ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

غير جنسيت- III

Editorial-Article-Kareem Channa

گري سيڪسيوئل ۽ غير جنسي فرد Graysexual & asexual:
گري سيڪسيوئلٽي اصل ۾ غيرجنسيت هيٺ اچي ٿي، پر اهي صفا هڪ شيءِ ناهن. اهي ٻئي ان ڳالهھ ۾ هڪجهڙيون آهن ته ٻئي جنسون جنسي سرگرميءَ ۾ گهٽ دلچسپي ۽ گهٽيل جنسي ڇڪ وارين هڪجهڙائين طور بيان ڪيون وڃن ٿيون. جڏهن انهن ٻنهي ۾ فرق جي ڳالھه اچي ٿي ته غيرجنسيت عام طور تي جنسي ڇڪ جي غيرحاضري (نه هجڻ) ۽ جنسي عمل ۾ صفا گهٽ يا بلڪل به نه دلچسپي رکندڙ طور بيان ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته گري سيڪسيوئل فرد ڪڏهن اتفاقي طور جنسي ڇڪ يا جنسي عمل ۾ دلچسپي محسوس ڪري سگهي ٿو. پر اهو ياد رکجي ته هي صفا اڻلڀ هوندو، ان جي شرح گهٽ آهي ۽ ان سان ان فرد ۾ مونجهاري جا احساس پڻ ايندا.
گري سيڪسيوئل ۽ ڊيمي سيڪسيوئل Graysexual & demisexual:
گري سيڪسيوئلٽي سان ڊيمي سيڪسيوئلٽي کي پڻ ڀيٽايو ويندو آهي. ٻنهي ۾ ڪجهھ هڪجهڙايون آهن پر وري به اهي ٻئي ساڳي شيءِ ناهن. هڪ ڊيمي سيڪسيوئل فرد اهڙو ماڻهو هوندو آهي، جيڪو تيستائين جنسي ڇڪ محسوس نه ٿو ڪري ۽ نه ئي جنسي عمل ڪرڻ جي خواهش محسوس ڪري ٿو، جيستائين اهو ٻئي فرد سان مضبوط تعلق نه ٿو جوڙي وٺي. ان حساب سان ڊيمي سيڪسيوئل فرد گري سيڪسيوئل فرد کان مختلف هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو بنيادي طور تي ٺهڪندڙ حالتن ۾ جنسي لاڳاپن ۾ دلچسپي وٺندڙ هوندو آهي.
جڏهن رومانوي لڳاءُ جو ٺهڪندڙ اڀار موجود نه هوندو آهي ته graysexual فردن ۽ demisexual فردن جا احساس لڳ ڀڳ ساڳيا هوندا آهن. اهو ڌيان رکڻ پڻ اهم آهي ته گري سيڪسيوئلٽي بدلجندڙ/غيرمستحڪم هوندي آهي، ان ڪري اهو ممڪن آهي ته گري سيڪسيوئل فرد ڊيمي سيڪسيوئل فرد يا اهڙي ڪنهن ٻئي فرد ۾ تبديل ٿي وڃن.
گري سيڪسيوئلٽي بابت اجايا خيال Myths about graysexuality:
گري سيڪسيوئلٽي اصل ۾ جنسيت ۽ جنسي لاڙن ۾ آيل ڪجھه نئون اصطلاح ۽ موضوع آهي، ان جو مطلب ته اسان اڃا به ان بابت گهڻو ڪجھه نه ٿا ڄاڻون. ان ڪري هي اصطلاح غلط فهمين ۽ اجاين خيالن ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿو. هتي ڪجهھ اهڙا خيال ذڪر ڪجن ٿا.
