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو. ممڪن آهي ته اهي گڏجي چونڊ وڙهن، ان جي باوجود انهن کي ايتري اڪثريت نه ملندي، جيڪا کين ايندڙ پنجن سالن لاءِ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪافي هجي ۽ انهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر اتحادين کي ئي ڳولڻو پوندو.
اتحادي حڪومت لاءِ ڏينهون ڏينهن معاملا خراب ٿي رهيا آهن، عوام سمجهي ٿو ته جيڪڏهن ان کي عوام جي خدمت جون دعويدار پارٽيون اهڙو حال ڪنديون ته پوءِ عمران خان ۾ ڪهڙي خرابي هئي؟ واڳ ڌڻي به اڳوڻي حڪومت جي مقابلي ۾ مشڪل صورتحال ۾ آهن،انهن کي به پريشاني آهي ته ڪٿي، معاملا هٿن مان نڪري نه وڃن. هو هينئر به سياسي معاملن ۾ وڌي چڙهي ڪري مداخلت ڪري رهيا آهن. ان سان نه صرف جمهوري ۽ سويلين ادارا ڪمزور ٿي رهيا آهن، پر اهڙي ڪابه قوت نه بچندي جيڪا عوام لاءِ قابل قبول هجي. عمران خان لاڳاتار اسٽيبلشمنٽ کي هڪٻئي پٺيان Reminder موڪلي رهيو آهي ته هو پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪن ته جيئن هو ايندڙ چونڊن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪامياب ٿي ملڪ جون واڳون سنڀالي سگهي. هي ڳالهه واڳ ڌڻين لاءِ ته قبولڻ جوڳي ناهي، ڇاڪاڻ ته عمران خان هاڻ اعتبار جوڳو نه رهيو آهي، پر عمران خان سويلين بالادستي کي به نقصان پهچائي رهيو آهي. هو واضح طور تي واڳ ڌڻين کي وائکو به ڪري رهيو آهي ته اقتدار جون واڳون ڪنهن ٻئي قوت وٽ نه هونديون آهن، پر اهي واڳ ڌڻي، اسٽيبلشمنٽ آهي، جيڪا شروع کان وٺي طاقت جو مرڪز رهي آهي.
اتحادي حڪومت تي تيزي سان دٻاءَ پئجي رهيو آهي ته اها جيترو جلد ٿي سگهي، اقتدار جون واڳون ڇڏي ڏئي ۽ عام چونڊن جو اعلان ڪري. هي دٻاءُ عمران خان جا لانگ يا شارٽ مارچ ناهن، پر معاشي ۽ سياسي حالتون آهن، جيڪي آساني سان بهتر ٿي نٿيون سگهن. عوامي سطح تي ڪجهه اهڙا مطالبا به سامهون آيا، جيڪي واڳ ڌڻين سان ٽڪراءَ پيدا ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن اتحادي حڪومت ڪي عوامي ڀلائي وارا قدم کنيا ته انهن جي قيمت به اسٽيبلشمنٽ کي ادا ڪرڻي پوندي. جيئن چيو پيو وڃي ته حڪمرانن پيٽروليم جي شين جي اگهه ۾ ريڪارڊ اضافو ڪري مشڪل نه پر آسان فيصلو ڪيو آهي، پر ڏکيو فيصلو هي هوندو ته عوام تان معاشي بار هلڪو ڪرڻ لاءِ دفاع ۽ سويلين نوڪرشاهي، حڪومت جي خرچن، وزير اعظم کان وٺي وزيرن تائين جون پگهارون گهٽ ۾ گهٽ 30 سيڪڙو ڪاٽيون وڃن. انهن جا الائونس ۽ ٻيون رعايتون به گهٽايون وڃن. اسٽيبلشمينٽ ۽ سويلين نوڪرشاهي، جيڪي عياشيون ڪري رهي آهي، انهن ۾ به ريڪارڊ گهٽتائي ڪئي وڃي.
