يامين جتوئي
نيٺ ڇا ڪجي؟
اولهندي يورپ ۾ بورجوا جمهوري انقلابن جو دور اٽڪل 1789ع کان 1871ع تائين ڦهليل آهي. ان دور ۾ ئي قومي تحريڪن ۽ قومي رياستن جنم ورتو. جڏهن اهو دور ختم ٿيڻ وارو هو، ان وقت اولهندو يورپ بورجوا رياستن جي هڪ طئي ٿيل نظام ۾ بدلجي چڪو هو، اهڙين رياستن جي نظام ۾ جيڪي قومي طور هڪجهڙيون رياستون هيون، اوڀر يورپ ۽ ايشيا ۾ بورجوا جمهوري انقلابن جو دور رڳو 1905ع ۾ شروع ٿيو، ايران، ترڪي ۽ چين ۾ انقلابن ايشيا ۾ بورجوا جمهوري انقلابن جي شروعات ڪئي.
اهڙي نموني ويهين صدي جي شروعات ۾ ايشيا اندر انقلابن جي جيڪا لهر اڀري اها بنيادي طور سامراج ۽ جاگيرداري مخالف بورجوا جمهوري ۽ قومي آزادي جي انقلابن جي لهر هئي. خاص ڪري آڪٽوبر انقلاب کان پو ان ۾ تيزي آئي. ٻي عالمي جنگ جي خاتمي کان پو اوڀر يورپ ۽ مرڪزي يورپ کان ويندي ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا تائين جيڪو انقلابن جو سلسلو شروع ٿيو، اهو مواد ۽ ڪردار جي لحاظ کان سوشلسٽ نه پر سامراج ۽ جاگيرداري مخالف قومي جمهوري ۽ عوامي انقلابن تي ٻڌل هو. اوڀر يورپ، چين، ڪوريا جي اترين حصي ۾ جيڪي رياستون قائم ٿيون، اهي بنيادي طور عوامي جمهوري رياستون هيون. طبقاتي ڪردار جي لحاظ کان عوامي جمهوريت پنهنجي اوسر جي جمهوري ڏاڪي تي هڪ نئين طرز جو اقتدار هو. جنهن ڪيترن ئي طبقن، جنهن ۾ مزدور، هاري، پيٽي بورجوازي، وچين بورجوازي جي هڪ حصي (قومي بورجوازي) جي “جمهوري آمريت” جي نمائندگي پئي ڪئي. اهو ٺيڪ آهي ته ان ۾ اڳواڻي (هجيمني) پورهيت طبقي يا ان جي پارٽين جي هئي، پر اها مختلف طبقن جي “جمهوري آمريت” هئي، تنهنڪري، اهي رياستون سوشلسٽ رياست ڏانهن هڪ وک ته ضرور هيون، پر سوشلسٽ نه هيون. اهڙي نموني ويهين صدي ۾ اوڀر ۾ جيڪي به انقلاب آيا اهي قومي آزادي جا ئي انقلاب هئا. اهو ئي سبب هو جو اتي جيڪي به ڪميونسٽ ۽ ورڪرز پارٽيون قائم ٿيون، ٺوس حالتن جي گهرج تحت اهي عوامي جمهوري ۽ قومي آزادي جي انقلابن جي وينگارڊ ۾ بدلجي ويون. اڄ ايڪيهين صدي ۾ به سامراج جي ظلم جي چڪي ۾ پيسجندڙ دنيا جي اڪثر خطن اندر انقلابن جو بنيادي ڪردار ۽ مواد ويهين صدي جي انقلابن کان مختلف ڪونهي. ان ڏس ۾ اولهه ۽ ڪجهه ٻين اسريل ملڪن کي استثنيٰ حاصل آهي يعني اولهه جهڙن خطن جي ڪميونسٽ تحريڪ جو ته فوري تاريخي فريضو سوشلسٽ انقلاب ٿي سگهي ٿو پر اوڀر اڄ به عوامي جمهوري ۽ قومي آزادي جي انقلابن جي ڏاڪي تي بيٺل آهي.
