ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پير عبيد راشديءَ جي ڪهاڻين تي هڪ نظرII-

Editorial-Article-Kaleem Butt

مان سمجهان ٿو ته هن ملڪ جو ماحول ته ان جي ٺاهڻ واري ڏينهن کان ئي خراب رهيو آهي ۽ شايد قيامت تائين ئي خراب رهي، هتي ماڻهن جي سوچ سمجهه ۽ ڳالهائڻ تي ڪڙو چڙهيل آهي ۽ هي ڪهاڻي انهي گُهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول جي عڪاسي ڪري ٿي. هن ۾ هڪ لساني سياسي تنظيم جي اڳواڻ بدبخت ۽ انهن جي ٻولي جي هڪ اديب جو ڪردار به ملي ٿو، جنهن سان بدبخت وڏي احترام سان ملي ٿي…جنهن تي مک ڪردار کي اهو پڻ احساس ٿئي ٿو ته هي لساني ٽولو پنهنجي اديبن ۽ دانشورن جي ڪيڏي نه عزت ڪري ٿو. اها حقيقت به آهي. سڌريل ماڻهو پنهنجن ليکڪن ۽ دانشورن کي مان ۽ مرتبو ڏيندا آهن ۽ کين عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسندا آهن. ان جي ڀيٽ ۾ اسان سنڌي وري پنهنجن ليکڪن کي پاڻ ئي عجيب غريب نالا ۽ لقب ڏئي ڇڏيندا آهيون، جيڪو ليکڪ اسان سان اختلاف ٿو ڪري يا اسان جي ٽولي جو نه آهي، اهو سرڪاري ۽ درٻاري ليکڪ آهي ۽ جيڪو ليکڪ اسان جي ايجنڊا تي لکي ٿو، اهو ئي حقيقي ليکڪ سمجهيو وڃي ٿو.
ائين تي ڪيترين ئي ڪهاڻين جي مختلف پاسن تي لکي سگهجي ٿو، پر هتي مان هڪ ٻئي ڪهاڻي “کل جو آچار” جو ذڪر ڪندس. هي ڪهاڻي به پنهنجي مزاج ۾ الڳ ٿلڳ ڪهاڻي آهي ۽ سنڌي ادب ۾ ان قسم جون ڪهاڻيون گهٽ ئي لکيون ويون آهن. هن ڪهاڻي ۾ وري ٻه نوان رخ ڏسڻ لا ملن ٿا، هڪ اربنائزيشن ۽ ٻيو ماڻهن کي نڪ نيم يا پيٽ نيم ڏيڻ.
1- اربنائزيشن: جڳ مشهور ناول نگار وي ايس نئپال هڪ هنڌ چيو ته ڪنهن به شهر جو حقيقي حسن ايستائين نروار نه ٿو ٿي سگهي، جيستائين ڪو اديب يا مصور ان کي پنهنجي تخليق جي ڏندڪٿائي حسناڪي نٿو ڏئي.
اهڙي ريت دي پلگريئو هينڊ بوڪ آف ليٽريچر اينڊ دي سٽي جو ايڊيٽر جرمي ٽمبلنگ ڄاڻائي ٿو ته شهر يا شهري ادب جديديت جو هڪ اهم موضوع رهيو آهي. شهري زندگي ڪيترين ئي سياسي، سماجي ۽ ادبي نظرين جو مرڪزي نقطو رهي آهي، جڏهن ته ان جو ذڪر غيرمعمولي نظم توڙي نثري ادب ۾ ملي ٿو. انهن مان ڪيترن ئي ناولن، ڊرامن ۽ نظمن ادب کي نيون راهون ۽ سرحدن ڏنيون آهن. هو وڌيڪ ڄاڻائي ٿو ته جڏهن اسين جديديت جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ان مان مراد شهري زندگي آهي. برطانيا ئي اهو پهريون ملڪ آهي، جنهن 1851ع جي آدمشماري کانپو اهو ظاهر ڪيو ته ان جي شهري آبادي ڳوٺاڻي آبادي کان وڌي چڪي آهي، جنهن مان برطانيا اندازو لڳايو ته اهو ڪيتري تيزي سان صعنتڪاري ڏانهن وڌي رهيو آهي. اهڙي ريت 1900ع ۾ فرانس ۽ 1920ع ۾ آمريڪا به اهڙو اعلان ڪيو.
