ڪي اصطلاح ته اسين اڳ ئي ٻڌي چڪا آهيون، ڪي چون ٿا ته پاڪستان سيڪيورٽي اسٽيٽ آهي، ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته سيڪيورٽي سان گڏ ڊيپ اسٽيٽ به آهي. حقيقت ۾ سيويلن حڪمران هجن يا نان سويلين حڪمران هجن يا نان سويلين، جيڪي به قاعدن ۽ قانونن کان هٽي ڪنهن شخص يا اداري کي خوش ڪندا ته ان جي قيمت انهن کي پاڻ کي ته ادا ڪرڻي پوندي، جيئن ماضي ۾ ادا ڪرڻي پئي، پر ان سان انهن جي پيشرو به ساڳي قيمت ادا ڪندا ۽ سويلين سپرميسي، جنهن کي عام طور تي سويلين بالادستي سڏجي ٿو، ان جا بنياد به لڏي ويندا. ڊيپ اسٽيٽ جديد ترڪيءَ جي باني اتا ترڪ متعارف ڪرائي هئي، جنهن رياست جي سيڪيولر سوچ کي برقرار رکڻ لاءِ رياستي عملدارن تي ڳجهن ادارن جا اهلڪار ۽ عملدار مقرر ڪرايا هئا،جيئن انهن تي نظر رکي سگهجي. هي جارج آرول جي ان ناول جو ڪردار هو، جيڪو رياست ۾ ٿيندڙ هر عمل کي ڏسي سگهيو پئي ۽ سدائين وڏن بورڊز تي لکيل هوندو آهي ته Big Brother watching You!.
اڄ کان ڪيترائي ڏهاڪا اڳ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ ڳجهي اداري اندر پوليٽيڪل ونگ ٺاهي هئي، ائين جيئن سياسي پارٽيون پنهنجون الڳ الڳ ونگز قائم ڪنديون آهن. ان جي کيس اها قيمت ادا ڪرڻي پئي ته جيڪي به سياسي اڳواڻ، پوءِ اهي حڪومت جي اندر هئا، يا ان کان ٻاهر، سڀني جي Bugging ڪئي وئي، انهن جا فون ٽيپ ڪيا ويا، انهن جي جاسوسي ڪئي وئي، ايستائين جو انهن جي رسائي سياستدانن جي بيڊ رومز تائين ٿي وئي. سياستدانن جا اسڪينڊل به سامهون آيا ۽ ان سان گڏ اهي اوکي ويل ۾ انهن اسڪينڊلز جي نتيجي ۾ بليڪ ميل به ٿيا. گهڻو عرصو پوءِ چون ٿا ته ان اداري مان سياسي ونگ يا سيل جو خاتمو ڪيو ويو،پر وقت سان گڏ هي رپورٽس به آيون ته اهو سيل هينئر به موجود آهي. ان سيل ذريعي سياسي اڳواڻن جون ايستائين جون وفاداريون تبديل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو، ڪي اهڙا سياستدان، خاص ڪري اليڪٽيبلز هئا، اهي ته انهن اهم ادارن جي پينل تي هئا ۽ آهن. اهي پنهنجي مرضيءَ سان ڪک به ٻيڻو ڪري نٿا سگهن، ان ڪري انهن کي هميشه آسرو ۽ اميد هوندي آهي ته ڀلي حڪومت ڪنهن جي به هجي، پر انهن جي نوڪري پڪي آهي. انهن کي هڪ اشاري سان ان پارٽيءَ جي فولڊ ۾ وڃڻو آهي، جنهن لاءِ چيو ويندو. ان ڪري اهڙن سياستدانن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي ڪڏهن به پارٽي تبديل نه ڪندا آهن، پر اهي مستقل بنيادن تي سرڪار جي پارٽيءَ ۾ شامل هوندا آهن. هاڻ به ڪجهه اهڙو ئي ٿي رهيو آهي، هڪ طرف ميان نواز شريف گڏيل مخالف ڌر سان گڏجي ووٽ ڪو عزت ڏيو جي مهم هلائي ۽ هاڻ سندس ڀاءُ وري ڪنهن اداري کي عزت ڏيو جي مشن تي آهي. شهباز شريف جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي، ان ۾ يقينن وڏي ميان جي کيس آشيرواد به حاصل هوندي. هو پنهنجي مرضيءَ سان ته اهڙو ڪو به ڪم ڪري نٿو سگهي.