خيال 1: اها ٺيڪ ٿي وڃڻ واري شيءِ آهي. غيرجنسيت يا گري سيڪسيوئلٽي بابت هڪ عام غلط سوچ اها آهي ته جنسي عمل ۾ گهٽ دلچسپي ڪنهن صدمي ڏانهن اشارو ڪري ٿي، يا وري ان فرد جي جنسي خواهشن کي روڪي رکڻ واري ڪا ڳالھه هوندي آهي، جنهن کي درست ڪري سگهجي ٿو. پر اهو سچ ناهي. جڏهن غيرجنسيت يا گري سيڪسيوئلٽي هڪ لاڙو/رجحان آهي ۽ جنسي عمل ۾ دلچسپيءَ جي گهٽتائيءَ کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪا خواهش ناهي، سواءِ ان جي ته ان ۾ ٺهڪڻ لاءِ برابر دٻاءُ يا خواهش هجي.
خيال 2: گري سيڪسيوئل فرد جنسي لاڳاپن مان لطف نه ٿا وٺي سگهن. اها سوچ ته هنن فردن لاءِ جنسي لاڳاپا اڻوڻندڙ هوندا آهن ته اها سوچ به فقط هڪ خيال ئي آهي.
حقيقت ۾ ڪيترائي گري سيڪسيوئل فرد جنسي لاڳاپن مان لطف ماڻين ٿا ۽ اهي جنسي سرگرميءَ کي پسند به ڪري سگهن ٿا. پر هي لطف گهٽ سطح/درجي/شدت وارو ٿي سگهي ٿو يا اهو عمل جنسي ڇڪ محسوس ڪرڻ کانسواءِ پيش اچي سگهي ٿو. ڪجھه فرد پنهنجي ڀائيوار جي خوشيءَ يا فائدي لاءِ پاڻ به رضامندي ۽ خوشيءَ سان جنسي عملي جي سرگرميءَ ۾ مصروف ٿي سگهن ٿا.
خيال 3: گري سيڪسيوئلٽي هڪ طبي مسئلو آهي. اهو سمجهڻ اهم آهي ته گري سيڪسيوئلٽي طبي مسئلن ۽ جنسي بي ترتيبي/خرابيءَ کان مڪمل طور الڳ آهي. گري سيڪسيوئل فردن لاءِ زوردار جنسي وهڪرو ۽ جنسي عمل دوران خارج ٿيڻ ممڪن آهي، جڏهن ته ان دوران هو ڀلي جنسي ڀائيوار کان جنسي ڇڪ نه به رکندو هجي.
گري سيڪسيوئلٽي فردن جي لاڳاپن ۽ جنسي عمل ۾ ڪيئن ڪم ڪري ٿي!؟
جنسي عمل کي پيار جي لاڳاپن ۾ سڀ کان اهم جز سمجهيو وڃي ٿو. پر جڏهن اهو عمل ڪنهن گري سيڪسيوئل فرد ڏانهن اچي ٿو ته اهو سدائين خاص جز نه هوندو آهي. هي اڪيلي فرد ۽ ان جي جنسي لاڳاپن جي احساسن ۽ ڇڪ واري ذاتي تجربي تي مدار رکي ٿو. سڀ کان اهم ڳالهھ هيءَ آهي ته لاڳاپن ۾ سڀ فرد هڪ ٻئي جي گهربل جنسي عمل يا رومانوي تعلقات وارين ضرورتن ۽ حدن بابت کليل رهن ٿا.
ڪجهھ گري سيڪسيوئل فردن لاءِ سندن لاڳاپن ۾ جنسي عمل فقط هڪ اتفاقي عمل ۽ پيار ۽ محبت جو اظهار ٿي سگهي ٿو. ڪجھه ٻين لاءِ جنسي عمل انهن جي لاڳاپن جو جز ٿي سگهي ٿو، پر گري سيڪسيوئل ڀائيوار لاءِ انهن جو اتساهه ايتري جنسي ڇڪ وارو نه ٿو ٿي سگهي جو اهي رومانوي لاڳاپن کي سگهارو بڻائڻ جي خواهش ڪن يا جسماني هٿ چراند کي استعمال ڪرڻ مان لطف وٺن.
اهو ذهن ۾ رکجي ته هڪ ڀرپور تعلق لاءِ جنسي عمل جي موجودگي ۽ تسلسل هڪ صحتمند تعلق جي وصف ناهي. پر جيڪڏهن ڪي فرد پنهنجي تعلق ۾ جنسي عمل کي محسوس ڪندي ان کي تعلق جي گهرائيءَ لاءِ درست ۽ اهم سمجهن ٿا ته اهو انهن لاءِ ڀلو آهي، پوءِ کڻي ڪير ڇا به چئي.
