ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بيٺڪيت ۽ بيٺڪيت پڄاڻان: يارم پيارم ۽ نو لکي ڪوٺيIII-

Editorial-Article- Mubark Lashari

نولکي ڪوٺي ۾ مولوي ڪرامت کي اتفاقن انگريز عملدار وليم ڏسندو آهي، منجهس، شائستگي، نياز نوڙت، هيٺاهين ۽ تابعداري پسند اچي ويندي آهي. ٻئي پاسي وليم جيڪو ڪافي حد تائين هندستان جي مقامي زمين ۽ ماڻهن سان رومانس ۾ هوندو آهي، اهو چاهيندو آهي ته هندستان جي سرزمين سان گڏ هتان جا ماڻهو به خوشحال ٿين يا خوداعتماد ٿين، پنهنجن وسيلن کي درست استعمال ڪن ۽ مثبت سماج جوڙين. ان صورتحال ۾ وليم جڏهن تعليم جو جائزور وٺندو آهي ته کين حيرت ٿيندي آهي ته سک، هندو، ننڍڙين ذاتين جا ماڻهو ته پنهنجا ٻار اسڪول ۾ پڙهائين پيا پر مسلمانن جا ٻار اسڪول نٿا پڙهن. ٿوري گهڻي پڇا ڳاڇا ڪرڻ کانپوءِ کيس خبر پئي ته مسلمان مولوين فتوائون ڏنيون ته اسڪولن ۾ انگريز مسلمانن جو مذهب تبديل ڪري عيسائي ٿا بڻائين، تنهنڪري تقريبن سموري مسلمان آباديءَ جي مسجدن جي مولوين فتوائون ڏنيون ته مسلمان ٻارن کي مسجد ۾ پڙهائين پر اسڪولن ۾ نه موڪلين. تنهنڪري وليم چاهيو ته جيڪو غلط تاثر ڏنو ئي مولوين آهي ته ان جو ازالو به مولوي ڪري سگهن ٿا. ان ڪري مولوي ڪرامت کي آفيس گهرائي پگهار تي منشي رکي ٿو ۽ اسڪول ۾ ٻار پرهائڻ جو ڪم سرانجام ڏيئي ٿو ۽ ڪجهه وڌيڪ مراعاتن ۽ ڏوڪڙن عيوض هڪڙي ٻي ذميواري به ڏئي ٿو ته ٻين مسلم آبادي وارن علائقن ۾ وڃي ٻين مولوين کي به قائل ڪري سرڪاري منشي رکرائي جنهن جو انچارج مولوي ڪرامت هوندو ۽ سڀ مولوي سرڪاري منشي ٿي پگهار تي اسڪول پڙهائين. ايئن سمورن مولوين جو نئريٽو ئي تبديل ٿي وڃي ٿو. ايئن لڳي ٿو مولوين جون فتوائون پنهنجي پيٽ جي مفاد سان ٻڌل هيون. جڏهن سرڪاري چار ڏوڪڙ مليا ته انهن جون فتوائون به تبديل ٿي ويون جيتوڻيڪ مولوين جو اڳ وارو نئريٽو به جسٽيفاءِ ڪرڻ جهڙو نه هو. هن سموري ڪردار ۾ جيڪا شناخت جڙي ٿي اها آهي مفاد، موقعي پرستي، ڳيجهو ٿي رهڻ، جيڪو مون کي نٿو ملي يا مون وٽ ناهي اهو حرام آهي وارو تصور، اهڙا ڪافي تصور جڙن ٿا. پر جڏهن ڪو موقعو ملي ٿو ته پوءِ اهي ماڻهو پنهنجي سموري اصليت، پنهنجو سمورو پويون تعلق داءُ تي هڻي پهنجي مادي دنيا جوڙي ويهي ٿا رهن. نه فقط ايترو پر انهي موقعي پرستيءَ مان جيڪو ڪجهه ملي ٿو ان کي Taken for granted سمجهي پنهنجو حق ٿا سمجهن.
