ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اسلاموفوبيا ۽ جديد انڊيا

Editorial-Article-Ajaz Mangi

نوپور شرما جي نالي ۾ جنهن شديد ردعمل جو اظهار ٿي رهيو آهي، اها ڪاوڙ ۽ اهو غصو نئون ناهي. اهو پراڻو آهي. ڪافي وقت کان وٺي اهو ڪٺو ٿيندو رهيو آهي. نوپور شرما ته پنهنجي زبان جو نشتر هلايو. ۽ ويجهي تاريخ جي اها ڦرڙي وهڻ لڳي، جنهن ۾ ڪيتري وقت کان وٺي روڳ ڪٺو ٿي رهيو هو. ڇو ته مودي جي اچڻ کان به اڳ ۾ هندو قومپرستيءَ جي آڙاهه ۾ اهي مسلمان مسلسل سڙي رهيا هئا، جن جي وڏڙن پاڪستان جو حصو نه ٿيڻ جي تاريخي غلطي ڪئي. جڏهن به گجرات ۾ مسلمانن جو قتل عام ٿيو آهي. جڏهن به ڪشمير ۾ گولين جا زوڪاٽ ٻڌڻ ۾ آيا آهن، تڏهن ته پڇتاءَ پنهنجو اظهار ائين ڪيو آهي، جيئن گهاٽي دونهين جي گهيري ۾ آيل انسان کنگهي کنگهي اڌ مئا ٿين ۽ انهن جي اکين مان نير نيسارا ڪري وهن.
لکيل تاريخ تي هڪ نظر وجهڻ سان ئي پتو پوي ٿو ته هر انتقام پنهنجي اندر ۾ ڪنهن نه ڪنهن مفاد جي پرورش ڪندو آهي. جيڪڏهن سنڌ ڄائي ايل ڪي آڏواڻيءَ رٿ ياترا ڪري بابري مسجد مٿان حملو ڪري اها مسمار ڪرائي ته ان ۾ صرف هن جو ورهاڱي وقت ذلت برداشت ڪرڻ ۽ پنهنجي گهر کان بي گهر ٿيڻ وارو انتقام موجود نه هو پر ان ۾ هڪ مفاد به هو. هو پنهنجي ان امن دشمن عمل سبب ڀارت جو وڏو نيتا بڻجي ويو. هن جي اوقات ايتري نه هئي. ايتري اوقات موديءَ جي به ناهي. گهٽ درجي جا ماڻهو مٿي اچڻ لاءِ انتهاپسنديءَ جي واٽ تي پنڌ ڪندا آهن. ڀارت ۾ هندو شائونزم جو اهو وار وئرٿ وڃي ها، جيڪڏهن اندرا گانڌي سک باڊي گارڊ هٿان قتل نه ٿئي ها. هونءَ ته جواهر لال نهروءَ جو موت ئي ڪانگريس ۽ سيڪيولر ڀارت جي لاءِ سخت صدمو هو پر پوءِ به اندرا ان کي هڪ حد تائين سهارو ڏنو. پر اندرا کان پوءِ جهڙي ريت هن جو پٽ سريلنڪا ۾ لڳايل ڀارتي باهه ۾ سڙي خاڪ ٿيو ۽ بعد ۾ سونيا گانڌي يا هن جو پٽ راهل گانڌي ان پوزيشن ۾ هرگز نه هو ۽ نه آهي ته هو موديءَ جهڙي امن خور اڳواڻ جو مقابلو ڪري سگهي. مودي صرف هڪ ماڻهو ناهي. مودي هڪ سوچ آهي. مودي اتهاس جو انتقامي پنڌ آهي. اهو موديءَ جو سفر ناهي، جيڪو گجرات کان وٺي نئين دليءَ تائين دهشت جي تاريخ تحرير ڪري رهيو آهي. اهو اصل ۾ هندو شائونزم جو انتقام آهي، جيڪو هو صرف ۽ صرف مسلمانن کان وٺي رهيا آهن.
