ائين ته ڪهاڻي جي حوالي سان ڪيتريون ئي وصفون ۽ سمجهاڻيون ڏنيون ويون آهن، پر جيڪا سمجهاڻي مون کي سڀني کان وڌيڪ وڻندي آهي، اها آهي سنڌي ٻولي جي مشهور ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو جي ڏنل وصف. قادر جوڻيجو حميد ابڙي جي ڪهاڻين تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته:
“ادب جي سڀني صنفن ۾ ڪهاڻي ڏکئي ۾ ڏکي صنف آهي، اها بلڪل رسي تي هلي ڪرتب ڏيکارڻ مثل آهي. هڪ ته گهٽ لفظن ۾ وڏي ڳالهه ڪرڻ ٻيو ان ڳالهه جو خاص خيال رکڻ ته رسي تان به ناهي ڪرڻو. ڪڏهن ڪڏهن ڪهاڻيءَ ۾ هڪڙو اضافي جملو به ڪهاڻيءَ ۾ جهول پيدا ڪري ويندو آهي.”
منهنجو پنهنجو اهو خيال آهي ته ڪهاڻي ۾ وري حقيقت نگاري واري ڌاري ۾ ڪهاڻي لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، جيئن ته حقيقت نگاريءَ ۾ ليکڪ جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش اها هوندي آهي ته واقعن، منظر، ماحول ۽ ڪهاڻيءَ جي سٽا کي جيئن جو تيئن پيش ڪري، ان ڪري ڪهاڻي ڪيڏي مهل مضمون ۾ بدلجي ويندي آهي. ان جي خبر ليکڪ کي به نه پوندي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ مون هڪ مضمون لکيو، جيڪو ٽن قسطن ۾ ڇپيو، ان جو عنوان هو “حقيقت نگاري جي مخالفت ۾” ان مضمون ۾ مون اهو دليل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته افسانوي ادب رڳو حقيقت نگاري يا سماجي حقيقت نگاري تائين محدود ناهي پر افسانوي ادب جو دائرو تمام وسيح آهي ۽ هاڻي سنڌي افسانوي ليکڪن کي به حقيقت نگاري کان پاسيرو ٿي ٻين ڌارائن تي غور ڪرڻ گهرجي. حقيقت نگاريءَ ۾ جيڪي تجربا ٿيڻا هئا، اهي ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي ان ۾ ليکڪ ورجا جو شڪار ٿي رهيا آهن. پر جڏهن پير عبيد راشدي جون ڪتاب “ستاويهه ڊسمبر” ۾ ڏنل ڪهاڻين پڙهجن ٿيون ته احساس ٿئي ٿو ته حقيقت نگاري جيڪڏهن پير عبيد راشدي جهڙي جادوگر ڪهاڻيڪار جي قلم مان نڪري ٿي ته اها سوچ ۽ سمجهه جا نوان دروزا کولي وڃي ٿي ۽ اهو به اندازو ٿئي ٿو ته پير عبيد ڪهاڻيءَ جو اهو ڪاريگر آهي جيڪو اکيون بند ڪري ڪهاڻيءَ جي رسي تي هلندو پنهنجو ڪرتب ڏيکارڻ ۾ مهارت رکي ٿو.
ڪتاب “ستاويهه ڊسمبر” مرڪ پبليڪشن ڪراچي سال 2022ع ۾ ڇپرايو آهي ۽ 190 صفحن جي ڪتاب کي ٻن ڀاڱن “ڪهاڻيون” ۽ “مختصر ڪهاڻيون” ۾ ورهايو ويو آهي. هتي مان پهرين ۽ ٻين ڀاڱي جي ڪجهه ڪهاڻين تي پنهنجو تجزيو ڏيان ٿو. هن ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي “ستاويهه ڊسمبر” آهي جيڪا ٽائيٽل ڪهاڻي پڻ آهي. انساني تاريخ ۾ ڪي ڏينهن ۽ تاريخون اهڙيون به هونديون آهن، جن جي ذڪر سان هڪدم ذهن ۾ ڪو خاص واقعو يا حادثو ذهن ۾ اچي ويندو آهي ۽ 27 ڊسمبر به هاڻي اسان سنڌين لا اهڙي تاريخ بڻجي چڪي آهي، جنهن جي ذڪر سان سال 2007ع ۾ لياقت باغ ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت وارو واقعو ذهن ۾ اچيو وڃي. هي ڪهاڻي به انهي واقعي جي عڪاسي ڪري ٿي، پر هي ڪهاڻي پڙهڻ مهل ايترا ته سرپرائيز ملن ٿا جو پڙهندڙ جي دل هن ملڪ جي وحشي سياسي تاريخ تي ماتم ڪرڻ تي گهري ٿي.
