ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

شهيد ڪڏهن به مرندا ناهن

Editorial-Article-Yousuf Mirbahar

سنڌ ۾ ٿيندڙ لساني جهيڙن ۾ هونءَ ته سڄي سنڌ متاثر ٿي، ڪو شهر رهيل نه هو، جتي بيگناهه ماڻو نه ماريا ويا هجن، پر حيدرآباد سنڌ جو اهڙو شهر هو، جيڪو لساني جهيڙن جو مرڪز رهيو، دهشتگردي ڪڏهن به پرامن ماڻهو هٿان ناهي ٿي، ڪا سازش تيار ٿيندي آهي، جيڪا شهرن کي باهه جي اوڙاهن ۾ اڇلائي ڇڏيندي آهي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سڀ ڪجهه سڙي رک ٿي ويندو آهي. حيدرآباد ۾ دهشتگردي وارن ڏينهن کي ڀلا ڪو وساري سگهي ٿو ڇا؟ سڄو شهر دهشتگردن جي رحم ڪرم تي هوندو هو ۽ قانون جا چپ سنبيل هئا، ها ياد آهي ڏينهن جڏهن رياست خود دهشتگرد گروپ جي مٿي تي هٿ رکي پرامن ماڻهن جو قتلام پئي ڪرايو. 7 جون تي وري حيدرآباد جي اها واردات ياد آئي ته اکين مان لڙڪ وهي پيا، ڀلا ڪو وساري سگهي ٿو اهو واقعو جڏهن دهشتگردن پروفيسر حزب الله ميمڻ جهڙي مٺڙي ماڻهو کي گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو. حزب الله ميمڻ جي وڇوڙي کي 32 سال ٿي ويا آهن، پر دل ۽ دماغ ان خبر کي ڪيئن ٿو وساري سگهي، جڏهن اخبارن هي رپورٽ ڪيو ته پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، خير النساءِ جعفري، تنوير جوڻيجو ۽ ظفر حسن جهڙن عالمن ۽ سنڌ جي معتبر دانشورن ۽ ليکڪن جي صحبت ۾ رهندڙ سندن محبوب ساٿي حزب الله ميمڻ دهشتگردن هٿان شهيد ٿي ويو آهي، حيدرآباد جو ڊفينس وارو علائقو به نسل پرست دهشتگردن هٿان محفوظ نه رهيو ۽ حزب الله ميمڻ شهيد ٿي ويو، سنڌ جو رياست مٿان هڪ وڏو ڪيس آهي، سنڌ جنهن ملڪ جو بنياد رکيو، ان کي سازشن جي مچ ۾ اڇلايو ويو، جيئن ته سنڌ جا ڌرتي ڌڻي سدائين آمريتن خلاف وڙهيا آهن ۽ پاڪستان ۾ اقتدار جي واڳ سدائين غير جمهوري قوتن جي هٿ ۾ رهي آهي، تنهن ڪري سنڌ کي جمهوري ڌارا سان گڏ هجڻ واري سزا ڏيندي هتي بنياد پرست قوتن، جاگيردارن، ڏوهارين ۽ دهشتگرد تنظيمن مٿان رياست ڇپر ڇانوءَ ٿي کين تحفظ ڏيندي رهي آهي، اها ڳالهه ڪا نئين ناهي ته 83 واري تحريڪ ۾ سنڌين آمريت خلاف وڏي ويڙهاند ڪئي، جنهن جي سزا سنڌ کي دهشتگردي ۽ ڌاڙيل فيڪٽر ذريعي ڏني وئي، هاڻ اها ڳالهه رڪارڊ تي اچي چڪي آهي ته خود واڳ ڌڻين سنڌ ۾ لساني فساد ڪرايا، دهشتگردن کي هٿيار ڏنا ۽ کين اهي گس گهيڙ ڏسيا، جن تي هلي هو پرامن ماڻهن جو شڪار ڪندا رهيا، دهشتگردي جا پيرا جڏهن کڻون ٿا ته اقتدار جي اصل ڌڻين وٽ ختم ٿين ٿا، پر هو سنڌ جي اهڙي ڪيس کي قبولڻ لاءِ تيار ناهن. ان ۾ ڪي به ٻه ريا ناهن ته دهشتگردي جي شروعات پويان سنڌين کي سيڪيولر ۽ جمهوريت پسند هجڻ جي سزا ڏيڻ ۽ سنڌ جي نقشي تي ورهاڱي جي لڪير ڪڍڻ هئي، جنهن لاءِ ضروري هو ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ نوابشاهه مان ڌرتي جي اصلي وارثن کي ڊوڙائي، ٿڪائي، مارائي کين ٻهراڙين ۾ ڌڪي شهرن ۾ ڌارين کي ترسايو وڃي، جن اها سازش سمجهي پئي، تن جو آواز ڏاڍو ڪمزور هو، تن ڏينهن ۾ رڳو ڳالهائي ئي هٿيار جي ٻولي پئي وئي، ٻيا سمورا آواز هٿيارن جي پڙلاءَ ۾ گم ٿي ويا. حزب الله ميمڻ جي شهادت وارو واقعو يا ان کان اڳ 27 مئي تي هزارين ڪتابن تي مشتمل سندس لائبريري کي ڏنل باهه لٽ مار واري واقعي جي ياد جڏهن اچي ٿي ته هنيانءَ ۾ وڍ ٿا پون ۽ اهي راتون ۽ ڏينهن ذهن جي نقشي تي تري ٿا اچن، جڏهن دهشتگردن بنا ڪنهن خوف، خطري جي رستن تي نڪري ڌرتي ڌڻين جي سيني ۾ گوليون ٿڌيون پئي ڪيون.