ڪجهه ناليوارا معاشي ماهر به سامهون اچي ڪري چئي چڪا آهن ته پيٽروليم جي شين جي اگهه ۾ اضافي بدران حڪومتي خرچن ۾ 15 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وڃي ها ته حڪمرانن کي عوام جي ناراضگي کي منهن ڏيڻو ئي نه پئي ها. ان سان گڏ غيرترقياتي ڪمن ۾ ڪٽوتي ڪرڻ لاءِ به دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ چيو پيو وڃي ته دفاعي بجيٽ جيڪا پگهارن لاءِ مخصوص ٿيل آهي، ان کي ڇڏي ڪري باقي سمورن آپريشنز کي محدود ڪرڻ جي ضرورت آهي. هينئر بلوچستان ۾ آپريشنز تي جيترو خرچ ٿي رهيو آهي، ان جو گهربل حصو به گهٽايو وڃي ته سويلين جي ڀلائي لاءِ جوڳا قدم کڻي سگهجن ٿا. جيڪڏهن مٿان کان هيٺ تائين رائيٽ سائيزنگ نه ڪئي وئي ته موجوده بحران کي ڪوبه سنڀالي نه سگهندو. واڳ ڌڻين به پنهنجا سمورا ڏيهي توڙي پرڏيهي واسطا استعمال ڪري ڇڏيا، پر انهن کي به ڪا هاڪاري موٽ نه ملي رهي آهي. ان سان گڏ موجوده سويلين قيادت به سمورن عالمي فورمن کي ڏسي ورتو، جتان اميد گهٽ نظر اچي رهي آهي. هينئر رڳو چين کان اڍائي ارب ڊالرن جي رقم ملڻ جي اميد آهي، آءِ ايم ايف به پنهنجن شرطن کي پورو ڪرڻ جي صورت ۾ رقم فراهم ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي. سستي تيل خريد ڪرڻ جون جيڪي به ڳالهيون ٿيون آهن، اهي هوائي نوعيت جون آهن، روس سان ڪوبه ٺاهه آمريڪي معاشي پابندين کي دعوت ڏئي سگهي ٿو،جيڪڏهن ڀلي پار کان ڪجهه ملي سگهي ته وڌ ۾ وڌ اوڌر يا رعايتي اگهه تي تيل ملي سگهي ٿو. هي به ان وقت تائين نه ٿيندو، جيستائين پاڪستان لاءِ ڪو وڏو خطرو سامهون نٿو اچي. جيڪڏهن پاڪستان ڊيفالٽ جي ويجهو پهتو ته سعودي عرب سميت ڪجهه قوتون اڳتي اچي سگهن ٿيون. ان سان گڏ ڪجهه يورپي ۽ آمريڪي ملڪ به مدد فراهم ڪري سگهن ٿا. انهن جي اڳيان يونان جو مثال موجود آهي، جنهن کي ڊيفالٽ کان بچائڻ لاءِ يورپي يونين جوڳي رقم خرچ ڪئي هئي. اهڙي ڪنهن بحران جي صورت ۾ رڳو پاڪستان جي معيشت ئي تباهه نه ٿيندي، پر دنيا جون ٻيون معيشتون به ان جي قيمت ادا ڪنديون. اهي سمجهن ٿيون ته هنن کي اهڙي قيامت واري منظر نامي ۾ گهڻو ڪجهه داءُ تي لڳائڻو پوندو. اهڙي ڪنهن به صورتحال کان اڳ ۾ حڪمرانن کي مشڪل فيصلا ڪرڻ گهرجن ۽ انهن کي به ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪجهه قرباني ڏيڻي پئي، رڳو ايترو ئي نه پر ڪجهه سالن لاءِ غير ترقياتي خرچن خاص ڪري دفاعي بجيٽ کي محدود يا فريز ڪرڻو پوندو، ان کانپوءِ ئي صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي، حڪمرانن کي هي سخاوت پنهنجي گهر کان شروع ڪرڻ گهرجي ۽ پوءِ باقي ادارا به قرباني ڏيڻ لاءِ پنهنجا پروپوزل کڻي اچن، رڳو عام ماڻهوءَ گناهه ڪبيرا نه ڪيا آهن، جن کي ان جي قيمت ادا ڪرڻي پئي.