ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ افغان پناهگيرن جي لوڌ

Editorial

افغانستان ۾ جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ جڏهن کان پناهگيرن جي لوڌ پاڪستان اچڻ شروع ڪيو آهي، سا اڃا تائين جاري آهي. خاص طور تي افغان پناهگير ڪراچيءَ ۾ گهڻو آباد ٿي رهيو آهي. هن وقت به ڪراچيءَ ۾ 300000 افغان پناهگير آباد آهن، جن کي مستقل طور آباد ڪرڻ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جا مطالبا به ٿيندا رهيا آهن. ان کان سواءِ انهن جون پنهنجون ڪالونيون به آهن. اهي پاڪستان جي شهرين جهڙيون سڀ سهولتون رکن ٿا، پر جڏهن انهن خلاف سنڌ واسي آواز اٿارين ٿا يا اهي سنڌ جي مٿان بار آهن ۽ سنڌ جي وسيلن کي تين وال ڪري رهيا آهن ته سنڌ جي آواز کي ٻڌو ئي نٿو وڃي ۽ دنيا جي هر پناهگير جو منهن سنڌ ڏانهن آهي. بنگالين، برمين ۽ بهارين کان وٺي دنيا جا جهان جا سڀ پناهگير سنڌ ۾ آباد ڪيا پيا وڃن. پر ڪابه حڪومت ان خلاف ڪي به اپاءَ وٺڻ لاءِ تيار ناهي. تازو افغان پناهگيرن جي حوالي سان بلاول ڀٽو زرداري ڳالهايو آهي.

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته افغانستان مان وڌيڪ پناهگير اچڻ جو خطرو آهي، افغان حڪومت کي عالمي برادريءَ جي اميدن تي پورو لهڻو پوندو. ڀارت گستاخاڻي بيانن تي معافي گهري. اسلام آباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت گستاخاڻي بيانن تي معافي نه گهري ته حقيقت وڌيڪ کلي ويندي ته ڀارت سيڪيولر يا جمهوري نه پر هندو بالادستي جو ملڪ آهي. هن چيو ته افغانستان مان انهن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جن جي زندگين کي خطرو آهي. افغانستان ۾ 97 سيڪڙو ماڻهو غربت جي ليڪي کان هيٺ وڃي رهيا آهن. ڏکڻ ايشيا ۾ مستحڪم امن والاريل ڪشمير جي تڪرار جي حل سان مشروط آهي. اڱاري تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي دعوت تي جرمنيءَ جي پرڏيهي وزير انالينا بيربوڪ پاڪستان پهتي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو پنهنجي آفيس پهچڻ تي جرمنيءَ جي پرڏيهي وزير کي ڀليڪار چيو، بلاول ڀٽو ۽ جرمني جي پرڏيهي وزير وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان تفصيلي ملاقات ڪئي. بلاول ڀٽو ۽ جرمنيءَ جي پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ حنا رباني کر به ملاقات ۾ موجود هئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته روس يوڪرين معاملي تي سندس چوڻ هو ته يوڪرين تي پاڪستان جي موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي. اسان روس يوڪرين مسئلو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڏيندا رهنداسين. سڀني تڪرارن کي نيٺ ڳالهين ذريعي ئي حل ٿيڻو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته منهنجي ترجيح پاڪستان جي معاشي سفارتڪاريءَ کي هٿي ۽ دنيا سان سٺا رابطا رکڻ آهي. ان موقعي تي جرمنيءَ جي پرڏيهي وزير چيو ته افغان طالبان جو گس غلط آهي، معاشي سهڪار حقن جي فراهمي سان مشروط هوندو. طالبان ملڪ کي زوال جي ڪناري تي وٺي وڃي رهيا آهن. جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته صورتحال معمول تي نه ايندي. ڪشمير مسئلي جو حل ڳالهين ذريعي ٿيڻ گهرجي، ڪشمير مسئلي تي گڏيل قومن جي ٺهرائن جي حمايت ڪيون ٿا. جرمن پرڏيهي وزير انالنابربوڪ چيو ته جڏهن اسان سرحد جي هن ڀر ڏسون ٿا ته صورتحال سنگين نظر اچي ٿي. طالبان ملڪ کي پوئتي وٺي وڃي رهيا آهن. والدين نٿا ڄاڻن ته پنهنجن ٻارڙن کي کاڌو ڪيئن کارائين، ڇوڪريون تعليم جي حقن کان محروم آهن. عورتن کي سماج جي سمورن پاسن کان پري ڪيو ويو آهي. اختلافي آوازن کي دٻايو پيو وڃي ۽ معيشت تباهه ٿي رهي آهي. پاڪستان اسان جو سڀ کان ويجهو ۽ اعتماد جوڳو ساٿي رهيو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ اڳ ئي ڪيترن مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، ان کان سواءِ گذريل ڪيترن سالن کان افغان پناهگيرن کي پالي رهي آهي، پر اهو سلسلو گهڻي وقت تائين نٿو هلي سگهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جا پنهنجا وسيلا ايترا آهن، جو اهي ان جي اصلوڪي آباديءَ کي به مس پورا ٿا اچن. جيڪڏهن اڃا به جنگي حالتن جي ڪري افغانستان مان لڏپلاڻ جو سلسلو جاري رهيو ته اها سموري لڏپلاڻ ڪراچي تائين ٿيندي رهندي ۽ اهو انگ وڌندو رهندو. تنهنڪري هي بنهه گهڻو سنجيده مسئلو آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ ضروري آهي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪنهن به پرڏيهي کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي نه ڏنو وڇي ۽ ان کان سواءِ جيترو جلدي ٿي سگهي، انهن کي پنهجن ملڪن ڏانهن اماڻيو وڃي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان اڳ ئي گهڻ آبادي رکندڙ ملڪ آهي ۽ جيڪڏهن پرڏيهي به هتان جا مستقل رهواسي ٿي ويندا ته پوءِ سنڌ جي سڄي ڊيموگرافي ئي تبديل ٿي ويندي ۽ سنڌ جي وسيلن تي ڌارين ماڻهن جو قبضو ٿي ويندو. تنهنڪري هاڻوڪي حڪومت کي ان معاملي تي سنجيدگيءَ سان اپاءَ وٺڻ گهرجن. ٻي صورت ۾ سنڌ هڪ ننڍڙي افغانستان جو ڏيک پئي ڏيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button