ٻئي پاسي مولوي ڪرامت جي ڪردار سان ملندڙ يارم پيارم جو ڪردار يارل جو آهي. پهرين ته يارل ڏاڍو اوپن مائينڊيڊ، کليو ڍليو، بظاهر خوددار لڳندڙ هوندو آهي پر جڏهن سندن تعلق پروين سان جڙندو آهي ته آهستي آهستي صورتحال کي سمجهڻ بدران ان صورتحال کي پنهنجو جائز حق سمجهي داخلي مقصد حاصل پيو ڪندو آهي ۽ پنهنجي اصليت تان ڪافي هيٺ لهي ايندو آهي، ۽ جنهن صورتحال مان جيڪو کين ملي ٿو، ان جو قدر يا ان جي ويليو کي سمجهڻ بدران هڪ ڏاڪڻ طور استعمال ڪري مس يوز ڪري ٿو. مثال طور ڪهاڻيءَ مان ٻه صورتحال هتي ڪوٽ ڪجن ٿيون؛
“زال زوراور جي مهڻن جو ستايل هر صبح ميرو ۽ مروڙيل، هيسيل ۽ ڪوماڻيل سيلاب جي ستايلن جهڙو منهن کڻي منهنجي اکين جي شفاف پاڻيءَ ۾ وهمن جا پردا مهٽي، پنهنجي لوڻاٽيل ۽ لڙاٽيل لڱن کي اجاري سنواري سينگاري منهنجي ٻاجهاري، قربدار قلب ۾ لڪندي، وريو نئون بنو ٿيندو هو.”
هتي يارل جو نقشو به انهي ميري ميرانجهڙي مسلمان آبادي ۽ ان ۾ مولوي ڪرامت جهڙو آهي جيڪو بنهه قابل رحم، همدرديءَ جو ڳولائو، بظاهر انساني روين جي بک پر اصل ۾ مادي حاصلات جي بک جو ڏيکاءُ ڏيندڙ هوندو آهي. پر جڏهن نولکي ڪوٺي ۾ مولي ڪرامت کي منشي گيري ملي ويندي آهي ته هو بنهه ٻيو ماڻهو ٿي ويندو ۽ محسوس ڪندو آهي ته اهو موقعو نه پر خيرات يا غلاميءَ ۾ مليل حيثيت ٻين ماڻهن مٿان حاوي ٿيڻ جي هڪڙي طاقت آهي. ساڳئي ريت جڏهن انهي ڏتڙيل يارل کي پروين جو ساٿ، محبت ۽ اين جي او جي روزي روٽي ملي ٿي ته پوءِ ڪيئن ٿي وڃي ٿو؟ يارم پيارم ڪهاڻي جي صفحي 361 تي آهي ته؛
“يارو ۾ اُها اِهليت نه هئي شايد، جو هو مون کي جائيتو ڪندي، منهنجي وڃايل سگهه ورائي سگهي. ڇاڪاڻ جو يارو مون کي اڃا به سگهارو سمجهندي پنهنجا خدخال ڀرڻ ۾ رڌل هو. هو پنهنجي اردگرد مسڪينن کي امدادي ڪيمپن جو مال گهرندي ڏسي ڏسي پاڻ به شايد لاشعوري طور، اهو رويو اپنائي پيار جي اڻپوري اڻاس جي کڏ ڀري رهيو هو. جيئن مستحقين امدادي ڪيمپن مان امداد وٺندي پنهنجي صلابت ۽ صلاحيت پئي وڪي، هو به شايد پيار کي خيرات سمجهي رهيو هو.”
يارم پيارم ڪهاڻيءَ ۾ يارو جو هڪڙو مثال سيمپل يا نموني طور کڻي سگهجي ٿو ۽ نولکي ڪوٺي ناول ۾ بيٺڪيت پڄاڻان نقطه نظر مطابق ته سمورا مقامي ماڻهو انهي اهل ئي نه هئا جو اهي پنهنجن وسيلن کي سٺي ۽ تعميري طرح ڪتب آڻي هڪڙو الڳ سماج جوڙين ها. پر بيٺڪيت جي شڪار قومن ۽ رياستن ۾ حاڪمن هڪڙا “خد خال” يا “اڻپوري اڻاس جي کڏ” ڄاڻي واڻي ڇڏي ويا جو اهي ماڻهو پنهنجن وسيلن تي به پاڻ نه بيهي سگهن. جيئن يارو پيار محبت ۽ امداد يا خيرات کي پنهنجو مفت ۾ ملندڙ حق سمجهي پئي ضايع ڪيو ايئن مولوي ڪرامت يا مولوي فضل به پنهنجي هر شيءِ انگريز سرڪار کان خيرات ۾ مليل هجڻ جو حقدار پئي سمجهيو. ناول ۾ ته مولوي جي ٽن نسلن تائين انهي خيرات ۾ ملندڙ ڪلرڪي يا منشي گيريءَ کي پنهنجو خدخال ڀرڻ جو حق پئي سمجهيو پر پنهنجن وسيلن، پنهنجي صلاحيتن يا صلابتن مان فائدو وٺي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جو ايجنڊا ئي ڪونه هئن. ڪنهن انگريز لکيو هو ته مقامي ماڻهو پنهنجي مينهن جو کير پاڻ ڏهي نٿا سگهن، اهي به اسان کين ڪري ٿا ڏيون. بيٺڪيتي حڪمرانن هڪ ته اها حس منجهن ختم ڪري ڇڏي آهي جنهن سان مقامي ماڻهو خودمختياري يا حق حاڪميت کي سمجهي پنهنجو سماج اڏين يا انهن پاڻ به اها ڳالهه ياد نٿي رکڻ چاهي ۽ اهڙا آزاد عمل ڪرڻ جا پاڻ کي اهل ئي نه سمجهندا هجن. ان جو اظهار يارم پيارم ڪهاڻي جي صفحي 371 تي هيئن آهي ته:
“اوپن نيس لاءِ خاص ذهني رجحان کانسواءِ ماحول به کپي ٿو. يارو مٿاڇري حد تائين کليل ۽ مثبت هو. پر اندران روايتن ڀريل کوکلو، کرکلو ۽ گهرگهلو. اهڙي حالت کيس ڪٿي بيهاريو. هو پنهنجي ڪئي تي ڪٻڙو ٿيندي، معافيون وٺي، هيڏي هوڏي نهاري، ڏسندي وائسندي به مک ڳهي ٿي ويو.”