جڏهن پير عبيد راشدي جي هي ڪهاڻي پڙهجي ٿي ته اها سنڌي سماج ۾ اربنائزيشن جي خوب عڪاسي ڪندي نظر اچي ٿي. هي هڪ اهڙي عورت جي ڪهاڻي آهي، جيڪا ٻين جي گهرن ۾ وڃي ماني وغيره کائڻ مان مزو وٺندي آهي ۽ پاڙي ۾ پئي هڪ گهر کان ٻئي گهر ڏانهن ويندي آهي، جنهن جي ڪري هن تي پاڙي ۾ آنٽي نه مُئي جو نالو پئجي وڃي ٿو، هن جي ڪردار کي ڪجهه هن نموني بيان ڪيو ويو آهي:
“آنٽي نه مُئي جي باڊي لينگويج ۾ نه روايتي عورت پنو نه وري سونهن جي ڇڪ نه ڪا نياز نوڙت…” هي ڪهاڻي حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي جي پس منظر ۾ لکيل جتي مختلف ذاتين ۽ مختلف طبقن وارا ماڻهو رهن ٿا. جڏهن ته آنٽي نه مُئي اهڙي مائي آهي جيڪا پاڻ ته ورلي ئي ڪنهن جي دعوت ڪندي آهي ۽ ورلي ئي ڪنهن کي ماني کارائيندي آهي، پر پاڻ وري هر دعوت ۾ اڳيان اڳيان بيٺي هوندي آهي ۽ سدائين ويلي ٽارڻ جي ڪوشش ۾ هوندي آهي.
اهڙي نموني ڪهاڻي جو ٻيو پاسو نڪ نيم يا پيٽ نيم ڏيڻ وارو ظاهر ٿئي ٿو: جيڪڏهن انساني سماج جو نفسياتي تجزيو ڪجي ته ان ۾ نالن جي وڏي اهميت هوندي آهي. نالو ماڻهو جي شخصيت جي عڪاسي ڪندو آهي، نالو ئي ماڻهو جي سڃاڻپ هوندو آهي. هر سماج ۽ ثقافت ۾ هڪڙو اصل نالو رکيل هوندو آهي، جڏهن ته هڪ يا ڪن صورتن هڪ ئي ماڻهو کي هڪ کان وڌيڪ نڪ نيم ڏنا ويندا آهن. نفسياتي ماهرن موجب نڪ نيم يا پٽ نيم چئين سببن ڪري ڏنا ويندا آهن:
1_ عزت ۽ احترام مان
2_ پيار ۽ پاٻوهه مان
3_ ڪاوڙ ۽ حقارت مان، ۽
4_ بدلو وٺڻ لا.
جيئن هن ڪهاڻي ۾ آنٽي نه مُئي جو ڪردار پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته اوڙي پاڙي وارا هن جي عجيب رويي ۽ حرڪتن جي ڪري هن مان گهڻا خوش نه آهن ۽ ڪاوڙ يا حقارت مان هن تي مختلف نالا رکن ٿا. جيئن هنن سٽن ۾ پڙهڻ لا ملي ٿو:
“وڏن انهي نالي ۽ ٻين نالن جي ڪلپ لڳائي ڇڏي هئي. جيئن مثال آنٽي هڻ ۽ کڻ، ويلو ٽارڻ ۽ کڻ انهي ڪري جو شادي جي وليمن مان گهوٽيتن، ڪنواريتن کي مليل گفٽس ڪڇ ۾ ڪري ٺوٺيون ٺوڪيندي ٻاهر نڪري ويندي آهي.”
هن ڪهاڻي ۾ شهري زندگي جي عجيب رنگ ۽ مونجهارن جي مهارت سان عڪاسي ڪئي وئي آهي ۽ اها به خبر پئي ته شهرن ۾ رهندڙ ماڻهو ذهني طور ڪٿي بيٺل آهن.