اها حقيقت آهي ته مسلمانن ڪڏهن سينٽرل ايشيا ته ڪڏهن ايران ۽ اڪثر افغانستان کان هندوستان جي مٿان وحشت ڀريا حملا ڪري، هتان جي آباديءَ کي دهشت ۾ آڻي صدين تائين راڄ ڪيو. جيڪڏهن هندوستان جي تاريخ ۾ خون وهيو به آهي ته ان ۾ هندو خون جو حصو تمام گهٽ رهيو آهي. جيڪڏهن هندوستان جي تاريخ مان اشوڪا ڪڍي ڇڏجي ته پويان هندن يا ٻڌن جي حوالي سان ڪجهه به نه ٿو بچي. اسان تاريخ جي آندل تبديلين تي صرف تبصرا ئي ڪري سگهون ٿا. انهن تبصرن مان هڪ تبصرو اهو به آهي ته جيڪڏهن ننڍو کنڊ ورهاڱي جي طرف نه وڃي ها ته گڏيل هندوستان ۾ هندو انتهاپرستيءَ جي اهڙي صورت به نه هجي ها. ڇو ته موجوده پاڪستان ۽ بنگلاديش جيڪڏهن ڀارت ۾ رهندڙ ٻاويهه ڪروڙ مسلمانن سان گڏ هجن ها ته ان هندو آباديءَ کي ايتري همت نه ٿئي ها، جيتري هن مهل آهي. هن مهل جڏهن مسلمان ڀارت ۾ هڪ ڀيانڪ خوف واري زندگي گذاري رهيا آهن، ايتري حد تائين جو ڀارت جا مسلمان اداڪار به دانهون ڪن ٿا ته انهن جي لاءِ جياپي جا گهٽ گهيڙ بند ڪيا پيا وڃن. ان صورت ۾ عام مسلمانن جو ڪهڙو حال هوندو؟ ان جو اندازو لڳائڻ به آسان آهي. جڏهن ته اسان وٽ آئي ڏينهن ڪو نه ڪو قاتل قصو پڙهڻ لاءِ ملي ٿو. ڳالهه صرف ڪشمير جي ناهي. ڪشمير جي ڪهاڻي ئي الڳ آهي. پر ڀارت ۽ ڀارت جي دل جهڙي دليءَ ۾ جيڪا مسلمانن مٿان دهشت آهي، ان جو اعتراف ڀارت جا سمورا ترقي پسند حلقا ڪندا رهيا آهن. اڃا ڪالهه جي ڳالهه آهي ته هندوڌن جي جلوس مٿان ڪنهن شرارت ۾ ٻه چار پٿر ڇا اڇلايا، ان جي ردعمل ۾ پرامن ۽ غريب مسلمانن جا جهڳا بلڊوزرن سان زمين بوس ڪيا ويا ۽ مٿان اهو به اعلان ڪيو ويو ته جنهن گهر مان پٿر آيو، ان گهر کي پٿرن جو ڍير بڻايو ويندو.
جيڪڏهن تعصب ۽ نفرت جي ڌپ دليءَ تائين محدود هجي ها به ته خير هو. ڀارت جو جديد ۽ سرڪش شهر ممبئي، جنهن کي ڪا پرواهه نه رهي آهي. جڏهن ان شهر جي اپارٽمينٽس ٻاهران اهڙا بورڊ آويزان هجن، جن تي لکيل هجي ته ”مسلمانن کي رهائش نه ملندي“ تڏهن تذليل جو تلخ احساس ان حلقي کي به هيانو ۾ چهنڊي وجهي ٿو، جيڪو فڪري طور يا عملي طور تي پاڻ کي روايتي مسلمان نه ٿو سمجهي. هونءَ به ڀارت ۾ اهڙا ڪيس هاڻي عام آهن، جن ۾ مسلمان ۽ هندو پنهنجو مذهب مٽائڻ کان سواءِ شاديون ڪن ٿا. بالي ووڊ ۾ ته ان حوالي سان اڪيچار مثال موجود آهي. هن مهل به ڀارت جي ٽاپ هيروئن ۽ ڪپور خاندان جي ناز نخرو يعني ڪرينا ڪپور سيف علي خان جي مذهب تبديل ڪرڻ کان سواءِ زال بڻي ويٺي آهي. پر اهي ڪجهه مثال ڀارت ۾ پيدا ٿيل هندو شائونزم جو مقابلو ڪري نه ٿا سگهن. ڇو ته هندو شائونزم ۾ ايتري ته شدت اچي وئي آهي جو هاڻي مسلمان گوشت کائڻ کان به خوف کائن ٿا. جڏهن ته ڪنهن به هوٽل تي موجود مٽن بريانيءَ جي ديڳ اونڌي ٿيڻ ۾ ڪو وقت نه ٿو لڳي. جڏهن ته ڀارت ۾ بيف Beef يعني وڏي گوشت کائڻ جو تصور ڪرڻ به محال آهي. ڇو ته هن مهل انتهاپسند هندو ڪنهن به طرح سان اهو برداشت ڪري نه ٿا سگهن، جنهن جانور کي هو پنهنجي ”ماتا“ ڪوٺين ٿا، ان کي ڪهي ان جا تڪا ٻوٽيون ڪري، ان کي ٽانڊن تي سيڪي چٻاڙيو وڃي. اهو عمل انهن جي لاءِ ناقابل قبول آهي. پر صرف ڀارت جي سرزمين تي!
ڀارت جا هندو جڏهن ڪمائي ڪرڻ يا ڪنهن مقصد جي لاءِ مسلمان ملڪن جو رخ اختيار ڪن ٿا ته انهن کي اهڙي ڪنهن به عمل تي اعتراض ڪرڻ جي جرئت نه ٿي ٿئي. ڇا اسان کي معلوم ناهي ته افغان قوم گوشت جي ڪيتري شوقين آهي؟ افغان ڪهڙي ريت قربانيون ڪندا آهن ۽ ننڍي وڏي جانور جو گوشت سڪائي به کائيندا آهن. پر افغانستان ۾ سالن جا سال رهندڙ هندن ان عمل تي ڪڏهن به اعتراض نه ڪيو. ساڳي طرح سان جڏهن وچ اوڀر جي عرب ملڪن ۾ جيڪي لکين هندو ڪم ٿا ڪن، انهن کي عرب سڳورن جي ڪنهن به عمل تي اعتراض جو خيال به نه ٿو اچي. پر جهڙي ريت چوندا آهن ته ”پنهنجي ڏر تي گدڙ به شينهن“ ساڳي طرح سان انتهاپسند هندن جو هندو پارو صرف ان مهل چڙهي ٿو، جڏهن هو ڀارت ۾ مسلمانن کي کلندي ۽ ملندي ڏسن ٿا.
