ٻولي ۽ ادب جو لاڳاپو انتهائي اهم ۽ بنيادي حيثيت رکندڙ آهي، ادب جو بنياد يعني را مٽيريل ٻولي ۽ لسانيات آهي جڏهن ته ٻولي جون وسعتون ۽ ڦهلاءُ توڻي شاهوڪاري ادب جي ڪري ئي آهي. ايئن ٻيئي جز هڪٻئي لاءِ اهم ۽ اٽٽ آهن. اوڻويهين صدي کان پهرين دنيا ۾ ادب ۽ ٻولي سماجي علمن ۾ پڙهايو ويندو هو يعني ادب ۽ ٻولي الڳ سبجيڪٽ جي حيثيت به نه رکندا هئا، پوءِ اوڻويهين صدي ۾ ادب ۽ ويهين صدي ۾ لسانيات الڳ مضمون طور دنيا ۾ پڙهايا ويا ۽ کين الڳ حيثيت سان ڏٺو ويو. پوءِ اهو لقاءُ ايستائين پهتو جو اسپيشلائيزيشن ۾ ٻئي الڳ مضمون طور تصور ڪيا ويا پر پوسٽ ماڊرن دور جي تنقيدي نظر طور ٻنهي مضمونن کي هڪٻئي کي سمجهڻ لاءِ لازم ملزوم قرار ڏنو ويو. مثال طور تنقيدي نقطه نظر ساختيات ۽ ساختيات پڄاڻان جو تضاد ئي ادب ۾ ٻولي جي پيغام تي آهي جهڙوڪ ڪنهن ادبي تخليق ۾ ڪهڙو پيغام سمايل آهي اهو پيغام ايستائين نٿو سمجهي سگهجي جيستائين ٻوليءَ جون پيچيدگيون نٿيون سمجهيون وڃن، ٻوليءَ جي گرامر جي ايگريمينٽ کي نٿو سمجهيو وڃي، ٻولي ۾ موجود لفظن جي سگنيفائر ۽ سگنيفائيڊ کي نٿو سمجهيو وڃي، ساختيات اهڙي لاڙي يا فڪري ساخت تحت ٻولي ذريعي ادب سمجهڻ جو بنياد وڌو پر اڳتي هلي ڊيريڊا پاران ردتشڪيل ذريعي ٻولي جي ڪمزورين ڏانهن اشارو ڪيو ويو جيڪو اڳتي هلي ثابت به ٿيو ته هي دور معنيٰ جو نه پر تشريحن جو دور آهي جنهن جا بنياد نٽشي جي هن چوڻي There is no meaning but interpretations تي پيل آهن ۽ دنيا مڃي ٿي ته معنائن کان اڳتي هلي ڳالهه تشريحن تي پهتل آهي ان ڪري ڊسڪورس جو تنقيدي تجزيو ۽ فنڪشنل لسانيات وجود ۾ آيا. لسانيات يا ٻولي جي انهن مطالعن ادب جي ڊڪشن يا اسٽائيلسٽڪ معنيٰ ڪڍڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. فنڪشنل لسانياتي تجزيو سنگاپور يونيورسٽي جي پروفيسر ڪي او هولارن Kay O’Halloranٽيڪنالوجي تي کڻي آئي جتي آواز ۽ وڊيو جو صرف و نحوياتي تجزيو هڪ سافٽ ويئر ڪري ٿو ته ساڳئي وقت لسانيات جي شاخ ملٽي ماڊل لسانيات Multimodal Linguistics پڻ انهي ادبي تشريح کي اڳتي وڌايو ۽ ٻڌايو ته ادبي لکڻي يا ڪنهن به اشتهاري پيغام ۾ صرف ٻولي نه پر تصويرون يا علامتون به معنيٰ ڪڍڻ ۾ مدد گار ٿين ٿيون. تنهن ڪري ادب جي تشريح لسانياتي عنصرن ۽ تجزين کان سواءِ اڻ پوري هوندي آهي.
