رسول بخش پليجو هونءَ ته سياسي ماڻهو ۽ عوامي تحريڪ جو باني چيئرمين هو. پر عملي طور هو وڏو عالم، دانشور ۽ اڪابر هو. ان ڪري سياست ۾ ڳالهه سطحي انداز ۾ڪرڻ بدران گهرائي واري عميق ڳالهه ڪرڻ جو عادي هو. هو جڏهن پريس ڪانفرنس ڪندو هو ته صحافين لاءِ وڏو مسئلو ان پريس ڪانفرنس مان خبر ڳولڻ هوندو هو. هڪڙو اسان جو صحافي دوست سدائين ائين چوندو هو ته ان سڄي ڪيل ڳالهه ۾ خبر ڪهڙي هئي. صحافي عام طور تي ڪنهن جي به پريس ڪانفرنس ۾ اخباري خبر ڳولڻ وارا جملا هٿ ڪرڻ ۾ ئي مصروف رهندا آهن. ان ڪري صحافين لاءِ رسول بخش پليجي جي پريس ڪانفرنس مان خبر ڳولڻ کانسواءِ سندس طنزيه جملا سمجهڻ، جواب ڏيڻ بدران رڳو کلي پوڻ، ڪنهن سوال تي نو ڪمينٽس چوڻ ۽ ڪنهن سوال تي وري ٽهڪ ڏئي پسمنظر وارو ڪو لطيفو ٻڌائڻ، يا وري صفا چڙي پوڻ عام هوندو هو. پليجو صاحب عام طور تي پنهنجي دور جي سياسي اڳواڻن جي پاليسين ۽ فيصلن جو سخت نقاد هوندو هو. چڙندو هو ته هن جي هڪڙي پاپولر گار هوندي هئي، پاتلائي، پاتلائي لفظ جي معنيٰ ڪنهن ڊڪشنري ۽ لغت ۾ نه ملي ته ڪنهن ٺٽي واسي کان پاتلائي لفظ جي معنيٰ پڇيم.
پليجو صاحب پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ وڏي ۽ اهم نوعيت واري ڳالهه ڪندڙ هو. موٽ ۾ جڏهن صحافي کانئس سوال وري سطحي ڪندا هئا ته پوءِ سندس ڪاوڙجڻ ۽ ان تي ڪنٽرول ڪرڻ ڏسڻ وٽان هوندو هو.
هي نومبر 2014ع جي ڳالهه آهي. حيدرآباد ۾ سندس رهائش گاهه تي پارٽي اڳواڻن قادر رانٽو، گل حسن ڪيڙانو، نور احمد ڪاتيار، اياز کوسي جي موجودگيءَ ۾ پليجي صاحب اهم نوعيت واري پريس ڪانفرنس ڪئي. جيڪا طالبان ۽ دهشتگرديءَ جي سلسلي ۾ حڪومت جي فيصلن جي خلاف هئي. طالبان جهاد ۽ پاڪستان جي حڪومت پاران طالبانن کي ڏنل سهولتن سبب ملڪ ۾ وڌي ويل دهشتگردي خلاف هئي. پر پريس ڪانفرنس ايڏي گهڻ پاسائين هئي جو پريس ڪانفرنس جي ختم ٿيڻ کانپوءِ صحافي هڪ ٻئي ڏانهن نهارڻ لڳا. جڏهن ته ان پريس ڪانفرنس ۾ گهڻ پاسائون تاريخي حوالن سان ذڪر ڪيل هو. پريس ڪانفرنس اردوءَ ۾ ڪمپوز ڪيل ٽي هزار يارنهن لفظن تي ٻڌل هئي. جيڪا صحافين کي لکت ۾ ڏني وئي ۽ رسول بخش پليجي اکر اکر پڙهڻ شروع ڪيو. اٺ سال اڳ ڪيل ان پريس ڪانفرنس جي تاريخي طور اهميت ان ڪري به آهي جو اها موجوده حالتن تحت اڄ جي پريس ڪانفرنس سمجهي سگهجي ٿي. رسول بخش پليجي جي انداز کي سمجهڻ لاءِ ان پريس ڪانفرنس جون مکيه ڳالهيون هتي ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو.
“مذهبن جي تاريخ تحت، هر مذهب جي شريعت ۽ گروپ بندين جي ڊگهي تاريخ رهي آهي. پنڊتن، پادرين ۽ مولوين جا جهڳڙا تاريخ ۾ موجود آهن. رڳو عيسائيت ۾ پروٽسٽنٽ ۽ ڪيٿولڪ جون صدين تائين هلندڙ جنگين ۾ خون جون نديون وهايون ويون، جاپاني مذهب ۾ شنٽو (مذهبي پيشوا) کي اختيار هو ته هو ڪنهن کي به حڪم ڪري ته هو پنهنجي پاڻ کي خنجر هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي. اسلام جا 72 فرقا، جن ۾ سني، شيعا، وهابي، بريلوي، هنبلي، مالڪي،ڪرامتي، بوهري، خواجه وغيره آهن. اهي هڪٻئي کي ڪافر سڏين ٿا. پر افغان جنگ ۾ آمريڪا جي مدد سان نئون تخليق ڪيل جهادي فرقو انهن 72 فرقن ۾ نئون اضافو آهي. جنهن ۾ ڪنهن به مخالف فرقي واري کي خودڪش حملي ۾ مارڻ جائز قرار ڏنو ويو. جنهن جو ان کان اڳ اسلامي تاريخ ۾ ڪٿي به مثال نٿو ملي.”
