ممتاز منگي
ليڊر جي تشريح ۽ ڪردار تي پاڻ ڪيترائي ڀيرا بحث ۽ ٽيڪاٽيپڻي ڪري چڪا آهيون، هن مضمون کان پهريان گذريل ڇنڇر 2 آڪٽوبر تي “نظريو ۽ اخلاقيات” جي عنوان تي سنڌ ايڪسپريس ۾ لکيو، جنهن جو مرڪزي نقطو اهو هو ته “نظريي جي تمام گھڻي اهميت آهي پر عوام جي پرک جو بنياد نظريي کان وڌيڪ ڪردار هوندو آهي، عوام پهريان ڪردار کي ڏسي ۽ پرکي ٿو، پوءِ هو نظريي کي سمجھڻ ۽ قبول ڪرڻ جي طرف وڌي ٿو” عوام جي پسند ۽ پرک جي انهيءَ اصول تي پاڻ هزارين دفعا بهتر سمجھندي انهيءَ جي تائيد ڪريون ٿا ڇو ته نظريو فرد ۽ سماج جي ڪردار جي تعين جي لاءِ هوندو آهي پاڻ هي اصول به تسليم ٿا ڪريون ته انساني سماج جو تعين يعني ڪردار جي ترتيب ۽ عمل پيداواري قوتون ۽ پيداواري اوزار ڪندا آهن پر اهي سڀ جو سڀ ميڪانڪي انداز ۾ اخلاقي ۽ سياسي پابندين يا جڙا جو ڪردار ادا ناهن ڪندا. تنهن ڪري پاڻ صرف پيداواري مادي بنيادن تي سماجن جي هڪ ڪري تشريح نٿا ڪري سگھون ۽ نه وري اهو ساڳيو پرک جو اصول يا معيار اسان فرد تي لاڳو ڪري سگھون ٿا.
سياسي پارٽين جي اندر نظرين ۽ اخلاقن سان گڏوگڏ ڪردار جو تعلق مٿين پرت کان هيٺ لهندو آهي، بد کان بدحال معاشرا بهترين انسانن جي محنتن جي نتيجي ۾ سڌريا ۽ منظم ٿيا، انهيءَ ۾ ليڊرشپ جو ڪردار هڪ سائنٽسٽ جيان هجي ٿو، جيئن هڪ سائنٽسٽ تحقيق کي تخليق جي ڌارا ۾ آڻي، انهيءَ جو فائدو ۽ اثر ڏيکاري ٿو اهڙي طرح سياسي جماعتن جي اندر ليڊر جو ڪردار ٿئي ٿو ۽ اهوئي ڪردار جڏهن پنهنجا اثر تمام گھڻي سطح تائين وڌائي ٿو، انهيءَ جي مڃتا پارٽيءَ جي فريم کان ٻاهر نڪري پوري سماج ۽ ملڪ ۾ مڃي ٿي وڃي، جنهن کان پوءِ اهو فرد رڳو پارٽي جو اڳواڻ نٿو رهي پر هو هن اڳواڻيءَ سان گڏوگڏ پنهنجي قوم جو به اڳواڻ بڻجي ٿو وڃي پر جي اڃان به هن جي نظريي ۽ ڪردار ۾ وسعت آهي ته انهيءَ جا اثر پوري دنيا تي پوڻ شروع ٿا.
اسان گھڻا مثال نٿا ڏيون پر پنهنجي تاريخ جي ويجھي ڪردار نيلسن منڊيلا کي جڏهن اڳيان آڻينداسين ته سمجهھ ۾ سولائي اچي ويندي، هو ڏکڻ آفريڪا جي نسل پرستي جو شڪار ٿيل مظلوم مزاحمتي ڪردار هو، جنهن پهريان بندوق جو سهارو ان نسل پرستيءَ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ورتو، بندوق کڻڻ جو مقصد ان وٽ صرف ڏهڪاءُ ۽ مخالف کي ختم ڪرڻ نه هو، بندوق هن جي لاءِ نفسياتي طاقت هئي پر هڪ هٿيار هو، جڏهن هن محسوس ڪيو ته انهيءَ کان وڌيڪ طاقتور هٿيار پر امن جدوجهد آهي تڏهن هو ان طرف وڌي ويو، ليڊر اجتماعي مفادن جي لاءِ سوچيندي ۽ عمل ڪندي جڙي ٿو پر جڏهن ڪي فرد تاريخ جي بحرانن مان وڌندي يا گھٽتائين مان فائدو وٺندي پارٽين تي قابض ٿيندا آهن يا منتخب ٿيندا آهن، انهيءَ ۾ انهن جي ڪا به وڏي قرباني يا صلاحيت ناهي هوندي پر حالتن جا وهڪرا خانداني تعلقات يا دولت جو استعمال کين وڌائي ٿو ڇڏي ته پوءِ هو ليڊرشپ جي امتحان مان گذرن ٿا ۽ اتي پهچڻ کان پوءِ به انهن جي عادت يا نظريو پنهنجي گڏيل مفادن جي بنيادن تي يعني قومي مفادن جي حوالي سان نٿو جڙي، تڏهن گروهي مفادن سان جڙندي پنهنجو پاڻ کي طاقتور رکڻ جي لاءِ هڪ ٽولو جوڙي ٿو ۽ اهوئي ٽولو پنهنجي استحصالي ۽ ڪرپٽ حڪمتِ عملين سان طاقتور ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جنهن سان عوام ۾ سخت نفرت ۽ حقارت پيدا ٿيندي وڃي ٿي پر هو عوام جي ان بيزاري يا نفرت کان لاپرواھه ٿي پنهنجي پوري طاقت کي گروھه جي بنيادن تي وڌائڻ جا قائل هوندا آهن هو اهو سمجھندا ئي ناهن ته عوامي پاپولرٽي عوامي خدمت ۽ پورهئي سان ملندي آهي هو طاقت کي بنيادي هٿيار سمجھندي باقي عوام کي جهالت جو ٽولو سمجھندا آهن هو عوام جي وزڊم ۽ شعور کان بلڪل پاڻ کي الڳ ٿلڳ رکندي اهو سمجھندا ئي ناهن ته عوام جو اجتماعي شعور ڪا اهميت به رکي ٿو، اهڙن ليڊرن جي اها ئي اخلاقي ۽ سياسي نااهلي يا فاشيانه فطرت هجي ٿي، هنن جي زوال جو وقت انهن جي پنهنجي حڪمتِ عملين کان ئي شروع ٿو ٿئي. سياسي ۽ اخلاقي جياپي جو بنياد صرف ۽ صرف عوامي مفادن سان جڙيل آهي، انهيءَ کان ڪٽيل ڪو به ليڊر جيڪڏهن ان غلط فهمي ۾ آهي ته هو سرخرو رهندو ۽ يوٽرن وٺندي ٽڪرائن کان بچي ويندو ته هو وڏي تڪبر ۽ بي خوفيءَ جي چال هلي ٿو کين اهو نه وسارڻ گھرجي ته تاريخ ۾ يوٽرن بدترين حادثن کي جنم ڏيندا آهن ڇو ته اهڙن ليڊرن جي يوٽرن کي عوام جو مارچ ڪچلي ۽ زوال ۾ ڦٽي ٿو ڪري ڇڏي.