مٿين مختصر بحث کي سهيڙي جيڪڏهن سنڌي ادب ۾ لسانيات جي عمل دخل کي ڏسجي ته ماضي کان حال تائين مايوسي واري صورتحال آهي ڇوته لسانيات جنهن ۾ گرامر يا صرف و نحو يا متن جو ساخت جن پيراگرافن يا لکت جي اصولن تحت هوندو آهي ان جا جامد تجزيا ته ملندا پر ان جا تجريدي يعني Abstract تجزيا ۽ سمجهه ٻوجهه نه هئڻ جي برابر آهي، ۽ سماجي علمن ۾ خاص ڪري فلسفيانه پيغام، ادبي پيغام ته هوندو ئي تجريديت جي علامتن سان ڀريل آهي پر جيڪڏهن اسان وٽ لسانيات جو علم اسريل ئي نه هوندو ته لسانياتي تجزيو ڪيئن ڪري سگهبو؟ هڪڙو مثال اسان وٽ جملي جي فاعل، فعل ۽ مفعول جي لاڳاپن جو تجزيو ڪيو ويندو آهي جنهن کي اسان پريوڳ سڏيندا آهن ان تحت مون 2007 ۽ 2008 ۾ تحقيقي پيپر لکيا هئا جيڪي ان وقت اڻ لڀ هئا وڏي مشڪل سان ڪاڪي ڀيرومل ۽ مرزا قليچ جا ڪتاب هٿ آيا هئا. انهن سالن ۾ منهنجا ڪجهه پيپر ڇپيا هئا ۽ آئون بعد ۾ جڏهن هانگ ڪانگ جي پولي ٽيڪنيڪل يونيورسٽي The Hon Kong Polytechnic University۾ ويو هوس ته اتي جي ڪجهه محققن مون کان سوال پڇيا هئا جيڪڏهن ڪنهن ڊسڪورس ۾ پريوڳ ڀاوي، پريوڳ ڪرمڻي يا پريوڳ ڪرتري سرس آهي ته ان مان عملي ۽ سماجي طور ڇا مطلب نڪري ٿو؟ يعني انهن پريوڳن مان ڪنهن هڪ پريوڳ جو گهڻي تعداد ۾ موجود ڪهڙو پيغام ڏئي ٿو؟ ظاهر آهي اسان وٽ ته رڳو اهي هجن ۽ لاڳو ٿيل هجن رڳو جملن جي هڏ ڪاٺ يا جسامت کي ڳڻي ٻڌائين ته اهو ئي ڪافي لکيو ويندو آهي ان جو تجريدي مطلب ڪڍڻ اسان وٽ اڃا وجود ۾ نه آيو آهي. ان کان سواءِ دنيا ۾ موجود لسانيات جي علم جون شاخون جهڙوڪ صوتي آوازن جا جز Air Stream Mechanism جو مطالعو ئي گهٽ هوندو آهي ته ان جو ڪنهن ڪلام ۾ موجود هجڻ ڪيئن پرکي سگهجي ٿو، جهڙوڪ دنيا ۾ ڪيترائي سافٽ ويئر موجود آهن جيڪي آواز، آوازن جي پِچ، آوازن جي ڊيگهه، طول، ويڪر ۽ گهرائي کي ماپي ٻڌائي سگهن ٿا ته ڪهڙا آواز ڪٿي ڪيئن اچاربا آهن يا آواز لهرن ذريعي ڪيئن سفر ڪندا آهن. جيتوڻيڪ صوتي لسانيات Phonetics به لسانيات جي جامد عنصرن جو حصو آهي پر ان جي قدماپ جو سفر به سنڌي ٻولي ۾ اطمينان جوڳو ناهي. ان کانسواءِ لفظن جي جوڙجڪ يعني Morphology جو علم ڪنهن حد تائين سنڌي ٻولي ۾ وجود رکي ٿو نه ته گهڻي ڀاڱي موجود نه آهي ان ۾ به لغتن جو علم Lexicography ته موجود آهي پر اهو به محدود آهي جهڙوڪ لفظن جو ذخيرو صرف سنجيده يا فارمل نه هوندو آهي پر انفارمل ٻولي به ٿيندي آهي، سلئنگ ٻولي به ٿيندي آهي، ڌنڌن يا واپار جي ٻولي به ٿيندي آهي، مختلف رجسٽر يعني مختلف شعبن جي ٻولي يعني فلسفي جي ٻولي، تعليمي ادارن جي ٻولي، قانون جي ٻولي، پوليس جي ٻولي، وغيره ٿينديون آهن ۽ انهن جون الڳ لغتون به ٿينديون آهن تڏهن وڃي مارفولوجي جي علم جو پورائو ٿيندو. ان کانپوءِ جملن جي ساخت Syntax جو علم آهي جيڪو جملي جي جوڙجڪ لهجن مطابق لفظن جو جملي ۾ ڳانڍاپو ڏيکاريو ويندو آهي جنهن سان مجموعي ادبي متن کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي آهي جنهن ۾ هڪڙو پاسو ته پريوڳن يعني فاعل، فعل