نريندر موديءَ جي صورت ۾ انتهاپسند هندن جو مسلمانن کان جيڪو تاريخي انتقام وٺڻ جو سلسلو هلي رهيو آهي، ان تي انڊيا جي اديبن پنهنجا ردعمل به پڌرا ڪيا ۽ انهن سرڪاري ايوراڊ به واپس ورائي سرڪار جي منهن ۾ هنيا. پر پوءِ ان سان ڪو فرق نه پيو. بالي ووڊ به ويچاري پنهنجي حد تائين تمام گهڻي ڪوشش ڪئي آهي ته ڪنهن طرح سان ڀارت ۾ هندو مسلم تضاد کي ماٺو ڪجي پر اهو ڪڏهن به ماٺو ٿيڻ لاءِ پيدا ئي نه ٿيو هو. اها انتقام جي آگ آهي. ان کي هندو شائونزم هوا ڏئي ڀڙڪائي رهيو آهي. پر ڀارت به ان پوزيشن ۾ ناهي جو مسلمانن سان اهو انتقامي سلسلو مستقل هلائي سگهي. ڇو ته هن وقت ڀارت انوپور شرما جي ڏنل ڪمينٽ تي جهڙي ريت پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ جي سلسلي ۾ سخت وقت ڏسي رهيو آهي، اهو هن جي لاءِ تمام گهڻو ڊڄاريندڙ آهي. ڇو ته ڀارت کي ان تي ناز رهيو آهي ته ان پاڪستان جو پتو ڪٽي عرب ملڪن ۾ پنهنجي عمل دخل جي ڊپلوميسي ۾ وڏي ترقي ماڻي آهي. پر هن مهل جڏهن توهين جي معاملي تي نه صرف ڪويت، قطر ۽ ايران پر سعودي عرب به جهڙي ريت ڀارت کي ڇنڊ پٽي رهيو آهي ۽ وچ اوڀر جي ڪيترن ئي ملڪن جي مارڪيٽن ۾ ڀارتي شين جو بائيڪاٽ ٿي رهيو آهي، ان عمل سان ڀارت ۾ تمام گهڻي تشويش پيدا ٿيڻ فطري عمل آهي. ڇو ته ڀارت کي ان تي فخر رهيو آهي ته اڄ به عرب ملڪن اندر پاڪستانين کان ٻيڻا ڀارتي مختلف جابس ڪن ٿا ۽ هو هر سال اربين ڊالر پنهنجي ملڪ اماڻين ٿا. ڀارت کي ڀئه آهي ته جيڪڏهن مسلمان ملڪن هندن کي واپس موٽايو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
هونءَ به ڀارت جي هندو شائونسٽن کي مسلمانن سان ڪو اعتراض ناهي. انهن کي جيڪڏهن دشمني آهي ته انهن مسلمانن سان جيڪي ڀارت کي پنهنجو ملڪ سمجهي اڄ به اتي رهيل آهن. انهن جو وجود هندو انتهاپرستيءَ جي اک ۾ ڪنڊو ٿي چڀي رهيو آهي، هو ڀارت ۾ بچيل مسلمانن کي تاريخي انتقام جو نشانو بڻائڻ چاهين ٿا. پر ڀارت کان پري ۽ خاص طور تي امير اسلامي ملڪن ۾ ڀارت جا هندو وڏي خوشيءَ سان هنبوڇيون هڻندا وڃن ٿا. ان حوالي سان اهو سوال اسلاموفوبيا جو نه ٿو لڳي. جيڪڏهن انهن هندن ۾ اسلام جي حوالي سان ڪا فوبيا Phobia هجي ته هو جيڪر اسلامي ملڪن جو رخ ئي نه ڪن. پر انهن کي پنهنجي ملڪ ۾ مسڪين ۽ اقليت جي صورت اهي مسلمان مليا آهن، جن کان هو مغلن جا انتقام وٺي رهيا آهن ۽ خلجين جا به پلئه پاڙي رهيا آهن. جڏهن انهن مسلمان جو تاريخ جي ان دور سان پري جو به ڪو تعلق ناهي. جيڪڏهن هجي ها ته هو هندوستان ۾ ڇو رهن ها؟ هو هندستان ۾ رهيا ۽ انهن جي وڏڙن کي ان مهل محسوس ٿيو ته هو هن سرزمين جا ايترائي مالڪ آهن، جيترا هندو! پر هندو شائونزم هن مهل ڀارتي مسلمانن سان اهو سلوڪ ڪري رهيو آهي، جيڪو نازي جرمنيءَ ۾ ڪندي نظر آيا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button