پوءِ پليجي صاحب پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ان جهادي فرقي جو پسمنظر ٻڌايو. چيائين “ليکڪ لارينس رائٽ شيخ عبدالله عزام نالي واري شخص متعلق لکيو آهي ته هو افغانستان ۾ طالبان واري جهاد جو گيٽ ڪيپر هو. هو فلسطيني مذهبي عالم هو، جنهن الاظهر يونيورسٽيءَ مان اسلامي قانون تي پي ايڇ ڊي ڪئي هئي. شاهه عبدالعزيز يونيورسٽي جده ۾ استاد ٿيو. جتي هن جو هڪ شاگرد اسامه بن لادن هو. عزام آمريڪي سي آءِ اي جي سرپرستيءَ ۾ سڄي دنيا جو سفر ڪيو. هو آمريڪي ٽي وي ۽ سعودي ٽي ويءَ تي به نظر اچڻ لڳو. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ هن سڄي آمريڪا جو دورو ڪيو ۽ افغانستان جي جهاد لاءِ مجاهد ڀرتي ڪيا. عزام جو جهاد بابت پيغام صاف ۽ چٽو هو. جهاد ۾ شريڪ ٿيڻ نه صرف هڪ سياسي ضرورت آهي، پر هڪ مذهبي فرض به آهي. جهاد جو مقصد صرف دشمن روسين کي مارڻ نه، بلڪه شهادت کي دعوت ڏيڻ به آهي. 1988ع ۾ هن طالبان مجاهدن جي ڀرتيءَ لاءِ هڪ وڊيو تيار ڪيو. ان بابت برائٽ لکي ٿو ته عزام چيو آئون افغانستان پهتس ته مون کي پنهنجي اکين تي اعتبار نه پئي آيو. آئون سالن جا سال ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جهاد جي باري ۾ واقف ڪندي، مومنن جي شهادت جي حاصلات واري اڃ اجهائيندو رهيس. عزام جو مقدس جهاد لاءِ فارمولو بلڪل سادو هو. صرف جهاد ۽ رائيفل. ڪنهن سان به صلح جي ڳالهه نه. لارينس رائٽ آمريڪي صدر ريگن سان ڪجهه طالبان اڳواڻن جي ملاقات جو ذڪر پڻ ڪيو. جنهن ۾ چيو ته آمريڪي صدر انهن جي جهادي جذبي کان بي حد متاثر ٿيو. انهيءَ جذبي جو اظهار ڪندي، ريگن چيو ته اوهان روسي ڪافرن کان هڪ اسلامي ملڪ کي آزاد ڪرائي آمريڪين جي وڏي مدد ڪئي آهي. هي جهادي حضرات آمريڪا لاءِ اخلاقي طور ايترائي اهم آهن، جيترو آمريڪا جو بنياد رکندڙ آمريڪي بزرگ هئا. هنن جي حيثيت انهن جي برابر آهي”
هن پنهنجي ساڳئي پريس ڪانفرنس ۾ سامراج پاران وهابيت کي استعمال ڪرڻ بابت وڌيڪ ٻيون ڳالهيون به ڪيون. هن چيو ته 18 ۽ 19هين صديءَ ۾ آمريڪي ۽ يورپي سامراجين پنهنجي علم، سائنس، فڪري ۽ ٽيڪنڪي، ترقي، آزاد خيالي، روشن خيالي جي زور تي ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ۽ قومن تي حملو ڪيو. اهي قومون يورپي ۽ آمريڪا جي جديد جنگي انداز، سائنسي ٽيڪنيڪ سبب پنهنجو بچاءُ ڪري نه سگهيون.
سامراجي جتي به ويا اتي پنهنجي ترقي يافته سائنسي طاقت جي زور تي مٿن قبضو ڪيو ۽ مقامي قومن ۾ مذهبي، فرقيواريت ۽ رجعت پرستيءَ کي ختم ڪرڻ بدران هوا ڏني ۽ مذهبي جهڳڙن کي وڌايو. انهن کي سامراجي مقصدن جي حاصلات لاءِ ڊيوٽيءَ تي لڳايو. اهڙا ڪيترائي سامراجي ڪارناما تاريخ ۾ درج آهن. هن تاريخي حوالا ڏيندي هڪ مشهور ڪارنامو ٻڌايو، چيائين ته مسلمانن جي ترڪ سلطنت کي ٽوڙڻ لاءِ سعودي عرب، فلسطين، شام، لبنان، وغيره ۾ ترڪ حڪومت جي خلاف بغاوتون ڪرائي فلسطين تي اسرائيل کي مسلط ڪيو. حجاز ۽ اردن تي برطانيا جي وفادار مسلمان وهابي فرقي جي سعودي خاندان کي مڪي، مديني ۽ حجاز جو حاڪم ۽ عرب دنيا تي پنهنجي زيردستن کي پنهنجي نمائندي طور مقرر ڪيو. جيڪو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. ان جا نتيجا ٻين ڳالهين کانسواءِ طالبان فرقي جي تخليق ۽ خودڪش حملن جي صورت ۾ اڄ به جاري آهي.”