هن ڪهاڻي ۾ ٽي مک ادبي لاڙا نظر اچن ٿا:
الف) ناسٽليجيه: هي هڪ اهڙو احساساتي جذبو آهي جنهن ۾ ماڻهو ماضي جي ڪنهن خاص واقعي يا حادثي جي ياد ۾ ٻڏي ويندو آهي، جڏهن ماڻهو ڪنهن خاص جا جنهن سان ماضي ۾ هن جو لاڳاپو هوندو آهي ته گذري ويل وقت کي ياد ڪرڻ لڳندو آهي ۽ آس پاس جي ماحول کان بي نياز ٿي خيالن ئي خيالن ۾ ان گذري ويل وقت ۾ هليو ويندو آهي. هي احساس گهڻو ڪري هاڪاري اثر وارا هوندا آهن، جڏهن ته ڪڏهن ڪڏهن ڪي ناڪاري اثر به ڇڏي ويندا آهن. جهڙوڪر موجوده وقت ۽ حالتن کان ماڻهو بي نياز ٿي ماضي جي يادن ۾ رهي فراريت جو آسان رستو ڳولي وٺندو آهي. انهن يادن جي ڪري ڊپريشن جو شڪار به ٿي ويندو آهي ۽ موجوده وقت ۾ ڪو لاڀائتو ڪم نه ڪري سگهندو آهي.
ب) سياسي بحران: حقيقت نگاري ۽ سماجي حقيقت نگاري واري ادب ۾ سياسي بحران کي اهم جز سمجهيو ويندو آهي، رياستي ڍانچي جو ڏاڍ جبر، طبقاتي اڻ برابري، هڪ مخصوص ٽولي جو حڪمراني حاصل ڪرڻ لا سازشون ڪرڻ وغيره، طبقاتي جدوجهد ڪرڻ وغيره. هن ڪهاڻي ۾ هن ملڪ جي سياسي بحران کي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
ت) تجسس: افسانوي ادب ۾ سڀ کان اهم ڳالهه ڪنهن به ڪهاڻي يا ناول وغيره ۾ تجسس وارو جز اهميت رکندو آهي، اهو ان ڪري به رکيو ويندو آهي ته جيئن پڙهندڙ هڪدم ڪنهن نتيجي تي نه پهچي سگهي ۽ غور ويچار ڪندو ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي تائين پهچي. هن ڪهاڻيءَ ۾ اهو جز به زبردست ۾ پڙهڻ لا ملي ٿو.
هي ڪهاڻي ضمير متڪلم ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ هڪ پيءُ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ پنهنجي پٽ سان ملڻ اچي ٿو ۽ انٽرنيشنل هاسٽل تي ان جو انتظار ڪرڻ لڳي ٿو، اتي هو پنهنجي هڪ دوست سان ملي ٿو جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي. هن ڪهاڻيءَ جون هي سٽون ته:
“دنيا جي جن ديسن ۾ سياسي ۽ معاشي حالتون ناساز هونديون آهن ته اتي جون هاسٽلون اڪثر “هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين” جي آلاپ ۾ گونجنديون آهن.” پڙهندڙ جو ڇرڪ ڪڍرائڻ لا ڪافي آهي. ڪردار انٽرنيشنل هاسٽل جي ڏاڪي تي ويهي ماضي جي يادن (ناسٽلجيه) ۾ هليو ٿو وڃي ۽ 1970-80ع جي ڏهاڪن ۾، جڏهن هو پاڻ هاسٽل تي رهندو هو، انهن ڏينهن کي ياد ڪرڻ لڳي ٿو. ائين هو علي مردان شاهه جي قتل واري واردات کي ياد ڪري ٿو ۽ سندس اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي اچن ٿيون، جڏهن ته ڪهاڻيءَ جون هي سٽون پڙهندي وري پڙهڻ واري جون اکيون به آليون ٿي وڃن ٿيون:
“ڪن حالتن ۾ فرد جو عمل قومي سڃاڻپ ٿي ويندو آهي.” يا
“گوليون هميشه وڏن جي اشاري ۽ ٻين جي ڪلهن تان هلايون وينديون آهن….. مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾!”
