ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سليڪٽيڊ کان امپورٽيڊ تائين

Editorial-Article-Asar Imam

ٿوري ٿڪي فرق سان سرمائيدار دنيا جي هر ملڪ اندر اصل طاقت عوام نه پر اتان جي اسٽيبلشمينٽ وٽ هوندي آهي. عوام کي هٿيڪو رکڻ لاءِ اها مختلف ڊراما ڪندي رهندي آهي. اهو ڏٺو ويو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جڏهن به ڪنهن مقبولِ عام اڳواڻ کي اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهڻ جو بندوبست ڪندي آهي ته ضرور ان کان ڪي عوام دشمن فيصلا ڪرائڻا هوندا آهن. ڇاڪاڻ ته اسٽيبلشمينٽ مٿان ڏمريل عوام کي ڪنهن اهڙي اڳواڻ هٿان ئي نقصان ڏياري سگهجي ٿو، ڪڙي گوري ڳِهرائي سگهجي ٿي جيڪو هر دلعزيز هجي. جنهن لاءِ عوام اهو سمجهندو هجي ته سائين وڏو في الحال ته تڪليف ڏئي ٿو پر ان وٽ اهڙي گدڙ سنگهي آهي جو ڪجهه وقت کان پوءِ اسان جو هر مرض دُور ڪري ڇڏيندو. عمران خان جي سليڪٽيڊ حڪمراني به ان جو مثال آهي پر پي ڊي ايم جي هاڻوڪي امپورٽيڊ حڪمراني به ساڳي سڪي جو ٻيو پاسو ثابت ٿي رهي آهي. ميان شهباز شريف جي وزيرِ اعظم ٿيڻ شرط چڱا ڀلا ماڻهو اهو سمجهڻ ۽ بيان ڪرڻ لڳا ته هاڻي سڀ ڪجهه بهتر ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته حڪمراني انهن کي ملي آهي جن جو حق هو. اقتدار انهن جي حوالي ڪيو ويو آهي جن جو اهو ڪم آهي ته اقتدار کي سهڻي نموني ملڪ ۽ عوام جي خدمت لاءِ استعمال ڪن. اهي پاڻ صنعتڪار ۽ واپاري آهن، ان ڪري معاشي مسئلو به جلد حل ٿي ويندو. اسٽيبلشمينٽ کي لڳاتار ڏند ڏيکاريندا رهيا آهن. ان ڪري “شريفن” جي حڪمراني بهرحال عوام دوست ۽ ڊگهي مدي واري سياسي معاشي پاليسين تي ٻڌل هوندي. جڏهن ته ٻن مهينن جي اقتدار ئي کين وائکو ڪري بيهاريو آهي ته هاڻوڪي حڪومت جو مقصد به اسٽيبلشمينٽ جي مدد ڪرڻ آهي. عوام دشمنيءَ ۾ سليڪٽيڊ ۽ امپورٽيڊ برابر آهن. موجوده حڪومت به ملڪي معيشت کي پاڻڀرو بڻائڻ بدران قرض کڻي قرض لاهڻ واري پاليسيءَ تي عمل ڪري رهي آهي. ڪيڪ جو سڀ کان وڏو حصو عالمي مالياتي سامراج، ٻئي نمبر تي سول ۽ فوجي اسٽيبلشمينٽ، ٽئين نمبر تي خود حڪمران لڏو ۽ آخر ۾ صنعتڪار ۽ واپارين لاءِ آهي. اهڙي صورتحال ۾ عوام لاءِ ته ڪجهه نه ٿو بچي نه.
