ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جا داستان

Editorial-Article-Rashid Laghari

حيدرآباد ۾ جتي مهانگائي ۽ غربت ۾ پيڙهيل عوام ملي ٿو، اتي وري هڪ پئسي جي ريل پيل به نظر اچي ٿي. اهو پئسو ڪاري ناڻي ۽ اڇي ناڻي جي ٻنهي صورتن مان منظر عام تي ايندو رهي ٿو. ساڳئي وقت احتساب جي نالي تي ٺاهيل ادارا به وڏين مڇين کان سندن دولت جي رواني جي پڇا ڳاڇا ڪندي نظر ايندا آهن. ڪورٽ ۾ رپورٽنگ دوران ڏٺو آهي ته ڪرپشن ڪيسن جي ڪو به انت نه هوندو آهي. حيدرآباد جي نيب عدالت اربين روپين جي ڪرپشن جي ڪيسن جون ٻڌڻيون مسلسل ڪندي پئي اچي.
هن نيب جي عدالت ۾ مهانگائيءَ ۾ ورتل غريب ماڻهو نه پر ڪامورا ۽ وزير ئي پهتل هوندا آهن. جيڪي وري ضمانتن جي آزاد ٿي زندگيءَ جي مزا ماڻي رهيا هوندا آهن. نيب عدالت ۾ صوبائي وزير ڄام خان شورو، سندس ڀا ڪاشف شوري سميت 18 ڪامورن ۽ روينيو جي ملازمن خلاف آبپاشي کاتي جي زمين تي قبضو ڪري ملڪيتون ٺاهڻ جو ڪيس داخل ٿيل آهي. هنن تي الزام آهي ته هنن زمين تي قبضو ڪري سي اين جي پمپ ۽ ٻيون اسڪيون ٺاهيون آهن. هن ريفرنس ۾ ڄام خان شورو ۽ سندس ساٿي ڪيترائي ڀيرا پيش ٿيندا رهيا آهن. سندن عبوري ضمانت ۾ واڌ ٿيندي رهندي آهي. هن ڪرپشن ڪيس جو اڃا فيصلو نه آيو آهي.
ساڳئي وقت حيدرآباد جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ اڳوڻي ڊي جي زراعت آغا ظفر الله دراني خلاف 4 سئو 47 ٽريڪٽرن جي ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اهي ٽريڪٽر 2012ع ۾ خريد ڪيا ويا هئا. هن ڪيس ۾ آغا ظفر الله پڻ ها ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي ورتي آهي. اهڙي ريت نيب ۽ اينٽي ڪرپشن جي ڪورٽن ۾ ڪرپشن جي ڪيسن جا سئوين ڪيس هلي رهيا آهن. نيب عدالت حيدرآباد ۾ گورک هل اٿارٽيءَ جي فنڊن ۾ ڪرپشن ڪرڻ جو ڪيس به داخل ٿيل آهي، اهو ڪيس دادو جي ايم اين اي رفيق جمالي خلاف داخل ٿيل آهي. هن ڪرپشن ڪيس جون پڻ شنوائي مٿان شنوائي ٿيندي رهي ٿي. ان جو فيصلو به اڃا تائين سامهون نه آيو آهي. هن گورگ هل جي ماڳ تي سياحن کي مفت ۾ گهمائڻ ۽ سهولتون ڏيڻ لا ها ڪورٽ جو پڻ فيصلو آيل آهي. جنهن تي پڻ اڃا عمل نه ٿي رهيو آهي. حيدرآباد ۾ اهڙن ماڻهن جي ڪرپشن جا داستان ۽ ڪيس نوان ناهن. اهي عوام جي پئسن جي لٽ مار ڪري رات پيٽ ۾ دولت مند بڻجي وڃن ٿا. هن ڪرپشن جي ڪيسن جو ڪو به انت ناهي. ڪنهن به اداري ۾ جيستائين ڪرپشن جا ڪيس داخل ٿين. ان کان صحافي به پنهنجي کوجنا سان سندن ڪرپشن کي وائکو ڪري سگهي ٿو. ڪير جيڪڏهن سندن ڪرپشن سامهون نٿو آڻي ته ان جا پٺيان به مالي مفادن جا سبب سامهون ايندا رهندا آهن.