سنڌ جي ثقافت جو اهڃاڻ پڪو قلعو اسان لاءِ نوگوايريا بڻجي ويو هو ۽ هزارين ماڻهو پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي، اچي ڪيمپن ۾ ترسيا، ها يقينن اڄ اهو ماضي آهي پر شهيدن جو خون ته صدين تائين پيو حساب گهرندو آهي، شهيد حزب الله سميت لساني جهيڙن ۾ مارجي ويل سڀني بيگناهه ماڻهن جي خون جو حساب ته ڏيڻو پوندو، واڳ ڌڻين کي انهن سمورن لساني گروپن کي جيڪي اڄ لطيف ۽ امن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن ۽ هٿيارن جي واپارين کي جيڪي موت جا سوداگر بڻيل هئا، سي سڀ تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ ته اچڻا ئي آهن، تاريخ جو نئون جنم ۽ نئين سنڌ جي جنم جون پاڙون ماضي ۾ کتل آهن. لساني جهيڙن واري کيڏيل سڄي راند پڌري پئي آهي، پر ان سڄي خوني راند ۾ رستن ويندي مارجي ويل بيگناهه ڳوٺاڻن، پر امن شهرين جي گهرن تي ٿيندڙ ڪاهن، ڦرلٽ ۽ پنهنجي ڌرتي تي لڏپلاڻ ڪري ابن، ڏاڏن جون ڪروڙين روپين جون ملڪيتون ڇڏي اجهي جي ڳولها ۾ “جپسي” واري زندگي گذاريندڙ وطن جي وارثن ۽ انهن سمورن شهيدن جن جي ڪنهن سان ڪا به دشمني نه هئي ۽ جيڪي دهشتگردن جي گولين جي ورچڙهي ويا، تن سڀني جي خون جو حساب ته ڏيڻو ئي پوندو. هاڻ اتحاد اکين تي پر دهشتگرديءَ وارن واقعن ۾ ملوث سموريون ٻوليون ڳالهائيندڙ دهشتگردن طرفان مون کي معاف ڪريو” وارا روايتي ٻه جملا کين سنڌ جي ڪيس کان آجو ڪري نٿا سگهن، اعتراف ۽ انڪشاف ڪري لساني جهيڙن ۾ ملوث سمورن هٿن کي ظاهر ڪرڻو پوندو، جن جي هٿيارن مان نڪرندڙ گولين بيگناهه ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاريو، هونءَ ته تاريخ وڏي بي رحم آهي، واري سٽ سمورو سچ آهي، تاريخ کي اهي سڀ گس ۽ پيچرا پڌرا ڪرڻا ئي آهن، جن تان هلي سنڌ جي هنيانءَ ۾ دهشتگردي جو خنجر هنيو ويو، جي اهي پيچرا پڌرا نه ٿيا ته اقتدار جا اصل وارث ۽ انهن جا پڳ مٽ يار به خوش نه ٿين، ڇاڪاڻ ته ماضي کان سواءِ حال ۽ مستقبل جا بنياد بي پاڙي ول وانگر هوندا آهن، اڄ حيدرآباد جي صدر واري علائقي ۾ 27 مئي ۽ 7 جون کي ياد ڪيو ويندو، پروفيسر حزب الله ميمڻ شهيد جا سمورا سنگتي، ساٿي کيس ساريندا، اهي سمورا پٽيوالا، ڪلرڪ، شاگرد، ڀائر ۽ عزيز اکين مان لڙڪ هاري کيس محبتن جي ڀيٽا ڏيندا، سنڌ يونيورسٽي جي سائڪالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ زندگي جي معنيٰ ۽ انساني فطرت بابت ڏنل سمورا دليل ساري سندس ساٿي پنهنجي هن محبوب استاد سان گذاريل ڏينهن ياد ڪري پيا اندر ئي اندر ۾ جهرندا هوندا ۽ ڪٿي وساري سگهندا آهن، اهي نيڻ جن شهيد حزب الله ميمڻ جي جرئتن ۽ همتن کي ڏٺو، اڄ هر لڙڪ پڇتاءَ بجاءِ عظمتن ۽ ارادن وارا نياپا کڻي ايندو.
ڌرتي تي جڏهن به ڪا تڪليف ايندي آهي ته اها پنهنجن جو رت گهرندي آهي، سنڌ خلاف ورهاڱي واري گهڻ رخي سازش به اسان کان پروفيسر جهڙا نه ڄاڻ ڪيترائي محبوب کسي ورتا، پر هو وطن جا ويري اسان کان وطن ناهن کسي سگهيا، اڄ پروفيسر حزب الله ميمڻ جي شهادت وارو ڏينهن اسان کان اها تقاضا ٿو ڪري ته مايوسين، نراساين ۽ زندگي جي ميدان مان نڪري ڪنهن ڪنڌي تي وائڙو ٿي ويهڻ بجاءِ ارڏا ٿيون، پنهنجي اندار ۾ ڪاوڙ پيدا ڪريون، اجهاميل ڏيئي جي وٽ ٻاريون ۽ ويڙهه جي ميدان تي نڪري عقل ۽ سمجهه واري رستي تي هلي اهي سمورا هٿ نروار ڪريون، جن اسان کان اسان جا پرين کسي ورتا، جيتوڻيڪ اڄ شهيد حزب الله ميمڻ اسان جي ڪچهرين وچ ۾ ناهي، پر سندس ڏسيل واٽ، ڪردار ۽ محبتون اسان سان گڏ آهن، شهيد ڪڏهن به مرندا ناهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button