ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ايندڙ بجيٽ جون ڪڙڪندڙ بجليون

Editorial-Article- Umer Qazi

هن مهيني ۾ پيش ٿيندڙ بجيٽ جي باري ۾ اهڙو مطالبو ئي ڇو ڪجي، جنهن جي مڃجڻ جو پري پري تائين ڪو به امڪان موجود نه هجي! اڳ ائين هوندو هو. اڳ ۾ به بجيٽ ٺاهيندڙ عوام جي مٿان هلڪو هٿ نه رکندا هئا پر پوءِ به ميڊيا ۾ اهي مطالبا ٿيندا رهندا هئا ته ملڪ جي مسڪين ماڻهن جي مٿان رحم ڪيو. عوام کي رليف ڏيو. پر هاڻي صورتحال ڪجهه اهڙي ٿي وئي آهي ته جو ماڻهن مهانگائي نه وڌائڻ جا مطالبا ڪرڻ به ڇڏي ڏنا آهن. اها مايوسي حڪمران طبقي لاءِ وقتي طور تي ڀلي ڪنهن آسانيءَ جو ڪارڻ بڻجي پر جن جو هٿ عوام جي نبض تي هوندو آهي، انهن کي اهو پتو هوندو آهي ته ماڻهن ۾ اها مايوسي تمام خطرناڪ نتيجن جو باعث بڻجي سگهي ٿي. پاڪستان جي باري ۾ تمام گهڻيون پريشان ڪندڙ اڳڪٿيون ٿينديون رهيون آهن پر هر ڀيري ڪنهن نه ڪنهن ريت هن ملڪ جو ٻيڙو ٻڏڻ کان بچندو رهيو آهي. ان سلسلي ۾ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هن مهل تائين ملڪ جي ڪرتن ڌرتن پنهنجا ڪرتوت سڌارڻ جي سلسلي ۾ ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي. انهن کي اهو يقين اچي ويو آهي ته هي معاملو ائين ئي هلندو رهندو. جڏهن ته ڪنهن به شيءِ جي باري ۾ ايتري لاپرواهي ٺيڪ نه هوندي آهي ۽ ملڪن جي باري ۾ ايتري بي پرواهي ته ڪنهن به ريت قابل قبول نه هجڻ گهرجي.
عوام کي معلوم آهي ته اهي ڀلي ڪيتريون به دانهون ۽ آهون ڪن پر انهن جي مٿان مهانگائيءَ جو بم ڪيرايو ويندو. ان حوالي سان حڪمران عوام تي ڪو به رحم ۽ قياس نه ڪندا. ڇو ته انهن کي معلوم آهي ته مهانگائي هڪ اهڙو معاملو ٿي چڪو آهي، جنهن جي خلاف ڪا به پارٽي ميدان تي نڪري ملڪ هلائيندڙ قوتن جي مزاحمت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ڪجهه وقت اڳ عمران خان جي حڪومت خلاف مسلم ليگ (ن) جا ليڊر سرعام مهانگائيءَ جا سور پٽيندا هئا ۽ پيپلز پارٽيءَ جي دادلي اڳواڻ بلاول ڀٽي زرداريءَ ته ان سلسلي ۾ هڪ ريلي به ڪڍي هئي. ڪراچيءَ کان وٺي اسلام آباد تائين نڪتل ان ريليءَ جو هڪ ئي مطالبو هو ته ملڪ مٿان مهانگائيءَ کي مڙهيندڙ حڪومت مان نجات حاصل ٿئي پر ان سلسلي ۾ ڇا ٿيو؟
ان دور جي مخالف ڌر جي سازشي ڪوششن سبب عمران خان جي حڪومت ته ختم ٿي وئي پر مهانگائي ختم ٿي نه سگهي ۽ هن مهل اڳئين دور جي اپوزيشن جي حڪومت آهي ۽ ان حڪومت ۾ مهانگائي گهٽجڻ بدران تمام گهڻي وڌي وئي آهي. هاڻي خبر نه ٿي پوي ته هو سلسلو ڪيترو هلندو؟ پر هڪ ڳالهه طئي آهي ته عوام جي مٿان هن ڀيري پيش ٿيندڙ بجيٽ جو بم ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي اهڙو ماحول پيدا ڪري چڪو آهي جو ماڻهن ۾ تمام گهڻي دهشت پيدا ٿيل آهي. اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته ماڻهن کي ڪنهن به مد ۾ ڪو به رليف نه ڏنو ويندو. ڇا اها ڳالهه شرم جهڙي ناهي ته هاڻي سياسي پارٽين کي اهو احساس به نه رهيو آهي ته انهن جي معاشي پاليسين سبب ملڪ ۾ ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي ۽ ان جي ردعمل ۾ انهن جي سياسي ساک کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو. ان ڳالهه جي تر جيتري به پراوهه ڪرڻ بدران سياستدان سازش ذريعي اقتدار ۾ اچن ٿا ۽ انهن جي اقتدار ۾ اچڻ جو رستو هاڻي مڪمل طور تبديل به ٿي چڪو آهي. ڇو ته هڪ وقت اهڙو به هو، جڏهن عوام جي حمايت حڪومت ۾ اچڻ جو سبب سمجهي ويندي هئي پر ڪافي وقت کان وٺي عوام جي حمايت يا عوام جو ووٽ هڪ بنهه بي معنيٰ ڳالهه ٿي چڪو آهي. جنهن کي اقتدار ۾ اچڻو آهي، ان کي عوامي نه پر غيرعوامي ۽ نه صرف غير عوامي پر غير جمهوري ۽ سازش جي شرمناڪ واٽ وٺڻي پوي ٿي ۽ ان واٽ تي هلندڙ ئي اقتدار ماڻين ٿا. اهي اقتدار ۾اچي پنهنجا پراڻا واعدا فراموش ڪري ڇڏين ٿا. انهن کي تر جيتري به پرواهه نه ٿي رهي ته انهن ڪڏهن ڇا چيو هو ۽ اڄ هو ڇا ڪري رهيا آهن.
