ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻيئي گدرا ھڪ مُٺ ۾ ڪونه ايندا آھن

Editorial-Article- Muhammad Khan Sial

اھا عام چوڻي آھي ته ٻيئي گدرا ھڪ مُٺ ۾ ڪونه ايندا آھن. ٻين لفظن ۾ اسان جو عرض آھي ته: جيڪڏھن ڪنھن سان اختلاف آھن ته ڀلي ڪريو، جنھن جو اوھان کي اخلاقي توڙي قانوني ۽ بنيادي حق حاصل آھي پر اھو ضروري آھي ته اوھان اخلاق جو دامن ڪنھن به صورت ۾ نه ڇڏيو. سڄي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اختلاف کان قانوني يا اخلاقي طور انڪار ڪونه ٿو ڪري سگهجي پر ھڪ ڳالهھ جي سمجهاڻي ڏيڻ ضروري آھي ته مخالفن کي پبلڪ ۾ گارين ڏيڻ کان ھر صورت ۾ پاسو ڪرڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته ائين نه ڪرڻ سان ماحول وڌيڪ خراب ٿي ويندو. اسان، سنڌ جي حوالي سان انھيءَ موضوع تي به تبصرو ڪنداسون. مون کي ننڍپڻ جو قصو ياد آھي ته اسان پھريان ٽي پرائمري درجا ڳوٺ سيد ابراھيم شاهه ويجهو بڇيري ريلوي اسٽيشن ۾ پڙھياسين. مون کي ننڍي ھوندي جاکوڙ داستان بلڪل ياد آھن ڄڻ ته ڪالھه واقعا ٿيا ھجن. اسان جي ڳوٺ جو ماحول ايڏو ته پيارو ھو جو سڀ ماڻھو ھڪٻئي سان عزت سان پيش ايندا ھئا. ڪنھن سان کڻي اختلاف ھوندا ھئا ته پوءِ به اخلاق سان پيش ايندا ھئا ۽ انھن کي گاريون وغيره ڪونه ڏيندا ھئا. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسان نوابشاهه جي غريب آباد محلي ۾ شفٽ ٿي وياسين پر اتي به عام طور پيارو ماحول ھوندو ھو.
ھاڻي انھيءَ صورتحال کي ڏسي، ڪمپيوٽر تي پوسٽن جو حوالو ڏيڻو پوندو. سچائي اھا آھي ته ڪمپيوٽر تي پوسٽون (فيس بوڪ، ٽوئيٽر وغيره) جو داستان، گهڻو وقت گذرڻ سان ھاڻي اڳ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو آهي. عام طور، ھر ھڪ ماڻھوءَ جا ھڪ کان وڌيڪ اڪائونٽ ۽ گروپ به ھوندا آھن. ائين لڳي ٿو ته فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر وغيره عام ماڻھن لاءِ لازمي بڻجي ويا آھن. سڀ کان اھم ڳالھه اھا آھي ته ماڻھو پنھنجا تبصرا پوسٽ ڪندا رھندا آھن جن کي وڏي انگ ۾ عام ماڻھو، فيس بوڪ توڙي قائم مختلف گروپن تي پڙھندا رھندا آھن ۽ پنھنجي دلي راءِ به ظاھر ڪري سگهندا آھن، پوءِ اھي تبصرا ڪنھن کي وڻن يا نه سو الڳ داستان آھي.
انھيءَ کان سوا، فيس بوڪ، ٽوئيٽر وغيره عام معلومات جو به اھم ذريعو ھوندو آھي. اسان ھر ڏھاڙي مختلف اخبارن جا پيج کولي کوڙ معلومات حاصل ڪندا آھيون ۽ اھا معلومات ترت ملي ويندي آھي، جن جي اھميت کان ڪنھن به طريقي سان انڪار ڪونه ٿو ڪري سگهجي. جيڪڏھن ڪمپيوٽر ۽ موبائيل جون سھوليتون ھونديون آھن ته آن لائين ڪرڻ سان ته اھا معلومات مفت ملندي رھندي آھي البت آن لائين واري سھوليت جي چارجز به ڏيڻي پوندي آھي.