جيڪڏهن ڪير پنهنجي زندگيءَ ۾ صفا نه يا گهٽ جنسي ڇڪ محسوس ڪري ٿو ته اهو گري سيڪسيوئل يا وري غيرجنسي فهرست ۾ اچي وڃي ٿو.
ڪجهھ وڌيڪ اصطلاح:
ڪيترائي ماڻهو جيڪي غيرجنسي فردن طور ڄاتا وڃن ٿا، اهي ٻين نالن سان پڻ سڃاتا وڃن ٿا. اهي ٻيون سڃاڻپون سندن جنس ۽ سندن رومانوي لاڙن تي مشتمل آهن. جنسي لاڙي جي رومانوي ۽ غير رومانوي رخن سان تعلق رکندي غيرجنسي فرد گهڻ جنسيت heterosexual، عورتاڻي هم جنسيت lesbian، مرداڻي هم جنسيت gay، ٻٽي جنسيت bisexual ۽ مٽ سٽ جنسيت queerer جهڙن اصطلاحن سان ڄاتا وڃن ٿا. ان سان گڏ اهڙا فرد پنهنجين مختلف خاصيتن هيٺ هيٺين اصطلاحن سان پڻ سڃاتا وڃن ٿا:
غير رومانوي aromantic: ڪنهن به فرد ڏانهن رومانوي ڇڪ جي گهٽتائي.
ٻٽو رومانويbiromantic: هي اصل ۾ bisexual سان هڪجهڙائي رکي ٿو.
گهڻ رومانوي heteroromantic: هي اصل ۾ heterosexual سان هڪجهڙائي رکي ٿو.
هومو رومانٽڪ homoromantic: هي وري homosexual سان هڪجهڙائي رکي ٿو.
پان رومانٽڪ panromantic: هي وري pansexual سان مشابهت رکي ٿو.
ان ريت غيرجنسي برادريءَ جون سڃاڻپون ۽ لاڳاپا ظاهر ڪرڻ لاءِ ٻيا نرالا لفظ ۽ اصطلاح پڻ استعمال ٿين ٿا. انهن مان هڪ لفظ ‘دوستن تي ڌيان رکندڙ friend-focused’ پڻ جوڙيل آهي، جيڪو انتهائي قدر ڀرين غير رومانوي لاڳاپن ڏانهن اشارو ڪري ٿو. ٻين لفظن ۾ squishes ۽ zucchinis اچي وڃن ٿا، جيڪي غيررومانوي ۽ افلاطوني لاڳاپن platonic relationships وارا آهن. ڪي غيرجنسي فرد پنهنجن رومانوي لاڳاپن کي بيان ڪرڻ لاءِ تاس جي يڪن کي پڻ استعمال ڪندا آهن، جيئن ايٽ جو يڪو غيررومانوييت aromanticism لاءِ ۽ پان جو يڪو وري غيررومانويت non_aromanticism لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ان ريت غيرجنسيت non_asexual ۽ ٻين ڏانهن لاڙو رکندڙ جنسيت allosexual ( اڳياڙي allo يوناني لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي “ٻيو”)وري جنسي ترتيب واري پاسي طور استعمال ٿين ٿا.
گري اَسيڪسيوئلٽي Gray asexuality:
هي غيرجنسيت سان لاڳاپيل هڪ وڌيڪ اصطلاح آهي. هن اصطلاح سان وري ڪجھه ٻيا لفظ ۽ اصطلاح پڻ تعلق رکن ٿا، جن جي وضاحت ڪري سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا.
جنسيت ۽ غيرجنسيت جي وچ وارن جزن جي ترتيب وارو نقشو يا پٽي آهي. اهي فرد جيڪي گري اسيڪسيوئلٽي طور سڃاتا وڃن ٿا. اهيgray-A, gray ace, يا grace طور سڃاتا وڃن ٿا ۽ “ace umbrella” اصطلاح هيٺ جمع ڪيا وڃن ٿا. گري اسيڪسيوئلٽي هيٺ demisexual, semisexual, asexual-ish ۽ sexual-ish جهڙا اصطلاح اچي وڃن ٿا.