اهو کوکلو ۽ گهرگهلو فقط يارو نه هو پر اهو سمورو سماج هو جيڪو بيٺڪيت جو شڪار ٿيو. مولوي ڪرامت، مولوي فضل ۽ يارو جو ذهني لاڙو هڪ بي سهارا ڪردارن جيان آهن جيڪي لٺ تي بيهي ٿي سگهيا پر پنهنجي ٻانهن ۾ ٻل نه هئن جو ڪجهه ڪري سگهن ها، موقعي مان فائدو وٺي اصل حاصلات طرف وڌن ها. ان جي ابتڙ اهي ڪردار بيٺڪي لاچاري جي ور چڙهي ڄڻ ڳجهه جهڙا ٿي پيا هئا.
ٻئي پاسي نولکي ڪوٺي جو غلام حيدر ۽ پروين جا ڪردار عجيب مماثلت رکندڙ آهن. ٻئي ڪردار ڪنهن اڻ ڏٺي صورتحال جو شڪار ٿي وڃن ٿا. غلام حيدر جو پيءُ شير حيدر وفات ڪري وڃي ٿو ته هو سمجهي ٿو ته اها نوابي کيس هندورن تي جهوٽن لاءِ هوندي يا اها ملڪيت سهارو بڻبي، نتيجو ان جي ابتڙ ٿيو ۽ اهو ڪنڊن جي سيج ٿي مشڪلاتون پيدا ڪري وئي. ساڳئي ريت پروين جيڪا يارو ۾ سهارو ڳولي ٿي ۽ نه چاهيندي به هڪ شادي شده مرد سان محبت ڪرڻ جو جوکو کڻي ٿي جيڪا پنهنجي وس جي ڳالهه هجڻ بدران ٿاڦيل صورتحال هئي. غلام حيدر ۽ پروين لاءِ ٻئي صورتحال مٿان ٿاڦيل يا قدرتي نازل ٿيل هئا پر ٻنهي انهي صورتحال ۾ سهارو ملڻ بدران حد کان وڌيڪ ڀوڳيو آهي جڏهن ته ٻنهي جي نيت ۾ اهڙي ڪابه خراب ڳالهه نه هئي. بيٺڪيتي نقطه نظر تحت ڪهاڻي يارم پيارم جا ڪيترائي نقطه نظر ۽ تهه اندر تهه آهن ته ساڳئي وقت نولکي ڪوٺي ۾ به انوکا راز سمايل آهن. بيٺڪيت پڄاڻان مطالعو سماج، سماج جي روين، لقائن ۽ صورتحال کي سمجهڻ لاءِ بهترين تنقيدي نقطه نظر آهي جيڪو لٽيل ۽ لٽجندڙ لقائن کي واضح ڪري ٿو، اهو مالي استحصال هجي يا ذهني غلامي ۽ تنگ نظري هجي ٻنهي جا اولڙا نظر ايندا آهن. بيٺڪيت جي استحصال جا جيڪي بنياد نولکي ڪوٺي ۾ اظهاريل ملن ٿا، ان جا گهڻي ڀاڱي عملي لقاءَ زبيده ميتلو جي ڪهاڻي يارم پيارم ۾ ملن ٿا.
(پورو ٿيو(

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button