هڪڙو نوٽيفڪيشن جيڪو ايوان صدر مان ليڪ ٿيو، ان ۾ واضح طور تي ڄاڻايو ويو آهي ته وزير اعظم شهباز شريف ڄاڻايو آهي ته نوڪرشاهي، جنهن کي عام طور تي بيوروڪريسي سڏيو ويندو آهي، ان کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اختيار اهم اداري جي حوالي ڪيا پيا وڃن. ان اداري جا آفيسر ڪامورن يا نوڪرشاهيءَ جي ترقين سان گڏ سمورين معاملن بابت ڄاڻ فراهم ڪندا. انهن جي رپورٽس کانسواءِ سويلين نوڪرشاهيءَ جي عهديدارن کي ترقي ملي نه سگهندي. ان سان هي تاثر به سامهون آيو آهي ته عمران خان نوڪرشاهيءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ نيب کي انهن پٺيان ڪرامين ڪاتبين جيان لڳايو هو. هاڻ شهباز شريف وري ٻه هٿ اڳتي وڌندي اهم اداري کي اهم ڪم سونپي ڇڏيو آهي. اهي جيڪي ان قدم کي “پازيٽو” سمجهن ٿا انهن جو دليل آهي ته هي ملڪ جي سلامتيءَ جو ادارو آهي، ان کي اختيار مليا ته ڪهڙي خرابي آهي؟! پر اهي جيڪي تاريخ مان سبق سکن ٿا يا انهن جو تاريخ جي نبض تي هٿ آهي، اهي ان کي خير جي معمول جي خبر قرار نٿا ڏين. اهي ماضي کي حال جي روشنيءَ ۾ ڏسن ٿا. ان سان ان اهم اداري لاءِ به ڪيتريون ئي مشڪلاتون پيدا ٿينديون. ائين جيئن چيو ويندو آهي ته فوج جو ڪم ملڪي سرحدن جي حفاظت ڪرڻ آهي، ان ڪري انهن کي سويلين دور ۾ بيرڪن تائين محدود رهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ملڪ جي آئين ۾ ائين ئي لکيل آهي، پر ان جي ابتڙ ڇا نه ٿيندو رهيو آهي. ملڪ جي اڌ تاريخ ۾ حڪمراني انهن ڌرين جي رهي آهي، جن کي اهڙو مينڊيٽ حاصل نه هو. ان جي باوجود انهن پنهنجا آئيني فرض پاسيرا رکندي، هي دليل ڏنو ته ملڪ جو وجود خطري ۾ هو. ان ڪري انهن کي سامهون نروار ٿي اچڻو پيو! ان جي حق ۽ مخالفت ۾ انتهائي طاقتور دليل به موجود آهن. ساڳي ريت جنهن اداري کي نوڪرشاهيءَ تي نظر رکڻ ۽ انهن جي ترقي ۽ مقرريءَ لاءِ ان جي رپورٽ جو هاڪاري يا ناڪاري هجڻ ضروري هوندو.
اهم اداري جي ڪلهن تي جيڪو بار وڌو ويو آهي، ان سان، ان جي ڪارڪردگي ان ڪري متاثر ٿي سگهي ٿي ته اهي پنهنجو اصل ڪم ڪرڻ ۾ مشڪلاتون محسوس ڪندا. انهن جي افرادي قوت جو مسئلو ٿي سگهي ٿو ۽ ان سان گڏ بجيٽ جو اشو به سامهون اچي سگهي ٿو. انهن جي ڀيٽ ۾ جيڪي سويلين ادارا موجود آهن، انهن جو هي ڪم هو ته اهي ڪنهن به آفيسر جي اي سي آر لکن، انهن جا بورڊ ئي ڪنهن به آفيسر جي ترقيءَ جي سفارش ڪندا آهن. انهن ادارن ۾ ويٺل افرادي قوت فارغ ٿي ويندي، يا وري انهن جو به ساڳيو ڪم هوندو ته انهن جو ان اداري سان ٽڪراءُ به ٿي سگهي ٿو. ساڳيو ڪم ٻه ادارا ڪندا ۽ اهي جيڪڏهن هڪٻئي کي مخالف سمجهن ٿا ته پوءِ ڪنهن جي رپورٽ تي غور ٿيندو؟ ان کان اڳ ۾ اهڙين مقررين، ترقين ۽ بدلين لاءِ انٽيليجنس بيورو جي رپورٽ به ضروري قرار ڏني وئي هئي، هاڻ به ضروري هوندي. اهو به چيو ٿو وڃي ته جيئن اهم اداري ۾ بٽالين 600 کان 900 جوانن تي ٻڌل هوندي آهي، ائين ان اداري جنهن کي نيون ذميواريون سونپيون ويون آهن، انهن جي 10 کان وڌيڪ بٽالين جا آفيسر ته اتي موجود آهن، پر ٻيا ڪيترا آهن، انهن بابت ڪو هڪڙو انگ نه پيو ٻڌايو وڃي، ها هڪڙي رپورٽ مطابق هي انگ لکن ۾ آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ انهن کي نئين اسائيمنٽ لاءِ وڌيڪ افرادي قوت جي ضرورت پوندي. هينئر جنهن قسم جا معاشي بحران سامهون آيا آهن، انهن ۾ ان اداري کي اضافي بجيٽ ڪيئن ڏني ويندي؟ اهي مطالبا به ٿي رهيا آهن ته جيئن حڪومتي عهديدارن، آفيسرن ۽ ٻين جي مالي رعايتن کي گهٽائڻ لاءِ چيو پيو وڃي يا ڪجهه اعلان ٿي به چڪا آهن، جن ۾ سنڌ حڪومت جو اعلان به شامل آهي، جيڪڏهن انهن اعلانن تي عمل ڪيو وڃي ته کربين روپيا بچي سگهن ٿا ۽ اها رقم تيل متاثرن کي ڏئي سندن زندگيءَ کي آسان بڻائي سگهجي ٿو. اهي رپورٽس به آهن ته اهم ادارن جي عملدارن کي چيو پيو وڃي ته اهي به قرباني ڏين ۽ مڪمل پلان پيش ڪن ته هو ڪيتريون ڪٽوتيون ڪري سگهن ٿا. هاڻ جڏهن بجيٽ ۾ ڪجهه ڏينهن بچيا آهن ته ڪهڙي مد ۾ ڪيتري رقم رکي ويندي، ان سلسلي ۾ دفاع جي شعبي جا انگ اکر اچي ويا آهن، جن مطابق هن ڀيري 1450 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا. هي رقم هلندڙ مالي سال جي مقابلي ۾ 83 ارب رپيا وڌيڪ هوندي. تناسب جي لحاظ کان ڇهه سيڪڙو واڌ ڪئي ويندي، نئين مالي سال جي دفاعي بجيٽ ۾ يارهن سيڪڙو رقم مهانگائيءَ کي سامهون رکي وڌائي ويندي. ٻئي پاسي عوام تي ايندڙ خرچ کي ڏٺو وڃي ته ان رقم ۾ ريڪارڊ گهٽتائي آئي آهي. مهانگائي ان کانسواءِ آهي، جنهن جو موجوده حڪومت وٽ ڪوبه حل ناهي.
سوشل توڙي عام ميڊيا تي هي سوال پڇيو پيو وڃي ته ميان نواز شريف، جيڪو سويلين معاملن ۾ نان سويلين جي مداخلت جي خلاف مهم هلائي رهيو هو، جنهن کي بيانيو يا نيريٽو سڏيو پئي ويو، ان جو ڇا ٿيو؟ ماضي ۾ سويلين ادارن ۾ نان سويلين کي وڌ کان وڌ نوڪريون ڏيڻ يا کين ٻٽي نوڪري ڏيڻ جو رواج به ميان نواز شريف متعارف ڪرايو هو، بعد ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت، جنرل ڪياني ذريعي انهن سمورن يا اڪثريتي آفيسرن کي پنهنجي اداري ڏانهن واپسي جا حڪم جاري ڪرڻا پيا. ملڪ جي اعليٰ عدالت پاران ميان نواز شريف کي اقاما جي بنياد تي اقتدار کان الڳ ڪري نااهل قرار ڏنو ته ميان صاحب “انقلابي” ٿي ويو. هينئر سوال هي به پڇيو پيو وڃي ته جنهن اداري کي نوڪرشاهيءَ تي نظر رکڻ لاءِ اختيار ڏنا ويا آهن، اهي ڪنهن جي اڳيان جوابده هوندا. اهي وزير اعظم اڳيان يا پنهنجي چيف کي رپورٽس ڏيندا. ان اعلان سان گڏ سوشل ميڊيا تي طنز ڪندي ڪنهن لکيو ته حڪومت هاڻ نڪاح دوران به ان اداري جي هڪ اهلڪار کي شاهد طور شامل ڪري! حڪمرانن جا هن نوعيت جا حڪم بيڪ فائر ثابت ٿيندا رهيا آهن. ساڳي حالت هنن حڪمرانن جي به ٿيندي،سويلين بالادستيءَ جو مقصد پارلياماني نظام آهي. ڪنهن اداري جي ٻئي اداري ۾ مداخلت به سويلين بالادستيءَ جي خلاف هوندي.