ھونئن به پنھنجي ڪمپيوٽر ۽ موبائيل تي پوسٽ رکي ھر ھڪ پنھنجي راءِ به ظاھر ڪري سگهي ٿو. چوڻ جو مقصد اھو آھي ته اخلاق اندر رھي اختلاف جو حق ته سڀني کي آھي جن کان ڪنھن به صورت ۾ انڪار ڪونه ٿو ڪري سگهجي، البت انسان جي حوالي سان اھو ضروري آھي ته ٻولي جيڪا ڪم آندي وڃي سا اخلاق جي اندر ھجي، يعني نامناسب ٻولي بلڪل نه ھئڻ گهرجي. بھرحال، اھا مکيه بدقسمتي آھي ته فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر تي ڪيترا سنڌي ٻولي ڪم آڻيندا آھن جيڪا وڏي دکدائڪ ۽ نامناسب به ھوندي آھي. اھڙو اعتراض جوڳو داستان ڪو تازو جاري ٿيل ناھي پر گهڻي عرصي کان جاري آھي ۽ اھو تاثر پيدا ٿيل آھي ته گارين وارا داستان گهٽجڻ بدران وڌندا رھن ٿا. شايد ھڪ پراڻو طبقو جيڪو پاڻ کي سنڌ جو اڪيلو خيرخواه سمجهندو ۽ سڏائيندو رھندو آھي، سو سمجهي ٿو ته گارين واري ٻوليءَ جي گهڻي استعمال سان، انقلاب اچي ويندو جڏھن ته سچائي انھيءَ جي سو سيڪڙو ابتڙ ھوندي آھي.
انھيءَ سلسلي ۾ مون کي پنھنجو حوالو ڏيڻ به مناسب آھي. مان گذريل ستن سالن کان ھر ڏھاڙي معلومات لاءِ پوسٽون رکندو رھندو آھيان. يعني رات جو دير سان اٿي، معلوماتي ۽ تازيون خبرون جاري ڪندو رھندو آھيان. شروع ۾ ته مان ھر ڏھاڙي ٽيھه چاليهھ خبرون ڏيندو رھندو ھئس ۽ ڏھن کان ويھه پنھنجون پراڻيون پوسٽون به دھرائيندو رھندو ھئس. اھا ڳالهھ نوٽ ڪرڻ جي آھي ته مان جيڪي تازيون خبرون ڏيندو رھندو آھيان ۽ ڪڏھن ڪڏھن سمجهاڻي به ڏيندو رھندو آھيان ته اھي ميڊيا جون خبرون آھن. بھرحال، اھا ڳالھه نوٽ ڪرڻ جي آھي ته فيس بوڪ تي ھر خبر ۾ اسپيس گهٽ ھئڻ ۽ پوسٽون مکيه لفظن ۾ ڏيڻ ڪري، اسپيس گهٽ ھوندي آھي سو ھر خبر ۾ اخبار جو نالو ڪونه ٿو لکي سگهجي. بھرحال، ڪجھه ننڍيون خبرون ھونديون آھن ته اخبار جو نالو به لکي ڇڏيندو آھيان.
