ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بجيٽ ۾ عوام لاءِ ڪهڙُو رليف آهي؟

Editorial

جڏهن به ملڪ ۾ بجيٽ پيش ٿيڻ واري هوندي آهي ته عوام ان آسري هوندو آهي ته کيس ان بجيٽ ۾ ڪو رليف ڏنو ويندو. پر هن وقت تائين جيڪي به بجيٽون پيش ڪيون ويون آهن، انهن ۾ عوام کيِ رليف بنهه گهٽ ڏنو ويندو آهي، جنهن جي ڪري عوام تي گهڻو مالي بار پوندو آهي. هن وقت جڏهن ملڪ معاشي بحران جي ور چڙهيل آهي ۽ مهانگائي چوٽ ڄڙهيل آهي، تڏهن به عوام تي مٿان بار وجهڻ لاءِ تياريون ٿينديون رهنديون آهن. ڪنهن به ملڪ جا ٽي شعبا بنهه گهڻا اهم هوندا آهن، هڪ تعليم، ٻيو صحت ۽ ٽيون ترقياتي رٿائون. جيڪڏهن انهن ٽنهي شعبن جي بجيٽ بهتر ناهي ۽ انهن تي ڌيان نٿو ڏنو وڃي ته پوءِ اهو ملڪ ڪنهن به ريت ترقي نٿو ڪري سگهي. عمران خان حڪومت ۽ هاڻوڪي نواز ليگ جي حڪومت پڻ ترقياتي رٿائن جي بجيٽ گهٽائي ڇڏي آهي. ان کان سواءِ تعليم جي مد ۾ ملندڙ پئسو به گهٽائي ڇڏيو آهي، ڪالهه جيڪي اقتصادي سروي جا انگ اکر پيش ڪيا ويا آهن، اهي مطمئن ڪندڙ نه آهن. جن موجب ڪيترائي حدف حاصل نه ٿي سگهيا آهن.
اقتصادي سروي 22-2021 جي اهم تفصيل سامهون آيا آهن، جن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته جي ڊي پي، زراعت، ڀلائي ۽ صنعتي شعبي جا حدف حاصل ٿي چڪا آهن. اقتصادي سروي موجب مهانگائي، ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ واپاري خسارو، درآمدات جا طئه ٿيل حدف حاصل نه ٿي سگهيا آهن، بچت، سيڙپڪاري سميت ڪڻڪ ۽ ڪپهه جا پيدواري حدف به حاصل ناهن ٿيا
سروي رپورٽ موجب مالي سال 22-2021 ۾ مجموعي طور ملڪي پيدوار(جي ڊي پي) جي شرح 6 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن جو حدف 4 ڏهائي 8 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو هو. رپورٽ موجب مهانگائيءَ جي شرح مقرر 8 سيڪڙو بدران 13 ڏهائي 3 سيڪڙو تائين پهچي وئي، مجموعي سيڙپڪاري 16 ڏهائي 1 سيڪڙو حدف جي مقابلي ۾ 15 ڏهائي 1 سيڪڙو رهي.ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته ملڪ ڏيوالي جي خطري مان نڪري معاشي استحڪام ڏانهن وڌي رهيو آهي، حڪومت کي معاشي استحڪام آڻڻ لاءِ انتهائي ڏُکيا فيصلا ڪرڻا پيا. هن چيو ته عمران خان بارودي سرنگون اسان جي حڪومت لاءِ نه، پر رياست لاءِ وڇائي ويو، حڪومت نه، ملڪ مهانگائي، معاشي ۽ بجليءَ جي بحرانن کي منهن ڏئي رهيو آهي. مفتاح اسماعيل چيو ته ٿوري به گروٿ ٿيندي آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ ڦاسي پوندا آهيون، نئين بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جون پگهارون وڌايون وينديون. هن وقت پاڪستان مڪمل طور آءِ ايم ايف جي ڏسيل معاشي پاليسين تي هلي رهيو آهي، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ جيڪي به معاشي معاملا آهن، اهي ڪنهن به حڪومت جي هٿ وس ڪونه آهن، بلڪه انهن کي سڌي ريت آءِ ايم ايف هلائي رهيو آهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪ ۾ پيش ٿيندڙ بجيٽ ۾ عوام لاءِ رليف ڇو ناهي. جڏهن ملڪ جو سٺو روز برآمد بدران درآمد تي هجي ته پوءِ اتي سدائين بجيٽ خساري پيش ٿيندي آهي، جنهن جي ڪري عوام جي مٿان بار وجهي اهو حڪومت بهاني بازي ڪندي آهي. اهڙي قسم جون اٽڪلون ڪنهن به ريت ملڪي معيشت کي بهتر نٿون ڪري سگهن. ملڪ ۾ هن وقت نئين سيڙپڪاري ڪونهي، عمران خان جي حڪومت ملڪ کي قرضن جي اهڙي ڄار ۾ ڦاسايو آهي جو ان مان نڪرڻ لاءِ ملڪ هٿوراڙيون هڻي رهيو آهي پر جڏهن ملڪ پاڻ ئي معاشي طور پاڻڀرو ناهي ته ان جو ان ڄار مان نڪرڻ مشڪل آهي.
اسين سمجهون ٿا ته هاڻوڪي حڪومت پاران پيش ٿيندڙ بجيٽ به عوام لاءِ ڪا بهتر بجيٽ نه هوندي. اڄ به غريب عوام هر اسم تي جنرل سيلز ٽيڪس ڀري ٿو پر جيڪي ٽيڪس وڏن وڏن واپارين ۽ سرمائيدارن کي ڏيڻ گهرجن، اهي انهن کان آجا آهن. تنهنڪري ٽيڪس جي اوڳاڙي هر سطح تي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان کان سواءِ عوام تي مالي بار وجهڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي ته جيئن ان جي زندگي ڪجهه سولي ٿي سگهي. اڄوڪي پيش ٿيندڙ بجيٽ ان ڪري به عوام لاءِ بهتر نٿي لڳي جو حڪومت عوام بدران وڏن سرمائيدارن کي سهولتون ڏيڻ چاهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button