ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وفاقي بجيٽ ۽ خسارو

Editorial

عوام جون اکيون هر سال جون جي مهيني ۾ پيش ٿيندڙ بجيٽ ۾ کتل هونديون آهن. ڇاڪاڻ ته اهو بجيٽ ۾فقط هڪ نقطي کي ڳوليندو آهي ته ان لاءِ ڪهڙي رليف جو بندوبست ڪيو ويو آهي. اپريل جي مهيني ۾ وجود ۾ آيل نواز ليگ حڪومت جي هي پهرين بجيٽ آهي، جيڪا مجموعي طور بهتر بجيٽ آهي. جنهن مان في الحال ائين نظر اچي رهيو آهي ته عوام جي مٿان ڪو اضافي بار ڪونه وڌو ويو آهي، پر جڏهن ايندڙ ڪجهه ڏينهن پيٽرول ۽ ڊيلز جون قيمتون وڌنديون ته عوام مٿان وڌيڪ بار پوندو ۽ ان سان عوام لاءِ مالي تڪليفون به وڌي وينديون، هر سال وانگر هاڻوڪي آيل بجيٽ به خساري واري آهي. جنهن ۾ 4598 ارب روپين جو خسارو آهي.
اسماعيل مفتاح قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير دوران سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو آهي. ناڻي واري وزير موجب بجيٽ جو مجموعي ڪاٿو 9 هزار 502 ارب رُپيا لڳايو ويو، جِن مان 3 هزار 950 ارب رُپيا ڊيٽ سروسنگ تي خرچ ٿيندا، ايندڙ مالي سال لاءِ ايف بي آر جي روينيو جو ڪاٿو 7 هزار 4 ارب رُپيا لڳايو ويو، جنهن مان صوبن کي 41 هزار ارب رُپيا ڏنا ويندا. مجموعي خرچن جو ڪاٿو 9502 ارب، قرضن جي واپسي لاءِ 3144 ارب، پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ 800 ارب، دفاع لاءِ 1523 ارب رپيا مختص، تعليمي بجيٽ ۾ 109 ارب رپيا رکيا، سول انتظاميا جي خرچن لاءِ 550 ارب، پينشن لاءِ 530 ارب رپيا، سبسڊيز لاءِ 699 ارب رپيا رکيا ويا آهن، گرانٽس لاءِ 1242 ارب رپيا، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 364 ارب رکيا ويا آهن. ان کان سواءِ هڪ ڪروڙ شاگردن کي اسڪالر شپ ملندي. چاليهه هزار رپيا ماهوار ڪمائيندڙن کي ماهوار 2 هزار ملندا. سولر پينل جي درآمد تي ٻڙي سيلز ٽيڪس لڳندو. موسمياتي تبديلي لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا. مفتاح اسماعيل چيو ته دفاع لاءِ 1523 ۽ سول انتظاميا جي خرچن لاءِ 550 ارب رُپيا رکيا ويا آهن، پينشن جي مد ۾ 530 ارب ۽ ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي مد ۾ 699 ارب رُپيا رکيا ويا. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 800 ارب رُپيا رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان لاءِ پي ايس ڊي پي ۾ رقم وڌائي 136 ارب رُپيا ڪئي وئي. ترقياتي بجيٽ ۾ سنڌ لاءِ 355 ارب 38 ڪروڙ ۽ پنجاب صوبي جي ترقياتي بجيٽ 585 ارب رُپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، بلوچستان جي 148 ارب 53 ڪروڙ ۽ ڪي پي لاءِ 300 ارب رُپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
جيتوڻيڪ هي بجيٽ گذريل حڪومت جي ڀيٽ ۾ بهتر لڳي رهي آهي پر تنهن هوندي به جيڪو 4598 ارب روپين جو خسارو آهي، اهو حڪومت لاءِ سدائين مسئلو رهندو. ملڪ ۾ ڪئين وفاقي ادارا آهن، جيڪي غيرضروري آهن، ڪئين اهڙيون اٿارٽيون قائم ڪيون ويون آهن، جيڪي ملڪي خزاني تي بار آهن. ارڙهين ترميم کان پوءِ ڪيترائي کاتا اهڙا آهن، جيڪي صوبن کي منتقل ٿي چڪا آهن، تنهنڪري انهن کاتن جون وفاقي حڪومت ۾ وزارتون هجڻ ٺهي ڪونه ٿو، جيڪي مڪمل طور تي ختم ٿيڻ گهرجن. جيئن تعليم ۽ صحت جا کاتا هاڻ صوبائي کاتا آهن، تنهنڪري ڪابه حڪومت انهن کاتن جون وفاقي وزارتون رکي ٿي ته ان جو مطلب اهو آهي ته اها انهن وزارتن جو سمورو عملو به رکندي، انهن کي پگهار به ڏيندي ۽ انهن کي گهربل مراعتون به ڏنيون وينديون.
اسين سمجهون ٿا ته حڪومتي خرچ رڳو پيٽرول جي مد ۾ گهٽتائي ڪري نٿا گهٽائي سگهجن بلڪه ان لاءِ انهن وفاقي ادارن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي صوبائي سطح تي هلائي سگهجن ٿا. جنهن سان وفاقي حڪومت تان گهڻو بار لهي ويندو ۽ جيڪو خسارو هر سال وڌي رهيو آهي، ان کي پڻ گهٽائي سگهجي ٿو. تنهنڪري هاڻوڪي حڪومت کي ان پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن ايندڙ بجيٽ خسارو گهٽائي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button