هن ڪتاب جي ٻين حصي ۾ مختصر ڪهاڻيون ڏنل آهن، جيڪي وڌ ۾ وڌ ٻن صفحن جون آهن. انهن مان ٻه ڪهاڻيون “الله جو ماڻهو” ۽ “قسطن ۾ مرڻ” خوبصورت انداز ۾ لکيل آهن. جيتوڻيڪ موضوع جي حوالي سان اهي عام رواجي آهن، پر جنهن نموني انهن ٻنهي ڪهاڻين کي پيش ڪيو ويو آهي، اهي شاندار ڪهاڻيون ٿي پيون آهن. ڪهاڻي “الله جو ماڻهو” ۾ اسان جي سماج جي ناڪاري پاسن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جتي هڪ خوش اخلاق ماڻهو جي کي ڪابه اهميت نٿي ڏني وڃي، پر ان جي ڀيٽ ۾ بدمعاشن کي جتي ڪٿي عزت ڏني وڃي ٿي. جنهن کي اڳ پٽ آهي، انهن جا سڀ ڪم ٿيو وڃن، جڏهن ته اهي ماڻهو جيڪي الله سائين جي آسري آهن، انهن جي زندگي ويتر مشڪلن ۾ آهي.
ڪهاڻي “قسطن ۾ مرڻ” ۾ وري اسان جي ادب ڏانهن ناڪاري رويي جي عڪاسي ڪيل آهي، جنهن ۾ نوجوان هڪ سينيئر اديب سان ملي ادبي رسالي ڪڍڻ لا صلاح گهرن ٿا. ان تي سينيئر اديب کين چئي ٿو، رسالو ڪڍڻ سٺي ڳالهه آهي، پنهنجي ادب جي خدمت آهي پر رسالي لا سرڪيوليشن ساهه جي رڳ برابر هوندي آهي. پاڻ وارا همراهه گهرن ۾ يا ته انگريزي اردو ميگزين رکندا آهن يا اعزازي ڪاپي لا ماندا هوندا آهن. ان هوندي به نوجوان رسالو ڪڍن ٿا پر کين اها موٽ نٿي ملي ۽ وري ان ليکڪ سان ملن ٿا ته کين ليکڪ چئي ٿو:
“سال کن اڳ توهان صلاح مشوري لا آيا هئا. تڏهن هڪ وار مون سوچيو ته توهان کي چوان، اباڻي ٻولي ۾ رسالو ڪڍڻ معنى قسطن ۾ مرڻ يا ڊگهي سڪرات…”
هن ڪتاب ۾ ڏنل ڪهاڻيون پنهنجي موضوع، بيان ڪرڻ جي انداز ۽ ٽريمينٽ ۾ نراليون ڪهاڻيون آهن، جيڪي پڙهندڙن کي نئين انداز ۾ سوچڻ تي مجبور ڪن ٿيون.
آفريڪا جو مشهور ناول نگار بين اوڪري، جنهن کي سندس ناول دي فيمشڊ روڊ تي بڪر پرائيز مليو. هو ڪتاب A Time for New Dreams جيڪو 2011ع ۾ برطانيا مان ڇپيو، ان جي هڪ مضمون Writers and Nations ۾ هو ڄاڻائي ٿو ته:
“قومن جو زوال ڪا به مبهم ڳالهه نه آھي. اهو ليکڪن جي زوال سان شروع ٿيندو آھي. ان جي پهرين نشاني اها آھي ته قومون پنهنجن ليکڪن کي مان ۽ مڃتا ڏيڻ ڇڏي ڏينديون آھن. ڇو ته ليکڪ لاشعوري طور قومي تندرستي ۽ وڙهڻ واري روح جا نمائندا هوندا آھن.
ليکڪ قومن جي نفسياتي صحت جي علامت هوندا آھن.
جڏهن ڪا قوم پنهنجي ليکڪ کي مڃتا ڏيندي آھي ته اها اصل ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃتا ڏيندي آھي. اها قوم جيڪا پنهنجي حقيقي، بهادر ۽ سچن تخليقڪارن کي مان نٿي ڏئي، ان جو مطلب ان پاڻ سان پيار ڪرڻ ڇڏي ڏنو آھي.
ڪا به قوم جيڪا پنهنجي حقيقي تخليقڪارن کي نٿي ساراهي، ان جو مطلب اها قوم پنهنجي تخليقي سگهه وڃائي ويٺي آھي.”

ان ڪري اسان سنڌين کي به پير عيبد راشدي جهڙن سچن، بهادر ۽ حقيقي تخليقڪارن کي ساراهڻو پوندو. اهو انهن تي ڪو ٿورو نه هوندو پر ائين ڪرڻ سان اسان هڪ زندهه قوم هجڻ جو ثبوت ڏينداسين. )پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button