پيٽرول جي قيمتن ۾ ويجهڙ ۾ جيڪو اضافو ڪيو ويو آهي ۽ جيڪو اضافو اڃان ٿيڻو آهي، ان کي ڏسي اسان سمجهي سگهون ٿا ته سليڪٽيڊ ۽ امپورٽيڊ ساڳي ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن. حڪمران اهو بيان ڪري رهيا آهن ته ان مهانگائيءَ جو ڪارڻ ڪورونا وائرس يا روس ۽ يوڪرين جنگ آهي ته پوءِ سوال اهو آهي ته انهن ٻنهي مظهرن ترقي يافته ملڪن جي معيشتن کي ايترو ڇو متاثر نه ڪيو جيترو اسان جي ملڪ کي متاثر ڪيو اٿن؟ مهانگائيءَ جتي عام ماڻهو يا مڊل ڪلاس کي نقصان ڏنو آهي، اتي اها واپاري، سرمائيدار ۽ مٿين طبقن لاءِ رحمت پڻ بڻي آهي. لک پتي ڪروڙ پتي بڻجي ويا آهن، ڪروڙ پتي ذخيره اندوزي، بليڪ مارڪيٽنگ ۽ خوردبرد جي نتيجي ۾ کرب پتي بڻجي ويا آهن. وڏن واپارين اوڌر ڏيڻ بند ڪري ڇڏي آهي. ڇاڪاڻ ته کين پتو آهي سندن مال جهڙو به هجي، وڪامي ويندو. ان جي قيمت ڏينهون ڏينهن چڙهندي رهندي ان ڪري اهي وڌ کان وڌ مال ذخيرو ڪرڻ، انتظار ڪري مهانگو وڪڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جائيداد جي خريد ۽ فروخت سان لاڳاپيل ماڻهن سڀ کان وڏو نفعو پئي ڪمايو آهي. ٽيڪس ڏيڻ جي معاملي ۾ وري اهي سڀ کان پوئتي رهندا آيا آهن. جڏهن جائيداد جون قيمتون چوٽ چڙهي وينديون آهن، تڏهن شهرن ۾ رهندڙ ماڻهو مجبور ٿي پوندا آهن ته پنهنجون شهري ملڪيتون ۽ گهر وڪرو ڪري شهرن کان ٻاهر ڪچين بستين ۾ وڃي رهن. ڇاڪاڻ ته مهانگي رڳو جائيداد نه ٿي هوندي آهي بلڪه جيئڻ پڻ مهانگو ٿي ويو هوندو آهي. ان ڪري اهي ماڻهو جيئڻ ڪارڻ جتن ڪندي پنهنجي مهانگي آبائي جائيداد وڪرو ڪري سستي رهائش وڃي اختيار ڪندا آهن ته جيئن باقي بچيل رقم زندگيءَ جي ٻين ضرورتن جي پورائي تي خرچ ڪري سگهن. اهڙي ريت گھڻا ماڻهو ته پنهنجون قيمتي موروثي ملڪيتون وڪرو ڪري وڃي ڪرائي جي گهرن ۾ رهڻ تي به مجبور ٿيندا آهن. اهو آهي نيو لبرل معاشي پاليسين جو اثر جنهن مطابق سوشل ويلفيئر فنڊ ختم ڪرڻا آهن جهڙوڪ: سرڪار پاران ڪابه سبسڊي نه ڏني ويندي، رهائش جي سرڪاري اسڪيم نه هوندي، تعليم ۽ صحت توڙي تفريح جي سهولت مفت يا سستي نه ملندي. ان ڪري هوريان هوريان هر قسم جي سهولت حاصل ڪرڻ لاءِ اوهان نجي سرمائي ۽ سرمائيدار جا محتاج بڻجندا ويندا. رياستي عمل دخل گھٽبو ويندو ۽ توهان کي زندگيءَ جي هر معاملي ۾ سرمائيدارن تي ڀاڙڻو پوندو. ان نيو لبرل معيشت جو ئي اثر آهي جو پاڪستان ۾ کاڄرو تيل 200 في ڪلوگرام مهانگو ٿيو. برطانيا ۾ گهرن جون قيمتون ۽ ڪرايا مهانگا ٿي ويا، آمريڪا ۾ قرض کڻي پڙهندڙ شاگردن جو تعداد آسمان کي وڃي پهتو آهي.
جيتوڻيڪ اسان جو موضوع تيل جي ڳولا جي تحقيق ڪرڻ ڪونهي پر پنهنجي پڙهندڙ کي ايترو ضرور ٻڌائيندا هلون ته دنيا اندر تيل جي تلاش ۾ ڪاميابيءَ جو جيڪو تناسب آهي سو 10 منجهان 01 آهي يعني جيڪڏهن تيل جي ڳولا لاءِ 10 کوهه کوٽيا ويندا ته انهن منجهان رڳو هڪڙي کوهه منجهان ئي تيل نڪرندو آهي. جڏهن ته پاڪستان ۾ اهو تناسب 4 منجهان 1 آهي. يعني اسان وٽ چار کوهه کوٽڻ سان انهن منجهان هڪڙي منجهان تيل ضرور نڪرندو آهي. 2022ع ۾ پاڪستان اندر تيل جي پيداوار 77 هزار بيرل ڏهاڙي هئي. اسين 28 ڏهائي 1 ملين بيرل ڪچو تيل پيدا ڪري رهيا هئاسين ۽ ساليانو 6 ڏهائي 7 ملين بيرل ڪچو تيل درآمد پيا ڪريون. پنهنجو پرائو تيل صاف ڪرڻ کان پوءِ اسان وٽ ساليانو تقريبن 9 ڏهائي 7 ملين ٽن صاف تيل موجود هوندو آهي. ان جي مقابلي ۾ پاڪستان کي 17 ملين ٽن ساليانو تيل گهربل