گري اسيڪسيوئلٽي جنسيت ۽ غيرجنسيت جي وچ واري حد ‘خاڪي حد gray area’ سمجهي وڃي ٿي، جنهن ۾ ڪو فرد ڪڏهن ڪڏهن جنسي ڇڪ محسوس ڪري سگهي ٿو. اهو ياد رهي ته اصطلاح demisexuality سال 2006 ۾ Asexual Visibility and Education Network (AVEN) کان جوڙيو ويو هو. اڳياڙي Demi لاطيني لفظ dimidium مان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ “اڌ ۾ ورهايل” آهي. هي اصطلاح demisexuality سميت جنسيت ۽ غيرجنسيت جي “اڌ وچ ۾ halfway between” واري بيان تحت قائم ٿيو.
اصطلاح ‘gray-A’ غيرجنسيت يا غيرجنسي جزن واري ترتيب جي ڇٽيءَ هيٺ کوڙ سڃاڻپون ڳنڍي رکي ٿو. هن ترتيب ۾ ايندڙ ٻيا اصطلاح ‘semisexual’, ‘asexual-ish’ ۽ ‘sexual-ish’ آهن. gray-A واري ترتيب ۾ ايندڙ ماڻهو اهڙن فردن تي مشتمل هوندا آهن، جيڪي جنسي ڇڪ ڏاڍي قسمت سان محسوس ڪن ٿا، اهي اها ڇڪ فقط ڪن خاص حالتن هيٺ محسوس ڪن ٿا. هڪ gray-A سڃاڻپ رکندڙ فرد ڪو رومانوي لاڙو به رکي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته جنسي ۽ رومانوي سڃاڻپون ضروري طور پاڻ ۾ جڙيل ناهن.
هڪ gray-asexual فرد ڪنهن اهڙي فرد سان جنسي عمل ڪري سگهي ٿو جنهن سان هو سگهاري رشتي ۾ هجي پر انهن جو تعلق جنسي عمل جي بنياد تي بيٺل نه هوندو آهي ۽ نه ئي اهي جنسي عمل لاءِ بيچين رهن ٿا. هي پڻ gray areas طور سڃاپجي سگهجي ٿو جيڪي مختلف لاڙن سان جوڙجي سگهجن ٿا.
هڪ گري سيڪسيوئل هيٽرو رومانٽڪ فرد A graysexual heteroromantic person: هن ترتيب ۾ آيل فرد جنسي طور تي ڏاڍي ڏکيائيءَ سان ٻين ڏانهن موهجي ٿو.
هڪ اسيڪسيوئل گري رومانٽڪ فرد An asexual grayromantic person: هن ترتيب ۾ آيل فرد جنسي طور ڪنهن ڏانهن به موهيل نه ٿو هجي پر ٻين ڏانهن مختلف موقعن تي رومانوي طور موهجي ٿو.
هڪ گري_پانسيڪسيوئل غيررومانوي فرد A gray-pansexual aromantic person: هن ترتيب ۾ آيل فرد هر جنس جي ماڻهن کان موهجي وڃي ٿو پر هو رومانوي طور ڪنهن کان به موهيو نه ٿو وڃي.
هڪ گائني سيڪسيوئل گري بايوميٽرڪ فرد A gynesexual gray-biromantic person: هن ترتيب ۾ آيل ڪو فرد عورت يا عورتاڻين خوبين وارن فردن کان موهجي ٿو، هڪ جنس کان وڌيڪ جنسن کان مشڪل سان ئي موهجندي نظر اچي ٿو.
ان ريت غيرجنسيت ۾ اسپيڪ Aspec به هڪ اصطلاح آهي جيڪو اها معنيٰ رکي ٿو ته ڪو فرد غيرجنسي ترتيب يا غير رومانوي ترتيب ۾ اچي ٿو. (پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button