اڳ وائيس آف آمريڪا ۽ بي بي سي جون ھر ڏوھاڙي کوڙ خبرون ڏيندو ھئس پر عمران خان وزيراعظم بڻيو ته ھن وائيس آف آمريڪا تي ڪي پي ڪي صوبي حوالي سان پابندي وجهي ڇڏي، جيڪا چار سال گذرڻ باوجود اڃا ختم ناھي ٿي. بھرحال، ڪيترا ڀيرا سمجهاڻي ڏيڻ باوجود ته اھي معلوماتي خبرون آھن، جن سان منھنجو ھڪراءِ ھجڻ ضروري ناھي پر اھا خاص ڳالھه نوٽ ڪرڻ جي آھي ته ڪيترا ماڻھو منھنجي سنڌي پوسٽن تي تبصرا ڪندا رھندا ھئا ته اوھان جي راءِ ٺيڪ ناھي. مان بار بار وضاحت ڪندو رھندو ھئس ته مان معلومات لاءِ ھر ڏھاڙي خبرون ڏيان ٿو ۽ انھن سان منھنجو ھڪراءِ ھئڻ ضروري ناھي پر تنھن جي باوجود ڪيترا ھروڀرو بدتميزيءَ واري ٻولي به ڪم آڻي تبصرا ڪندا رھندا آھن ته اھا اوھان جي راءِ آھي. اھڙي لاڳيتي رويي کان تنگ ٿي مون ڪيترا ڀيرا سوچيو ته روزانو ميڊيا جون مفت پوسٽون بند ڪري ڇڏيان پر پوءِ به عام معلومات کي اھميت ڏئي مون پوسٽنون بند ڪونه ڪيون آھن پر غلط تبصرن کان تنگ ٿي مون خبرن جون پوسٽون گهڻيون گهٽائي ڇڏيون آھن. اھا به سچائي آھي ته اردو ۽ انگريزيءَ ۾ معلومات لاءِ اخباري پوسٽون ٿين ٿيون ته عام طور ذاتي طور غلط ٻوليءَ وارا تبصرا ڪونه ٿا ڪن، رڳو سنڌي آن لائين ۾ سخت اعتراض جوڳا تبصرا ٿين ٿا يعني ائين لڳندو آھي ته ڪيترا اختلافي خبرون برداشت نٿا ڪن پر افسوس ماحول کي به خراب ڪري ڇڏين ٿا.
اسان جي ملڪ ۾ فيس بوڪ تي عام طور ٽي ٻوليون ڪم اچن ٿيون جيڪي آھن: سنڌي، اردو ۽ انگريزي جڏھن ته ٻين ملڪن ۾ اتان جون کوڙ ٻوليون ڪم اينديون رھنديون آھن.
انگريزي فيس بوڪ تي ڪنھن کي به اختلاف ھوندا آھن، سي مناسب ٻولي ڪم آڻي اختلاف دور ڪندا رھندا آھن. جڏھن ته اردوءَ ۾ به اختلافي ٻولي فيس بوڪ تي ڪم آيل ھوندي آھي ته اعتراض جوڳي ٻولي ڪم آڻيندا رھندا آھن پر گاريون بلڪل گهٽ ھونديون آھن. جڏھن ته سنڌي ٻولي جيڪا فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر تي ڪم آندي ويندي آھي، تن ۾ ھڪ خاص پارٽيءَ جا ماڻھو، شروع کان مخالفن کي زوردار گاريون ڏيندا رھندا آھن. نه رڳو فيس بوڪ تي پر اھڙا ميمبر عام زندگيءَ ۾ به اعتراض جوڳي ٻولي ڪم آڻيندا رھندا آھن ۽ اھو مرض انھن ۾ ججهو آھي. جيئن ته مون اڳ عرض ڪيو آھي ته اھو سلسلو ھاڻوڪو ڪونھي پر گذريل ڪيترن ورھين کان فيس بوڪ تي اھڙو اعتراض جوڳو مواد کوڙ ڪم آڻيندا رھندا آھن. جڏھن ته ھتي اھو ٻڌائڻ ضروري آھي ته انھيءَ گروپ جا ماڻھو، فيس بوڪ کان اڳ واري زماني ۾ به يعني پرائمري تعليم مڪمل ڪري ڊي سي ھاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ انگريزي تعليم لاءِ داخلا ورتم ته اڃا به ياد آھي ته انھيءَ گروپ جا شاگرد توڙي ميمبر مخالفن لاءِ گارين واري ٻولي کليو کلايو ڪم آڻيندا رھندا ھئا. جڏھن ته ھاڻي اھڙي ٻوليءَ جي لاڳيتي استعمال کي ھو اڃا به پنھنجو بنيادي حق سمجهندا رھندا آھن.
ھاڻوڪي اعتراض جوڳي ماحول ۽ خاص ڪري فيس بوڪ کي ڏسي، اسان جي دلي خواھش آھي ته سنڌ جو پراڻو ۽ وڻندڙ ماحول ھجي ته وه واه. يعني اختلاف به اخلاق جي اندر ھجي. ڪاش! اھا ڳالھه سنڌ جي ماحول جي ڀلائيءَ لاءِ کين سمجهھ ۾ اچي ۽ ھو فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر تي گاريون ڏيڻ بند ڪري ڇڏين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button