ڪامريڊ بخشل چئي ٿو ته “افغان عوام جو مسئلو به “هوند ۽ اڻهوند” جو ۽ طبقاتي آهي”. آهي ته بلڪل ايئن ئي، پر اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪانهي!! اهو سڄي ليفٽ جو مسئلو رهيو آهي ته هنن تاريخي اوسر دوران اڀريل اهم سوالن کي ايئن هڪ پاسائين اپروچ سان پئي ڏٺو آهي. ظالم ۽ مظلوم، هوند ۽ اڻهوند جو سوال انسان جي هزارن سالن تي ٻڌل ڪل طبقاتي تاريخ جو سوال رهيو آهي ۽ ان تي هر دور جي غيرمعمولي ذهنن پئي سوچيو آهي. اصل مسئلو اهڙن سوالن جي ٺوس انداز ۾ ترتيب جو رهيو آهي. مارڪسي-لينني نظريو ٻين سمورن نظرين کان ان معنيٰ ۾ به مختلف آهي ته هو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو “هوند ۽ اڻهوند” جي سوال کي ٺوس تاريخي پيرائي ۾ رکي سگهيو. تنهنڪري، افغان عوام جو مسئلو يقينن هوند ۽ اڻهوند جو ئي آهي، پر اصل مسئلو ان سوال کي افغانستان جي مخصوص حالتن جي پيرائي ۾ رکي ڏسڻ جو به آهي. جنهن جي “ڏچي” ۾ ڪامريڊ بخشل پوڻ نٿو چاهي؟ جڏهن هڪ ملڪ جي عوام کي ايڪيهين صدي ۾ به ستين صدي جي مذهبي سماجي-سياسي نظام ۾ چوکنڀو ڪري اڇلايو وڃي ته سڀ کان پهرين اهو هوند ۽ اڻهوند جو سوال وچين دور جي ان سرشتي کان افغان عوام جي نجات جي سوال ۾ بدلجي وڃي ٿو، سامراجي مداخلت ۽ قبضي جي خاتمي جي سوال ۾ بدلجي وڃي ٿو، ٻين لفظن ۾ عوامي جمهوري ۽ قومي آزادي جي سوال ۾ بدلجي وڃي ٿو.
جيئن لينن چيو هو: “سامراجي دور ۾ بيٺڪن ۽ نيم-بيٺڪن پاران وڙهيون ويندڙ قومي جنگون نه رڳو ممڪن پر اڻٽر آهن.” (جونيئس پمفليٽ) تيئن موجوده دور به بنيادي طور سامراج ۽ جاگيرداري مخالف قومي آزادي جي تحريڪن ۽ عوامي جمهوري انقلابن جي جنگين جو دور آهي. موجوده دور جو سڀ کان اهم ۽ بنيادي سوال اهو ئي آهي. اٺ پکي جيان جيئندڙ کاٻي ڌر کي پهرين تي ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ گهرجي. رڳو “دنيا جا مزدورو هڪ ٿي وڃو” جي بنياد تي توهان ڪا به انقلابي تحريڪ نٿا بيهاري سگهو. پهرين ته پنهنجي دور جي اهم سوالن ۽ تضادن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. نڪي جيڪو مارڪس 1848ع ۾ ڪميونسٽ مينيفيسٽو ۾ چئي ويو، ان تي اکيون ٻوٽي عمل ڪرڻو آهي، انساني تاريخ جي اوسر جي معروضي قانون جي دريافت ۽ خاص ڪري سرمائيداري جي ارتقا جي قانونن ۽ تضادن جي ڇنڊڇاڻ مارڪس جو ڪل انساني تاريخ جي سماجي-معاشي فڪر جي دائري ۾ وڏو ڪارنامو آهي، پر مارڪس جون حدون اهي هيون جو هو صرف ايترو ڪري پئي سگهيو ته هو سماجي ارتقا جي عام رجحانن کي نظر ۾ رکندي ڪي عام نتيجا اخذ ڪري ۽ ان جي بنياد تي ڪي سائنسي اڳڪٿيون ڪري. مارڪس جي 1848ع تائين پوزيشن اها هئي ته بورجوازي جي اوسر، واپار جي آزادي، عالمي منڊي، پيداواري طريقي ۾ هڪجهڙائي ۽ انهن سان ٺهڪندڙ زندگي جي حالتن جي ڪري ماڻهن ۾ قومي فرق ۽ دشمني روزانو جي بنياد تي وڌ ۾ وڌ ختم ٿي رهي آهي. ان ڪري ئي مارڪس ان نعري “دنيا جا پورهيت هڪ ٿيو” تي پهچي ٿو، سندس خيال هو ته مستقبل ۾ پرولتاري جي بالادستي قومن وچ ۾ موجود اختلافن کي وڌيڪ ختم ڪري ڇڏيندي. پر تاريخ رڳو عمومي نه پر ڪي خاص رجحان به رکندي آهي، اهو ئي سبب آهي جنهن سال مارڪس اهي خيال پيش ڪري رهيو هو، ان سال ئي يورپ اندر بورجوا قومي جمهوري انقلابن جو سلسلو شروع ٿي ويو، جنهن جي مک محرڪ قوت طبقاتي مفاد نه پر قومي سوال هو. انهن انقلابن کان پو مارڪس جدلياتدان جي حيثيث ۾ پنهنجي رويو تبديل ٿو ڪري، هٺ ڌرمي نٿو ڪري. سندس لکڻين جو محور جرمني ۽ اٽلي، پولينڊ ۽ بوهيميا، هنگري ۽ ڪروشيا ۾ قومي تحريڪن جي ظهور ۽ انهن وچ ۾ ٽڪرا رهيو. ڇاڪاڻ ته اها قومي تحريڪ، هڪ طاقتور قوت جي حيثيت ۾ يورپ جي نئين سر تشڪيل ۽ ان جو نقشو تبديل ڪري رهي هئي ۽ سرحدن ۽ رياستي ڍانچي جي نئين سر ترتيب ڪري رهي هئي. اهو ئي سبب هو جو مارڪس جو 49-1848ع کان پو خاص ڪري ننڍين رياستن ۾ ورهايل اٽلي ۽ جرمني کي متحد ڪرڻ جي سوال (بورجوا قومي تشڪيل) تي خاص توجهه رهيو.
