ملڪ ۾ پيش ٿيندڙ بجيٽ جي جيڪڏهن تاريخ کڻي ڏسجي ته ڪا به اهڙي بجيٽ نه ملندي، جنهن کي عوام دوست بجيٽ چئي سگهجي. اهو ئي سبب آهي جو عوام لا ته اهو صرف انگن جو معاملو ئي هوندو آهي. ان کي ڪو به رليف ناهي ملندو، سوا ان کي انگن ۾ منجهائڻ جي. هيلوڪي بجيٽ به ڪجهه اهڙي ئي پيش ٿي آهي. جنهن ۾ عوام لا بنهه ڪجهه به نه رکيو ويو آهي. ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير دوران سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو آهي. اهو اعلان ڪهڙي ڪم جو جڏهن 440 ارب جا نوان ٽيڪس مڙهيا ويا هجن؟ جڏهن ته بجيٽ جو مجموعي ڪاٿو 9 هزار 502 ارب رُپيا لڳايو ويو آهي، جِن مان 3 هزار 950 ارب رُپيا ڊيٽ سروسنگ تي خرچ ٿيندا. ايندڙ مالي سال لاءِ ايف بي آر جي روينيو جو ڪاٿو 7 هزار 4 ارب رُپيا لڳايو ويو، جنهن مان صوبن کي 41 هزار ارب رُپيا ڏنا ويندا.
ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت امير طبقي جي غير پيداواري اثاثن تي ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سرڪاري شعبي ۾ ملازمن جي مالي ڏکيائين کي ڏسندي حڪومت انهن جي بنيادي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ۽ ايڊهاڪ الائونس کي ضم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته ٽيڪس سليبس تي نظرثاني ڪئي وئي آهي ۽ ساليانو 12 لک رپيا ڪمائيندڙ شهري ٽيڪس کان آجا هوندا. حڪومت امير طبقي جي غير پيداواري اثاثن تي ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ ٻي ملڪيت جي خريداري تي 5 سيڪڙو ٽيڪس ۽ لگزري ڪارن تي به ٽيڪس ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته مالي طور تي ڪمزور شهرين کي معاشي ڏکيائين کان بچائڻ جو مقصد رکون ٿا ته جيئن مالي طور تي مضبوط ماڻهو ٽيڪس جي مد ۾ قومي ناڻي ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺن. وزيراعظم ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اسان ٽارگيٽڊ سبسڊيز لاءِ اربين رپيا رکيا آهن، اها رقم بي آءِ ايس پي لاءِ 344 ارب رپين کان وڌيڪ آهي ۽ اها سبسڊي رڳو حقدار ماڻهو حاصل ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته “حڪومت سولر پينلز جي درآمد ۽ ورڇ تي ٽيڪس کي ٻڙي ڪري ڇڏيو آهي.” اهي سڀ عوام کي بيوقوف ٺاهڻ جون ئي ڳالهيون آهن. سوال اهو آهي ته 440 ارب رپين جا ٽيڪس ڪهڙي مد ۾ مڙهيا ويا آهن؟
نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ وفاقي حڪومت جي سالياني ترقياتي پروگرام تحت وفاقي وزارتن، ڊويزنز ڪارپوريشنز سرڪاري ۽ خانگي شعبي جي سهڪار لاءِ وائبليڊي گيپ فنڊ ۽ صوبائي پي ايس ڊي پيز جو ڪل حجم 22 ارب، 63 ارب جي ڳچ رقم رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. پي ايس ڊي پي ۾ وفاقي وزارتن جي ترقياتي رٿائن لاءِ ڪل 5 کرب، 64 ارب، 96 ڪروڙ، 33 لک، 60 هزار رپين جا فنڊ رکڻ جي تجويز آهي، جنهن ۾ 16 ارب، 72 ڪروڙ، 65 لک، 73 رپين جي پرڏيهي امداد شامل آهي. سرڪاري ڪارپوريشنز جي ترقياتي رٿائن لاءِ هڪ کرب 61 ارب 53 ڪروڙ 66 لک رپين کان وڌيڪ رکيا ويا آهن جنهن ۾ 43 ارب 27 ڪروڙ 34 لک رپين جي پرڏيهي امداد به شامل آهي. مجموعي وفاقي پي ايس ڊي پي تحت 7 کرب 27 ارب رپين جا فنڊ رکڻ جي تجويز آهي. سرڪاري ۽ خانگي شعبي جي سهڪار لاءِ فائبلٽي گيپ فنڊ جي مد ۾ 73 ارب رپين جا فنڊ رکيا ويا آهن. صوبائي پي ايس ڊي پي جو ڪل حجم 14 کرب، 63 ارب رپيا آهي. وفاقي وزارتن، ڊويزنز ڪارپوريشنز، سرڪاري ۽ خانگي شعبي جي سهڪار لاءِ وائبليٽي گيپ فنڊ ۽ صوبائي پي ايس ڊي پيز جو ڪل حجم 22 کرب 63 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
اسان سمجهون ٿا ته هي بجيٽ به اڳوڻين بجيٽن جو تسلسل ئي آهي. حڪمران عوام کي انگن اکرن ۾ منجهائڻ بدران ان کي حقيقي رليف ڏين.