هڪ وقت اهڙو هو، جڏهن عوام وٽ اهڙي ٽيڪنالاجي نه هوندي هئي، جنهن جي ذريعي اهي سياستدانن کي انهن جا ڪيل اڳوڻا واعدا ياد ڪرائي سگهن پر هن دور ۾ يوٽيوب تي هر شيءِ موجود آهي ۽ فقط آڱر جي اشاري سان سياستدانن جي منافقت ۽ انهن جو ڪوڙ ۽ مڪر منظرعام تي اچي وڃي ٿو پر ان صورت ۾ پاڻ کي بهتر بڻائڻ بدران اسان جي حڪمرانن اهڙي طرز عمل اختيار ڪئي آهي، جنهن جو ڪو جواب ناهي. اسان جي حڪمرانن پنهنجي ماضيءَ ۾ ڪيل واعدن تي هاڻي شرمائڻ ڇڏي ڏنو آهي. انهن کي معلوم ٿي ويو آهي ته ڪوڙ ڳالهائڻ سان انهن کي ڪنهن به ريت ڪا به سزا نه ملندي. جڏهن صورتحال اهڙي هجي ته پوءِ ڪنهن کي ڪهڙي پرواهه ٿيندي؟
ملڪ جا حڪمران بي پرواهه بادشاهه بڻجي ويا آهن. انهن کي ٻن ٽن ڳالهين جي پوري پڪ ٿي وئي آهي. هڪ ته انهن کي يقين ٿي ويو آهي ته ماڻهو انهن جي خلاف ائين نه نڪرندا، جيئن ڪڏهن عرب اسپرنگ دوران عرب ملڪن ۾ نڪتا هئا ۽ ٻيو ته انهن کي اهو به اطمينان آهي ته انهن کي عوام جي ردعمل جو ڪو نقصان نه ٿيندو ۽ ٽيون ته هو ڪيتري به مهانگائي ڪن پر ان جو انهن جي پنهنجي ذات ۽ پنهنجي خاندان ته ڇا پر پنهنجي ڪلاس يعني طبقي جي مٿان به ڪو اثر نه پوندو. جڏهن ايتري گهڻي پڪ ٿي وڃي ته پوءِ عوام جي مٿان رحم ڪرڻ لاءِ ڪهڙي راهه بچي ٿي؟
ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي شدت ايتري ته پيدا ٿي وئي آهي جو هاڻي ان جو تئه ان مهل به محسوس ٿي رهيو آهي، جڏهن اڃان بجيٽ پيش ئي نه ٿي آهي. بجيٽ کان اڳ ۾ ئي عوام جو کي خوف ورائي ويو آهي ته انهن سان نه معلوم ڪهڙو حشر ٿيندو. هڪ وقت اهڙو به هو، جڏهن ماڻهن کي محسوس ٿيندو هو ته بجيٽ ۾ ڪا شيءِ ماڻهن جي حق ۾ به ٿي سگهي ٿي. ڪنهن وقت اهو ڪجهه ٿيندو هو ته جيڪڏهن ڪجهه اسم مهانگا ڪيا ويندا هئا ته ڪجهه اسمن ۾ عوام کي رليف ملندو هو. اهڙي ريت ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي سلسلي ۾ هڪ طرح جو توازن هوندو هو پر هاڻي ڪنهن به شيءِ جي باري ۾ ڪا به اميدا رکي نه ٿي سگهجي. هاڻي ماڻهو اهو تصور به نه ٿو ڪري سگهي ته جيڪڏهن هڪ شيءِ جي قيمت وڌائي ويندي ته ان کي متوازن ڪرڻ لاءِ ٻي شيءِ جي قيمت گهٽائي ويندي. هاڻي قيمت گهٽائڻ جو ته ڪو تصور ئي ناهي. هونءَ به اسان جي ملڪ جي حوالي سان اها ڳالهه ايتري مشهور آهي جو عوام جو هيٺيون طبقو به سمجهي ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن شيءِ جي قيمت وڌي آهي ته ان شيءِ جي قيمت ڪنهن به طور تي ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه ٿيندي.
پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي، جنهن ۾ قيمتون فقط ۽ فقط وڌنديون آهي. اسان قيمت گهٽجڻ جو تصور ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڇو ته جنهن شيءِ جي باري ۾ پوري پڪ هجي ته اها ڪنهن به ريت عمل ۾ نه ايندي ته اهڙي شيءِ جي آخر اميد ئي ڇو رکي وڃي؟ اميد ته ان جي رکبي آهي، جنهن جي باري ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه نه ڪجهه احساس هجي ته معاملو ڪڏهن عام ماڻهوءَ جي حق ۾ تبديل به ٿي سگهي ٿو. جهڙي ريت ڪجهه ڳالهيون ماڻهن جي علم ۽ تجربي جي روشنيءَ ۾ ناممڪن هونديون آهن. انهن ڳالهين جي باري ۾ بهتريءَ جي اميد رکڻ عوام ڇڏي ڏني آهي، تهڙي طرح سک ۽ سهانگائيءَ جي اميد به ڪنهن سطح تي عمل ۾ اچڻ جوڳي نه رهي آهي. هاڻي ماڻهو فقط ۽ فقط پنهنجي مٿان بار جون خبرون ٻڌڻ جا عادي بڻجي ويا آهن. ماڻهن جي مايوسيءَ جي ڪيفيت جو اندازو ان مان لڳائڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڪنهن ريت عوام کي اهو ٻڌايو وڃي ته عوام کي فلاڻي شيءِ جي باري ۾ تمام گهڻو رليف مليو آهي ته ماڻهو ان ڳالهه تي اعتبار نه ڪندا. ان جو مطلب اهو ٿيو ته ماڻهن کي پڪ ٿي وئي آهي ته انهن جي حال تي ڪنهن به قسم جو رحم نه ٿيندو. جڏهن ماڻهن ۾ ايتري مايوسي هجي ته پوءِ ڇا ان ملڪ جي ترقيءَ جي ڪا اميد رکي سگهجي ٿي؟ اميد ته ان جي رکبي آهي، جنهن جي باري ۾ حالتون تبديل ٿيڻ جو ڪو امڪان موجود هجي. جڏهن اها پڪ هجي ته حال تبديل نه ٿيندو پر پوءِ ماڻهن وٽ مايوس ٿيڻ کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو رهي؟ ڇا ڪڏهن به ڪا مايوس قوم ترقي ڪري سگهي ٿي؟
اسان تاريخ جا عالم ڀلي نه هجون. ان لاءِ تاريخ جي علم ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي به ضرورت ناهي. اها ته سادي سچائي آهي. ڪڏهن به ڪا مايوس قوم ڪنهن به ريت ترقي ڪري نه ٿي سگهي. ترقيءَ جي لاءِ هڪ پريقين ۽ حوصلي واري قوم جو هجڻ ضروري هوندو آهي. ترقيءَ جو سفر تمام گهڻو مشڪل هوندو آهي، ان لاءِ اها پڪ هجڻ لازمي آهي ته ماڻهن کي مسافريءَ کان پوءِ منزل ملندي. جن مسافرن کي منزل ملڻ جو ڪو يقين نه هجي، اهي مسافر آخر ڪهڙي اميد تي سفر ڪندا؟ جڏهن قوم ايتري شديد مايوسيءَ جو شڪار هجي ته پوءِ اميدن جو حال اهڙو ٿي ويندو آهي، جهڙو اسان جي ملڪ ۾ ٿي ويو آهي. اسان جي ملڪ جو عوام شديد ترين مايوسيءَ جو شڪار آهي، ايتري مايوسيءَ جو ان مان نڪرڻ جي اميد به نه بچي آهي. اهوئي سبب آهي ته هن مهل جيتوڻيڪ بجيٽ پيش نه ٿي آهي پر پوءِ عوام ۾ اميد بدران تمام گهڻي دهشت آهي. هڪ خوف آهي. عوام کي پڪ آهي ته انهن جي جسم جو آخري رت ڦڙو به نپوڙڻ جون تياريون ٿي ويون آهن. ان ڪيفيت ۾ عوام ان بيوس قيديءَ جهڙو بڻجي ويو آهي، جنهن ۾ پنهنجي آزاديءَ جي ڪا به اميد باقي نه بچي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button