هوندو آهي. ان ڪري اسان کي ٻاهران ئي صاف تيل به خريد ڪرڻو پوي ٿو، جيڪو لڳ ڀڳ ساڍا ست ملين ٽن هوندو آهي. ڪچو ۽ صاف تيل گڏائي لڳ ڀڳ 11 ملين ٽن تيل درآمد ڪندا آهيون جيڪو 4 ڏهائي 7 ارب ڊالرن کان وڌيڪ رقم جو هوندو آهي. هاڻي جيئن ئي پاڪستاني روپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قيمت چڙهندي، توهان کي ساڳيو تيل مهانگو ٿي ملندو ڇاڪاڻ ته هڪڙي دور ۾ توهان کي هڪڙي ڊالر جي ادائيگيءَ لاءِ پنهنجا 60 روپيا ڏيڻا پوندا هئا پر ٻئي دور ۾ 200 روپيا ڏيڻ سان به ڪم نه ٿو ٿئي. جيتري قدر عالمي منڊيءَ ۾ تيل جي قيمتن چڙهڻ يا مهانگائي وڌڻ جو سوال آهي ته ان سلسلي ۾ حڪمران جيڪو ڪجهه بيان ڪري رهيا آهن سو بلڪل غلط به ڪونهي. مثال طور اها حقيقت آهي ته 2020 کان 2022ع تائين عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون 67 سيڪڙو تائين وڌيون آهن. انگ اکر ٻڌائين ٿا ته 2020ع ۾ دنيا اندر تيل جي في بيرل قيمت 22 کان 66 ڊالرن تائين رهي. جڏهن ته 2022ع ۾ اها 78 کان 110 ڊالرن تائين پهتي آهي. پر ان مهانگائيءَ باوجود دنيا جي معيشتن ائين گوڏا نه کوڙيا آهن جيئن اسان جي معيشت سان حشر ٿيو آهي. اهڙو حشر هوندي به دفاعي بجيٽ ۾ اضافو ۽ اقتداري ايوانن جون شاه خرچيون رڳو اسان جي ملڪ ۾ ئي پسي سگهجن ٿيون. جنهن آءِ ايم ايف کان اسان قرض گھرڻ ويندا آهيون، اسان جي ملڪ جا نمائندا آءِ ايم ايف جي نمائندن کان وڌيڪ ٺاٺ باٺ سان رهندا، کائيندا، پيئندا ۽ اٿندا ويهندا آهن. ايتري سُڃائي هوندي به اسان جي ملڪ ۾ مفت پيٽرول ۽ مفت بجلي ڏيڻ جو رواج موجود آهي. اهو اسان جو ئي ملڪ آهي جنهن ۾ عوام جي ٽيڪس منجهان گڏ ٿيل پيسن منجهان اميرن کي حج تي وڃڻ وقت سبسڊي ملندي آهي. جيڪا هڪڙي پاسي شرعي لحاظ کان به غلط آهي ته ٻئي پاسي اخلاقي حوالي کان به غلط. ڇاڪاڻ ته هڪڙي ماڻهوءَ کان ٽيڪس اوڳاڙي ان پيسي منجهان ڪنهن ٻئي کي حج ڪرائڻ ڪٿان جي شرافت آهي.
اهو ڏٺو ويو آهي ته اسان جي ملڪ جي حڪمرانن جي ملڪيت ۽ مراعتن ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو، جڏهن ته عوام جي ملڪيت ۽ مراعتن ۾ لڳاتار ڪٽوتي ۽ گھٽتائي پئي ٿيندي وڃي. ان منجهان ثابت ٿئي ٿو ته حڪمران عقل ۽ شرافت بدران ان اڻتڻ سان حڪمراني ڪن ٿا ته ڪهڙي نموني پنهنجين ملڪيتن ۽ مراعتن ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ڪرڻو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ئي شوڪت ترين جهڙا حڪمران ٽي ويءَ تي اچي بيان ڏيندا آهن ته انهن وٽ ته ڪو معاشي پلان ئي ڪونه هو. يعني صاف ظاهر آهي ته انهن وٽ پلان رڳو اهو هو ته کين پنهنجي ملڪيتن ۽ مراعتن ۾ ڪيئن گھڻي کان گھڻو اضافو ڪرڻو آهي. عوام، ملڪ ۽ سٺي حڪمراني سندن مٿي جو سور ڪڏهن نه رهيا آهن. اها رڳو هڪڙي پارٽي نه پر هر پارٽيءَ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. جيڪا پارٽي اقتدار کان ٻاهر هوندي آهي جهڙي نموني نواز ليگ هئي ته ان وٽ هر مسئلي جو حل هوندو آهي. هر تالي جي چاٻي ان جي کيسي ۾ هوندي آهي پر جڏهن اقتدار ملي ويندو آهي ته اها چاٻي وڃائجي ويندي اٿن. جهڙي نموني هاڻي ٿيو آهي. عمران خان جي حڪمرانيءَ وارا ساڳيا مسئلا هن حڪومت ۾ به موجود آهن ته ساڳيا دلاسا پڻ موجود آهن. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته سليڪٽيڊ توڙي امپورٽيڊ عوام دشمنيءَ ۾ هڪجهڙيون ئي آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button