ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

امانت

Editorial-Article- Irshad Leghari

اڄڪلھه سندس ديس ۾ درد جو رنگ جيئن جيئن گهرو ٿيڻ لڳو آهي، تيئن هِن به آشرم جي درشن جو سلسلو انهن ڏينهن جيان وري لڳاتار رکيو آهي، جڏھن پهريون ڀيرو سندس انقلابي قافلي جي خوابن جي ٻيڙي پُرزا ٿي هُئي ۽ کيس سَمجهه ۾ نه پئي آيو ته هاڻ ڇا ڪجي!؟ بس پوءِ آشرم جا سنياسي ئي هئا، جن وڏي پريم سان سندس وِکريل وجود کي سهيڙي، کيس جدوجهد جا نوان رستا ۽ راهون پسايون ۽ اڄ تائين هو انهن راهن جي ئي سير سفر ۾ آهي.
سو ڪالهھ به سج لٿي واري پهر کان گهڙي سوا اول هو جيئن ئي آشرم پهتو ته ساڌو ڪنهن سان هيئن مخاطب هو:
“ڏس ميان!! آئون توکي ان کان وڌيڪ ڇا ٻيو ٻُڌايان؟ مون وٽ جيڪي ڪجهھ به آهي، سو اهو ئي آهي ۽ اهو سڀ آئون زمانن کان توسان سليندو اچان.
جيئن ياد ڪر ته هڪ ڀيري مون توکي اهو چيو هو ته:
” توکي جيڪڏھن انب کائڻا آهن ته وڃي انب پوک. باقي هي جيڪو آشرم جو پِپر آهي، تنهن کي اڪارج چوڻ مان ڇا هڙ حاصل؟ پِپر فقط توکي ٿڌي ڇانوَ ۽ هوائن جون ٻوليون سمجهائي سگهي ٿو. جيڪڏهن توکي ڇانوَ نه گهرجي ۽ هوائن جون ٻوليون سمجهڻ سان تنهنجي ڪابه دلچسپي ناهي ته تون ڀلي وڃي پنهنجي ڪم جون شيون ڳول. اسان توکي ڪڏھن جهليو آهي. ها باقي اسان کي هي پِپر پيڙهين کان پنهنجن وڏڙن کان ان هدايت سان امانت طور مليو آهي ته:
“هي ماڻهو جيڪو پنهنجي جسماني توڙي شعوري ارتقا جي اڃا ڪچڙي وهي مان گذري رهيو آهي، تنهن جا پير نااميدي ۽ نِراسائي ۾ جڏھن سڙندا ۽ وٽس ٻي ڪابه واهه نه بچندي ته هُن کي ان موڙ تي پِپر ئي ياد ايندو ۽ هُو سِڌو هيڏانهن ئي ڀڄندو ته جيئن پنهنجا ٻرندڙ لِڱ ٺاري سگهي. سو توهان کي هن پِپر جي هر دور ۾ سيوا ڪرڻي آهي ۽ هن کي سائو رکڻو آهي ته جيئن ماڻهو لاءِ اميد ۽ پناهه جو احساس بچائي سگهجي. “
ياد ڪر!! مون توکي اهو به نه چيو هو هي ته وڻ ديوتا اٿئي، انهن جو احترام واجب آهي. پر تو مون کي ڇا چيو هو؟ تو چيو هو: هاڻ اهي ضعيف اعتقاد واريون ڳالهيون پراڻيون ٿي چڪيون، رد ٿي چڪيون. وڻ به ڪي ديوتا هوندا آهن ڇا؟ ۽ پوءِ تو چيو هو ته، مون کي ترقي ڪرڻي آهي، اڳتي وڌڻو آهي ۽ پوءِ توهان سڀني رلجي وڻ وڍائڻ شروع ڪيا، ٻيلن جا ٻيلا برباد ڪري، ان مان نِپٽو ناڻو ڪمايو پر هاڻ جڏهن آسمان جي ڇِت ۾ ئي ڇيد پئجي ويا آهن، تڏھن توکي وڻ ياد آيا آهن!؟
ايئن ئي درياهه بادشاهه جو ذڪر به ياد هوندئي. جڏھن پاڻ درياهه جي هڪ پوڄاري وٽ هليا هئاسين ۽ هو پاڻ کي ٻڌائي رهيو هو ته درياهه وڪري جي شئي نه پر “جَر وِديا” جو مقدس وسيلو آهي. پر تو تڏھن به چيو هو ته ڇا جي جَر وِديا؟ اسان کي هن مان پوکي ڪرڻي آهي ۽ بجلي ٺاهڻي آهي ۽ پوءِ توهان ايئن ئي ڪيو ۽ ان جي نتيجي ۾ هن ڌرتي جو سمورو سُهاڳ، ڀاڳ اُجڙي ويو.