تازو نيب ڪراچيءَ ۾ حيدرآباد ناڻي کاتي جي آفيس ۾ بيواهن جي پينشن ۽ ري فنڊ بلن جي مد ۾ 3 ارب 20 ڪروڙ روپين جي ڪرپشن جو ڪيس 84 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ناڻي کاتي جي آفيس جا اڳواڻا ايڊيشنل اڪائونٽ آفيسر، بينڪ ملازم، ڪرپشن ڪندڙ ڪامورن جا مائٽ، زالون ۽ ٻيون عورتون شامل آهن. نيب عدالت ۾ جيڪو رينفرنس داخل ڪيو ويو آهي. ان ۾ نامزد ڪامورن ۽ ماڻهن جو فيصلو به اچڻو آهي. نيب اختيارين طرفان 84 ڄڻن خلاف ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي. ريفرنس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بيواهن جي پينشن، ري فنڊ بلز جا جعلي ووچر ٺاهي 3 ارب 20 ڪروڙ جي ڪرپش ڪئي وئي آهي. جنهن سان گڏ مختلف بينڪن ۽ ٻين کاتن جا ملازم، ڪيشيئر پڻ ملوث آهن. جنهن ۾ 18 عورتن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. نيب اڳ ۾ گرفتار ڪيل اڳوڻي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر مشتاق شيخ جي نشاندهيءَ تي ڪرپشن جي پيرا کڻي ريفرنس داخل ڪيو آهي. مشتاق شيخ کي نيب هالا مان گرفتار ڪري سندس قبضي مان اربين روپين جي ملڪيت کي قبضو ۾ ڪيو هو. اڳ ۾ هن جي نشاندهيءَ تي لطيف آباد ۾ ناڻي کاتي آفيس جو ملازم يوسف ۽ سندس پٽن کي پڻ نيب گرفتار ڪري ڪروڙين روپين جي ملڪيت ضبط ڪئي هئي. مشتاق شيخ جي جاچ ۾ نيب ميرپورخاص مان بچو مل کي به سوگهو ڪيو هو. جنهن جي اڪائونٽ مان ڪروڙين روپيا نيب کي مليا هئا. حيدرآبا ۽ ڪراچيءَ ۾ بچو مل جا فليٽ ۽ پلاٽ قبضي ۾ ڪري نيب طرفان جاچ شروع ڪئي وئي هئي. هاڻي نيب جي جاچ ۾ اڳوڻو ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر مشتاق شيخ، اڳوڻو ايڊيشنل اڪائونٽ آفيسر محمد نظير ڀٽو، اڳوڻو ايڊيشنل اڪائونٽ آفيسر الهه بچايو جتوئي، اڳوڻو ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر سيف الله مگسي، عبدالستار سومرو، اشرف علي جانوري، نويد باجاري، نور احمد کهوڙو، ڊپٽي سيڪريٽري فناس عامر ضياءَ، جونيئر ڪلارڪن ناڻو کاتو عبدالخالق سولنگي، بينڪ مينئجر دادو بهادر جوڻيجو، مينئجر سراج علي مستوئي، مينئجر حفيظ رند، اظهر حسين هنڱورو، بينڪ ڪيشيئر محمد اشرف، بينڪ مينئجر وحيد سيال، قادر بخش، گل محمد، ڊائريڪٽر زراعت امداد ميمڻ، صلاح الدين راشدي، جونيئر ڪلارڪ صحت کاتو، اعجاز علي ڏاوچ شامل آهن. جن مان گهڻا جيل ۾ پيل آهن. جڏهن ته عورتن ۾ دادو ۽ خيرپور ناٿن شاهه واسڻ شامل آهن.