1860ع جي ڏهاڪي ۾ جرمن پورهيت تحريڪ جي اهم نالي لاسال جو خيال هو ته يونيورسل سفريج کي متعارف ڪرڻ ۽ پيداوار ڪندڙن جون انجمنون قائم ڪرڻ سان پروشيائي رياست آهستي آهستي آزاد عوامي رياست ۾ بدلجي ويندي. ان بنياد تي لاسال بسمارڪ سان ڳجهيون ڳالهيون ڪيون، جنهن ۾ هن جرمني کي “مٿان کان” متحد ڪرڻ جي سوال تي بسمارڪ جي پٺڀرائي جي حامي ڀري. مارڪس ۽ اينگلز لاسال جي اسڪيم جي مخالفت ڪئي. هنن جو خيال هو ته “هيٺان کان” يعني انقلابي قدمن وسيلي جرمني کي متحد ڪيو وڃي. نيو رينشي زيتونگ اخبار وسيلي سياسي پروگرام ڏنو ويو، جنهن ۾ جرمني کي جمهوري بنيادن تي هڪ واحد جمهوري ريپبلڪ طور متحد ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي. اينگلز لکيو: “پرولتاري جا مفاد برابري طور جرمني جي پروشيئنائيزيشن ۽ ان جي مستقل بنيادن تي ننڍڙين رياستن ۾ ورهاڱي کان روڪين ٿا. پروشيائي رياست جي تحليل ۽ آسٽريائي رياست جي خاتمي کانسوا اسان وٽ ڪو ٻيو انقلابي فوري پروگرام ٿي نٿو سگهي.” مارڪس ۽ اينگلز جي ان مان مراد عوام پاران انقلابي جمهوري لائين تحت جرمني جي اتحاد جي هئي. هنن نشاندهي ڪئي ته ان کانسوا ٻيو ڪو به اتحاد (يونيفڪيشن) قوم جي مفادن پٽاندر نه هوندو. ٻئي پاسي ٻنهي پولينڊ جي قومي آزادي جي به گرمجوشي سان حمايت ڪئي، ڇاڪاڻ هنن سمجهيو پئي ته پولينڊ آزادي کان پو جمهوري ٿيندو، ان سان روس، پروشيا ۽ آسٽريا جا تخت ڪمزور ٿيندا، اهڙي ريت هنن جو خيال هو ته پولينڊ جي فتح جرمني ۾ بورجوا جمهوري انقلاب جي فتح لا فيصلائتي هوندي. اهو ئي سبب هو جو اينگلز لکيو: “جرمن انقلابي جمهوريت پسندن جو اهو فرض آهي ته هو پولينڊ جي قومي آزادي جي حمايت ڪن.” مارڪس ۽ اينگلز کي توقع هئي ته پروشيا جي شڪست انقلابي ڌماڪي جو سبب بڻجندي ۽ بسمارڪ جي “مٿان کان انقلاب” جي جا تي بورجوا-جمهوري “هيٺان کان انقلاب” کي ممڪن بڻائيندي. پر تاريخ مارڪس ۽ اينگلز جي خيال جي ابتڙ بسمارڪ هٿان 1871ع ۾ “مٿان کان انقلاب” وسيلي جرمني جي بورجوا جمهوري قومي تشڪيل جو مرحلو مڪمل ڪيو. مارڪس بسمارڪ (هڪ بادشاهه) هٿان جرمني کي متحد ڪرڻ جي ان عمل کي “ترقي پسند” سڏيو. اسان کي خبر آهي ته ڪيترن ئي “بين الاقواميت پسندن” کي اها ڳالهه نه وڻندي پر تاريخ ڪڏهن ڪنهن جي پرواهه ڪئي آهي؟
آخر ۾ اهو ئي چونداسين ته سڀ کان پهرين ته کاٻي ڌر کي پنهنجي موجوده پروگرام کي نئين سري سان ترتيب ڏيڻ گهرجي. پنهنجي دور جو تجزيو ڪري بنيادي تضادن ۽ سوالن جي تفصيلي وضاحت ڪري ٺوس پرگرام ۽ حڪمت عملي ڏيڻ گهرجي. خاص ڪري پاڪستان جي ڍانچي اندر قومي سوال بابت پنهنجو واضح ۽ چٽو مارڪسي-لينني پروگرام ڏيڻ گهرجي. اهو ئي مطالبو لينن ٻي انٽرنيشنل جي موقعي پرستن کان باربار ڪندو رهيو هو ته قومي سوال بابت توهان جو ڪهڙو پروگرام آهي. پنهنجو پروگرام واضح ڪيو. اڻ ڳڻين لکڻين ۾ لينن نهايت ئي چٽائي سان پنهنجي ان انقلابي پوزيشن جو اظهار ڪيو آهي. هو هڪ هنڌ لکي ٿو: “سوشل شائونسٽن جو قومي سوال بابت ڪهڙو پروگرام آهي؟ هو يا ته قومن جي حق-خود اراديت جا مڪمل طور منڪر آهن، يا وري هو اهو حق بنهه منافقي سان تسليم ڪن ٿا. يعني ان جو اطلاق ٺيڪ انهن قومن تي نٿا ڪن جن تي پاڻ انهن جي قوم يا ان جو ڪو فوجي اتحادي ظلم ۽ جبر ڪري ٿو. (دا ريووليوشنري پروليٽيريئٽ اينڊ دا رائيٽ آف نيشنز ٽو سيلف ڊٽرمينيشن)
لينن جي هڪ سئو سال چيل اها ڳالهه اڄ پاڪستاني سوشل شائونسٽن تي بلڪل ٺهڪي اچي ٿي. کين ڪشمير جي حق خوداراديت جي ته وڏي ڳڻتي آهي، پر جڏهن پاڪستان جي مظلوم قومن جو سوال اچي ٿو ته اتي کين نانگ ڪکي ٿو وڃين! ڪشمير جي حق خوداراديت جا اسان به حامي آهيون، هندستاني رياست جي وڌندڙ ظلم ۽ استبداد جي جيڪڏهن ڪو مذمت نٿو ڪري ته اهو ڪميونسٽ ٿي نٿو سگهي پر ساڳي وقت سنڌ، بلوچستان ۽ پختونخوا وغيره تي هي رياست جيڪو نڙي تي ننهن ڏئي ويٺي آهي، ان لا به واضح پروگرام ڏيڻو پوندو. گوٿناٿ کان ڪم نه وٺڻو پوندو. جيڪڏهن توهان ايئن نه ڪندئو ته توهان ڪميونسٽ نه پر شائونسٽ آهيو. لينن جا هي چيل لفظ اڄ به اوترا ئي درست آهن جيترا صدي اڳ هئا: “اسان جي سامراجي دور ۾ دنيا جي سوشلسٽن جي اڪثريت جو تعلق انهن قومن سان آهي جيڪي ٻين قومن تي ظلم ڪن ٿيون ۽ ان ظلم کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪنديون رهن ٿيون، ۽ اهو ئي سبب آهي جو جيڪڏهن اسان هي اعلان نٿا ڪيون ته ڪنهن ظالم قوم جو سوشلسٽ، جيڪو امن ۽ جنگ ٻنهي جي زماني ۾، مظلوم قوم جي علحيدگي جي آزادي جي پرچار نٿو ڪري هو سوشلسٽ ۽ بين الاقواميت پسند نه پر شائونسٽ آهي.” (دا ريووليوشنري پروليٽيريئٽ اينڊ دا رائيٽ آف نيشنز ٽو سيلف ڊٽرمينيشن) يا جيئن هو هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو: “سوشلسٽ نقطه نظر کان اهڙي وقت ۾ جڏهن قومي ظلم ۽ جبر موجود هجي قومي آزاديءَ جي فريضن کي نظرانداز ڪرڻ بغير ڪنهن شڪ شبهي جي غلطي ٿيندي. (دا رائيٽ آف نيشنز ٽو سيلف ڊٽرمينيشن)
تنهنڪري، توهان پاڪستان ۾ ساڍن ستن ڏهاڪن کان جيڪو مظلوم قومن جو استحصال جاري آهي، ان کي رڳو طبقاتي سوال جي نذر نٿا ڪري سگهو. قومي سوال جي درست مارڪسي-لينني انداز ۾ ترتيب ڪرڻي پوندي. ان بابت واضح پروگرام کڻي اچڻو پوندو. “اسان کي سوشلزم جي انقلابي جدوجهد جو ناتو قومي سوال بابت انقلابي پروگرام سان جوڙڻ گهرجي.” (لينن: دا ريووليوشنري پروليٽيريئٽ اينڊ دا رائيٽ آف نيشنز ٽو سيلف ڊٽرمينيشن)
(پورو ٿيو)