مفعول جي ڳانڍاپن جو ٻيو ته جملن ۾ موجود عنصرن جو مختلف اسڪول آف ٿاٽ تحت تشريحون هونديون جهڙوڪ اسان وٽ لفظ فعل ۽ انگريزي ۾ Verb آهي. فعل جو مطلب آهي ته عمل يا حرڪت پر جيڪڏهن جملو هيئن هجي “قلم منهنجي کيسي ۾ آهي” يا “هو منهنجو ڀاءُ آهي” ته انهي ٻنهي جملن ۾ “آهي” اچي ٿو جنهن تحت ڪوبه عمل نٿو ٿئي ته ان کي ڪهڙي صرف و نحوياتي تجزيي ۾ رکنداسي ۽ جيڪڏهن ڪنهن اصطلاح تحت رکنداسي به ته ان جي عملي معنيٰ يا تشريح ڪهڙي ٿيندي؟ ان کانپوءِ علم المعنيٰ يعني Semantics جنهن تحت اسان لفظن، محاورن، جملن، پيرگرافن ۽ سموري لکت جي معنيٰ ڪڍندا آهيون ۽ اهو انتهائي وسيع هجڻ سان تجريديت تي ٻڌل هوندو ان ۾ هڪڙي معنيٰ ته لغتي معنيٰ Denotation جڏهن ته ٻي معنيٰ اشارن ڪناين Connotations جي هوندي آهي. لسانيات جي مختلف ماهرن معنائن جا ست کان وڌيڪ قسم ٻڌايا آهن جيڪي خالص لسانيات ۾ اچن ٿا پر فلسفي تحت اڃا وڌيڪ معنائون نڪرن ٿيون. جيڪڏهن اهو علم کڻي شاهه لطيف، سچل، شيخ اياز، استاد بخاري، نياز همايوني، امداد حسيني يا سهيوڳي اديبن ۽ شاعرن تي سائنسي انداز ۾ لاڳو ڪري معنائون ڳوليون وڃن ته ڪيڏو وڏو ذخيرو هٿ ڪري سگهجي ٿو جنهن سان ذهني وسعتون ملنديون ۽ فڪري تنگ نظري مان به نڪري وينداسي. جڏهن ته لسانيات ۾ عمليات Pragmatics ۽ مظهريات Phenomenology جهڙا ڪيئي علم موجزن آهن جيڪي سنڌي ادب تي لاڳو ڪرڻ جا منتظر آهن. جڏهن ته سنڌي ٻولي ۾ مٿي ذڪر ڪيل انتهائي بنيادي جز به لاڳو نه ٿي سگهيا آهن نڪي ڪڏهن تنقيد جو حصو ٿي سگهيا آهن ته اسان ماضي کي ڏسي اهو چئي سگهون ٿا ته اسان ادبي لسانيات يا لسانياتي ادب ۾ ڪو خاطر خواهه ڪم نه ڪيو آهي مستقبل کي ماضي کان ڪٽي نٿا ڏسي سگهون، ماضي مان جيڪڏهن سبق سکي مستقبل جي لسانيات جا بنياد رکنداسي ته ٿي سگهي ٿو مستقبل ۾ لسانيات ترقي ڪري پر افسوس سان ان جي اميد گهٽ ٿي نظر اچي. ڇوته ٻولي جي ترقي اسان وٽ جيڪڏهن صرف ٽيڪنالوجي تي آڻڻ کي چيو ويندو آهي ته اهو غلط مفروضو آهي ڇوته ٻولي کي بچائڻ لاءِ ٻولي جي شاهوڪاري ڳالهائيندڙن جي وجود ۽ ادب جي ذريعي ٻولي جو ڦهلاءُ آهي جنهن سان فڪري ۽ سوچ جا ذريعا پيدا ٿيندا آهن ۽ انهن ذريعن ذريعي ماڻهو معاشي، سماجي ۽ سياسي طرح مضبوط ٿيندا آهن انهن ۾ هڪڙو اهم مثال تازو آءِ بي اي طرفان استادن جي ڀرتي ۾ سنڌي ٻولي جو پورشن لازمي قرار ڏيئي ڄڻ ته سنڌي ٻولي جي مطالعي ۽ اهميت کي نئين زندگي ڏني وئي، حڪومت جي انهي قدم جي جيتري ساراهه ڪجي گهٽ آهي. ايئن ٻولي کي عملي زندگي ۽ ادب سان سلهاڙجي ته ٻولي ادب جو اهم ذخيرو محيا ڪري ڏئي سگهي ٿي.
سنڌ ادب جي تنقيد جي آئيندي جي حوالي سان لسانيات جو جائزو ان ڪري به ضروري هو ته پوسٽ ماڊرن تنقيد جا تقريبن سمورا زاويا لسانيات رستن تان ضرور لنگهن ٿا. جتان کان تنقيدي ادب پنهنجي بحث کي اڳتي وڌائي ٿو جهڙوڪ شعر ۾ وزن و بحر، قافيا رديف، علم عروض، ماترائون، موسيقي وغيره جا سمورا لوازمات بنيادي طور ٻولي مان اخذ ڪيا ويندا آهن. ان ڪري لسانيات، ٻولي ۽ ادب تنقيد جا بنياد آهن.