ڄاڻايل ماڻهن خلاف 18 جون 2021ع تي جاچ شروع ڪري نيب آرڊيننس تحت کين شامل ڪيو ويو. نيب ريفرنس ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته ڄاڻايل ماڻهن پئسن جي مني لانڊرنگ به ڪئي. وڏيون مهانگيون گاڏيون ۽ جائيدادون پڻ خريد ڪيون. ان سان گڏ بي نامي اثاثا پڻ ٺاهيا آهن. نيب جي ريفرنس مطابق مشتاق شيخ جي گهر مان ساڍا 5 هزار پينشن بلن مان ساڍا 17 سئو بل جاچ ۾ شامل ڪيا. جاچ ۾ ثابت ٿيو ته اهي سمورا بل جعلي هئا. 137 اڪائونٽ ۾ پئسا موڪليا ويا. هنن گڏجي جعلي بل تيار ڪيا. اعجاز ڏاوچ جي مائٽن 9 لگزري گاڏيون خريد ڪيون، 44 ملڪيتون خريد ڪيون، 411 بينڪ اڪائونٽ ۽ مال جي واڙن جا تفصيل پڻ شامل آهن. جوابدارن جعلي اڪائونٽ ٺاهي بينڪن ۾ پئسا جمع ڪندا رهيا. اهڙي ريت سڄي ڪرپشن ۾ بينڪ جو عملو پڻ ملوث رهيو.
زرعي انجينئرنگ جي عملدارن ٺيڪيدارن ۽ مختلف جعلي ڪمپنينن جي نالي تي اڳوڻن ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر سيف الله مگسي، الهه بچايو جتوئي ۽ مشتاق شيخ جي معرفت 17 ڪروڙ 73 لک 9 هزار 734 جي ڪرپشن ڪئي، ٻين بلن جي مد ۾ 24 ڪروڙ 60 لک روپيا ڪڍي ڪرپشن ڪئي. هن ڪرپشن ۾ اڳوڻو ڊائريڪٽر زراعت امداد ميمڻ ۽ رمضان پڻ شامل رهيا. پئسا زراعت کاتي جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪري سوا ارب روپيا ڪڍيا ويا. نيب جي ريفرنس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 84 جوابدارن مان 5 فوت ٿي چڪا آهن. نامزد ماڻهن خلاف نيب ۾ 3 ارب 20 ڪروڙ جي ڪرپشن جي ڪيس هلڻو آهي. هن ناڻي کاتي جي آفيس ۾ بيواهن ۽ بيماريءَ ۾ ورتل رٽائرڊ ملازمن جو ڪير به درد ٻڌڻ وارو نه هوندو آهي. هن آفيس ۾ پينشن جاري ڪرڻ لا رشوت وٺندڙ ايجنٽ ايترا آهن، ائين لڳندو آهي، ڄڻ اوهان جي لاهور جي اسٽيشنن تان لهي ڪنهن هوٽل جي تلاش ۾ نڪتا هو. جتي ڪميشن عيوض هوٽلن جا ايجنٽ پيا ماڻهو کي پاڻ وٽ سڏيندا آهن.
ناڻي کاتي جي آفيس ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جا اڃا راز فاش ٿيڻا آهن. هن آفيسن جي عملدارن کي پيرسن ماڻهن کي پينشن نه ڏيڻ تي عدالت ۾ لکين روپين جي چيڪن سميت پيش ٿيندي مون ڏٺو آهي. تازو هڪ عورت کي ته 2013ع کان رولڙي ۾ پيل پينشن جا 2 چيڪ ها ڪورٽ حيدرآباد ۾ ڏنا ويا هئا. ان ڪري نيب ۽ اينٽي ڪرپشن ادارو چاهي ته ناڻو کاتو، رجسٽرار آفيس قاسم آباد، مختيارڪار آفيس قاسم آباد مان به ڪرپشن جي خاتمو آڻي سگهي ٿو. جنهن جو هتان جي ماڻهن کي انتظار ۽ اوسيئڙو به آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button