جڏهن ڪردار گيلريءَ ۾ ڪبوتر ڏسي ٿو ته چئي ٿو: “سٺا پکي سهڻن ۽ عظيم انسانن جو ٻيو جنم هوندا آهن، شايد اهي پکي شهيد علي مردان شاهه، احسان ميمڻ جا روپ هجن!!”
جيئن جيئن هي ڪهاڻي پڙهجي ٿي ته اهو احساس ٿيڻ لڳي ٿو ته هي ڪهاڻي سنڌ جي قومپرست سياست جي پسمنظر ۾ لکيل آهي ۽ ان ۾ ستاويهه ڊسمبر واري واقعي جو ذڪر نه ايندو. جڏهن ته ڪهاڻي ۾ مونس اياز جهڙن حقيقي ڪردارن جو ذڪر به ملي ٿو ۽ پو وري پڙهندڙ کي اوچتو هڪ جهٽڪو لڳي ٿو. جڏهن مک ڪردار کي پٽ جو فون اچي ٿو ۽ خبر پئي ٿي ته بيبي کي شهيد ڪيو ويو آهي، ملڪ آتش فشان جيان ڦاٽڻ تي آهي ۽ اهڙي نموني ڪهاڻي پنهنجي حيرت انگيز پڄاڻي ڏانهن وڌي ٿي.
ائين ئي يونيورسٽيءَ جي پسمنظر ۾ سنڌي سڌو ٻين ٻولين ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ ناول لکجن ۽ ڇپجن ٿا، جنهن کي نيو ايڊلٽ فڪشن يا ينگ ايڊلٽ فڪشن سڏجي ٿو. هن قسم جي ادب ۾ ڪنهن يونيورسٽي يا ڪاليج جو ماحول ڏيکاريو ويندو آهي ۽ اهو گهڻي ڀاڱي نوجوانن جي مستقبل جي حوالي سان، سندن عشق بابت يا شخصيت ۽ پڙهائي جي مونجهارن جي پس منظر ۾ لکيل هوندو آهي. سچ اهو ئي آهي ته سنڌي ادب ۾ ڪيمپس جي پسمنظر هن کانسوا رڳو هڪڙي ئي نرالي ڪهاڻي آهي ۽ اها آهي امر جليل جي “ساڻو ساڻو ساهه”. هي ٻئي ڪهاڻيون پنهنجي موضوع ۽ بيان ڪرڻ جي انداز ۾ نراليون آهن ۽ ائين ٿو لڳي ته هي ٻئي ڪهاڻيون سنڌي شاگردن جي رت سان لکيل آهن.
اهڙي ريت هڪ ٻي ڪهاڻي “ڪيچ مڪران کي ڪارونجهر جي ميار” به موضوع ۽ بيان جي انداز ۾ نرالي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڪجهه ڪردار فريئر هال ۾ آچر ڏينهن لڳندڙ ڪتابن جي اسٽال تي ملن ٿا. جنهن ۾ ڪتابن جي ذڪر سان گڏ ملڪ جي سياسي صورتحال جو ذڪر به پڙهڻ لا ملي ٿو. اهڙي ريت وري انٽرنيشنل هاسٽل جي ڪمري نمبر 16 جو ذڪر نڪري ٿو جٿان هڪ شاگرد کنڀجي ويو ۽ کنڀجڻ وقت ان جا ڪتاب، جن ۾ ٽالسٽاءِ، شولوخوف، گورڪي، مارڪس ۽ فيض احمد فيض جا ڪتاب شامل آهن. ائين ٻنهي ڪردارن ۾ هڪ تعلق جڙي وڃي ٿو ۽ اهي ڪچهري ڪرڻ لڳن ٿا، جنهن تي ڪتاب وڪڻندڙ يوسف ڀائي اشارن ۾ کين ياد ڏياري ٿو ته ماحول خراب آهي ٿورو خيال ڪجي.
)هلندڙ)