هن پنهنجي انهيءَ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته، 1919ع ۾ سامراجين حجاز جي وهابين ۽ يهودين کي پاڻ سان گڏ ڪيو. 1985ع ۾ چالاڪي ۽ عياريءَ سان طالبان جو خودڪش ۽ دهشتگردي وارو نئون فرقو ٺاهيو. جنهن جو مثال اسلام جي چوڏهن سئو سالن جي تاريخ ۾ نٿو ملي. سامراج پاڪستان ۽ دنيا مان ڳولي ڳولي پنهنجي ٺاهيل جهادي فرقي وارن کي کربين رپيا ڏئي گڏ ڪيو. خودڪشيءَ جي تربيت ۽ تعليم ڏئي، پاڪستان جي (ان وقت جي آبادي موجب) 14 ڪروڙ پرامن ماڻهن کي دهشتگردن جي مدد سان غلام بنائي رکڻ چاهي ٿو. افغان جنگ کان پوءِ اسان جي ملڪ مان پيدا ڪيل خودڪش دهشتگردن کي ايشيا ۾ چين ۽ ٻين آزادي پسند ملڪن جي خلاف استعمال ڪيا ويندا. آمريڪي پرست مفتين جي فتوائن موجب جيترا به قتل ڪيا ويندا ۽ خود به قتل ٿيندڙ سڌو جنت ۾ ويندا. جتي حورون سندن انتظار ڪندڙ هونديون. ٻئي طرف انسانذات مغربي سامراج جي عالمي غلامستان جي جهنم ۾ سڙي ختم ٿي ويندي.”
هن ساڳئي پريس ڪانفرنس ۾ وڌيڪ اهم ڳالهيون ڪيون. چيائين: جڏهن پاڪستان ٺهي رهيو هو، ته به قائد اعظم چيو ته هتي ڪابه مذهبي رياست نه هوندي. ڪنهن به فرقي واري جي اڳرائي نه هوندي. جنهن ۾ شريعت محمدي جو ڪوبه ذڪر نه هو. قائد اعظم پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ چيو هو ته هاڻ مسلم ليگ جي ضرورت ناهي، ڇو ته مسلم لفظ جي ان وقت ضرورت هئي. هن ان لاءِ پاڪستان نيشنل ليگ ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. ان وقت جون سموريون هندستان جون مسلمان جماعتون قائد اعظم جون سخت مخالف هيون.
هن پنهنجي انهيءَ پريس ڪانفرنس ۾ ڀٽي صاحب جي ڪتاب Myth of Independence (مٿ آف انڊپينڊينس) جو پڻ ذڪر ڪيو هو. چيائين ٽين دنيا جا ملڪ حقيقي طور آزاد نه آهن. مغربي قوتون پنهنجن ڪارندن ذريعي حڪومتون ڪنديون آهن. هن نتيجو ڪڍندي چيو ته پاڪستان ۾ اڄ به حڪومت نالي ماتر آهي ۽ اصل ۾ اهي قوتون ئي حاڪم آهن. هن سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ دهشتگردي ۽ سنڌ جي يونيورسٽين ۾ تعليم تي عملن پابندي مڙهي وئي آهي ۽ ٻي غريب عوام کي مدرسن جي حوالي ڪيل آهي. هن انهيءَ سڄي پسمنظر کان پوءِ آخر ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي التجا ڪندي گهر ڪئي هئي ته اوهان قائد اعظم محمد علي جناح جي ڏنل روشنيءَ ۾ ملڪ نه هلائي رهيا آهيو ۽ ملڪ جي شهرين کي دهشتگردن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري استعيفيٰ ڏيو ۽ سپريم ڪورٽ پنهنجي نگرانيءَ ۾ ڪيئرٽيڪر حڪومت جوڙي.
پريس ڪانفرنس ۾ موجود اسان جي صحافي دوستن سڄي پريس ڪانفرنس مان فقط آخري جملن مان ئي خبر ٺاهي. رسول بخش پليجي وزير اعظم نواز شريف جي حڪومت سميت چارئي صوبائي حڪومتون ٽوڙي، سپريم ڪورٽ جي سربراهيءَ ۾نگران حڪومت ٺاهڻ جي گهر ڪئي آهي.