ڀلا اها ڳالھه به ته ياد اٿئي يا وِساري ڇڏيئي، جڏھن تون سموري دنيا کي فتح ڪرڻ واري جُنون ۾ وستين جون وستيون ساڙي اڳتي وڌي رهيو هئين؟ ۽ مون توکي چيو هو ته:
ميان!! سڀ کان وڏي جَنگ ۽ فتح پنهنجي وجود جي وِلوڙ مان اهو جوهر ڳولي هٿ ڪرڻو آهي، جنهن جوهر کي هٿ ڪرڻ کان سواءِ ڪنهن جو به جنم سجايو نه ٿيو آهي ۽ نه اڳتي به ٿي سگهي ٿو.
پر تو تڏھن به اهو ئي وراڻيو هو ته: اهي سڀ خام خيال آهن. پر ڇا ڪجي جو مون کي ته وري به توکي اهو لازمي ٻُڌائڻو آهي، جنهن جي ذميواري مون تي انساني سمجھه جي تاريخ لاڳو ڪئي آهي. سو تفصيلي ڳالهھ ٻولهه پاڻ سُڀاڻي ڪنداسين، اڄ آخر ۾ آئون توکي سنڌ وطن جي انتهائي سُهڻي، سدا ملوڪ ۽ جڳ رولاڪ ڪوي حسن درس جو هي نظم ٿو ٻڌايان. ها حسن درس، جنهن هي جهان ڇڏڻ کان ٻه اڍائي راتيون اول شاھپور درپور ۾ فقير حميد علي سائين جي آستان تي آشرم جي سنگي امن علي کان ڇير گهري هئي ۽ جواب ۾ امن علي، حسن کي چيو هو ته:
“سُهڻا توهان کي ته ڇير اڳي ئي ٻڌل آهي، توھين رڳو ڌيان ڏيو ته جيئن انهي ڇير جي ڇِم ڇِم ٻُڌي سگهو.”
۽ پوءِ حسن درس ۽ فقير امن علي هڪ ٻئي سان ڳلي لڳي مُرڪيا هئا. سو ان سُهڻي حسن جو هي نظم ٻُڌ:
هِڪ ديس ويو دفن ٿي
اُن جون ڳليون ته ڳوليون
دَر جو ڪَڙو وڄايون
دِل جون دريون ته کوليون
هڪ قوم وئي زمين ۾!!
جيڪا نه ڪڏهن موٽي!!
تو زندگي دفن ڪئي
تو پنهنجي قبر کوٽي.
ماڻهو ڀلي مري پئي
تلوار آهي جيئري
تلوار جي تِکائي
۽ ڌار آهي جيئري
سوارن جي آسري تي
گهوڙا ئي گهائجن ٿا
ماڻهو مري وڃن ٿا
نغما ئي ڳائجن ٿا
پنهنجي ته سڄي طاقت
دل ۾ ئي دفن آهي
جيئري به مئل ماڻهو
ڪپڙو به ڪفن آهي
هن ڍال جي ڍڪڻ ۾
ڪو ڍُڪ ئي ڀريون اڄ
بي شرم ڪُڙم سارو
پوءِ خودڪشي ڪريون اڄ
دنيا ڪٿي آ پهتي!
تو مون وطن وڃايو
جوتن جو هار ٺاهيو
۽ ڌوڙ منهن ۾ پايو
ڪاوڙ ته جانور کي
ڪيڏي آ جلد ايندي
توکي ڪو شرم ايندو
غيرت به ڪائي ٿيندي!
هڪڙو به ڪوئي ڪونهي
جنهن لاءِ قوم موٽي
ماني ته مان به ڦاٽان
ماني ته تون به ڦاٽين
پنهنجو ئي گهر جلائين
پنهنجا ئي پير ڪاٽين
اُٿندين ڪڏهين انڌا
سڏين تڏهن سهائي
هر ٻار ۽ ٻچو تو،
آ قوم تو ڪُهائي…!!
۽ پوءِ ساڌو چيو:
يار ناراض نه ٿِجان، جو نظم ڪُجهه تِکو ۽ ڪڙو آهي پر ڪجي به ته آخر ڇا ڪجي، جو اگھائي جا دوا ۽ سچ ٻئي ڪڙا رهيا آهن.”
ساڌو جي ڳالهھ پوري ٿي ته هن کي حسن جون يادون وِيرن جيان وڪوڙي ويون. جو هن جُون ۾ ئي ته حسن پنهنجي ديس کان موڪلايو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button