هن مهل سوشل ميڊيا تي عامر لياقت حسين جي پراسرار موت بعد سندس تعريفن جو نه کٽندڙ سلسلو جاري آهي. هر ماڻهو پاڻ کي مهان ثابت ڪرڻ لاءِ هن جي ساراهه ۽ هن جي لاءِ جنت جي بلند درجات جي دعا گهري رهيو آهي. يورپ جي هڪ مفڪر بلڪل ٺيڪ لکيو آهي ته افسوس! ان معاشرن تي جن ۾ عظمت حاصل ڪرڻ تمام گهڻي آسان ٿي ويندي آهي. عامر لياقت حسين ڪيئن هو؟ هن جي باري ۾ اسان جي راءِ جي ايتري اهميت ناهي، جيتري اهميت هن جي يوٽيوب تي موجود رڪارڊ جي اهميت آهي. هن جيڪو ڪجهه به ڪيو، اهو ڪڏهن به ميسارجي نه سگهندو. پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو هڪ باصلاحيت ۽ تمام گهڻو محنتي شخص هو. هن جي موت تي افسوس ڪرڻ وارن ۾ هن جا مخالف به شامل آهن. هونءَ به هن دنيا ۾ اهڙو ڪو انسان ناهي، جنهن جا صرف حامي هجن. هر حامين واري ماڻهوءَ جا مخالف به هوندا آهن. حمايت ۽ مخالفت گڏ گڏ هلندي رهندي آهي. بهرحال منهنجي آس پاس اهڙا ماڻهو موجود آهن، جن کي عامر لياقت جي وفات تي افسوس نه پر صدمو محسوس ٿيو آهي. اسان کي انهن ماڻهن جو ڪجهه خيال رکڻ گهرجي.
اسان کي اهو به خيال رکڻ گهرجي ته هن مهل ملڪ جو اهم موضوع اها بجيٽ هجڻ گهرجي، جيڪا پاڪستان ۾ سدائين انگن اکرن جي جادوگري سمجهي وئي آهي. ڇو ته اسان جي بجيٽ هڪ اهڙي شيءَ آهي، جنهن کي عام ماڻهو ته بلڪل به سمجهي نه سگهندا آهن. جڏهن ته ان بجيٽ جو اثر سڀ کان گهڻو عام ماڻهن جي مٿان پوندو آهي. هڪ وقت اهڙو هو جڏهن بجيٽ جي سلسلي ۾ تمام گهڻا ڪوڙ ڳالهايا ويندا هئا پر هاڻي خيرن سان اسان جو ملڪ ان منزل تي پهتل آهي، جتي ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪا ضرورت محسوس نه ٿي ڪئي وڃي. مهانگائيءَ جو سمورو ملبو هڪ بم وانگر عوام جي مٿان ڪيرايو وڃي ٿو ۽ عوام کي حڪم ٿو ڏنو وڃي ته پاڻ کي بچايو.
شاهه لطيف لکيو آهي:
”مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾
اڀا ايئن چون، متان پانڌ پسائين“
جڏهن بجيٽ ٺاهڻ واري جو نشانو ماهرانا حوالي سان بلڪل به پڪو هجي ته پوءِ ڪير ان جو فائر گسائي سگهندو؟ عوام جي مٿان اڳ ۾ ئي تمام گهڻي مشڪل آهي. جيڪڏهن سرڪار ان لاءِ آساني پيدا ڪري نه ٿي سگهي ته گهٽ ۾گهٽ هن جي مشڪل ۾ اضافو ته نه آڻي. پر حڪومت حڪومت آهي ۽ حڪومت جو مطلب اهو آهي ته اها ڪهڙي به طرح عوام کي ترن وانگر گهاڻي ۾ پيڙهي ان جو تيل ڪڍي پنهنجي طبقي جو چراغ روشن ڪندي.
اسان جي ملڪ ۾ ڪڏهن به اهڙي بجيٽ پيش نه ٿي آهي، جنهن ۾ عوام جي لاءِ اڪيچار خوشخبريون هجن. اهو ئي سبب آهي ته جهڙي طرح جون ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ جون تياريون ٿينديون آهن ته ماڻهو پاڻ کي انهن بجليءَ جي جهٽڪن کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪرڻ لڳندا آهن، جن بجليءَ جي جهٽڪن جو سبب بنيادي شين ۾ مهانگائي پيدا ڪرڻ آهي. جڏهن به اهو ڪجهه ٿيندو آهي ته اسان بيوس بڻجي ويندا آهيون. اسان جهڙي ملڪ جي بجيٽ ڪهڙي هجڻ گهرجي؟ ان باري ۾ ته اسان ٽي ويءَ تي روز دعوائون ٻڌون ٿا. پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. ڪڏهن به اهڙي بجيٽ پيش نه ٿي آهي، جنهن ۾ ڪنهن حڪومت عوام جو خيال رکيو هجي. ان سلسلي ۾ اعتراض صرف شهباز شريف جي حڪومت تي ناهي پر عمران خان جي ڀيري به اسان جي عوام جو حال اهڙو هو. ان جو سبب ڪهڙو آهي؟” ان جو سبب اهو آهي ته هن ملڪ ۾ عام ماڻهوءَ جو احساس نه ٿو محسوس ڪيو وڃي. جيڪڏهن هن ملڪ ۾ عام ماڻهوءَ جو ڪو نه ڪو احساس هجي ها ته گهٽ ۾ گهٽ اهي شيون ته سستيون ڪيون وڃن ها، جن شين جي ضرورت عام ماڻهن کي هوندي آهي. جڏهن اسان عام ماڻهوءَ جو لفظ استعمال ڪريون ٿا ته اسان جي ذهن ۾ اها ڳالهه بلڪل به ڪليئر هجڻ گهرجي ته اسان عوام جي ڳالهه ڪريون ٿا ۽ جڏهن به اسان عوام جي ڳالهه ڪريون ٿا، تڏهن اسان غريبن جي ڳالهه ڪريون ٿا. ڇو ته عام ماڻهن جي تمام وڏي اڪثريت تمام گهڻي غريب آهي. ان کي ٽن ته ڇا پر ٻن ويلن جي ماني به نصيب نه آهي. اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان ۾ بيمارين جو هڪ وڏو سبب اهو آهي ته ماڻهو بک تي آهن ۽ اهي پيٽ ڀري ماني نه ٿا کائي سگهن.
ٿر ۾ معصوم ٻار ڇو ٿا مرن؟ ڇا ٿر ۾ ڪي اهڙا جراثيم آهن، جيڪي ٻارن جي مٿان حملو ڪن ٿا؟ ٿر ۾ صرف ۽ صرف هڪ وبا آهي. ان وبا جو نالو غربت آهي. ان غربت سبب عام ماڻهو يعني غريب ماڻهو پيٽ ڀري ماني نه ٿو کائي سگهي. ان جي نتيجي ۾ هو بيمارين جو شڪار ٿئي ٿو ۽ اها جسماني ڪمزوري آهي، جنهن جو سبب بک آهي، جنهن جي ڪري جسم ۾ مدافعت جي قوت باقي نه ٿي بچي. جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ امير طبقي کي فائدو پهچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي ته غريب طبقي کي گهٽ ۾ گهٽ ٻن ويلن جي ماني ملي سگهي ٿي.
اسان جي وزيراعظم ڪجهه وقت اڳ ۾ چيو هو ته اٽو سستو ڪرڻ جي لاءِ مان پنهنجي جسم جا ڪپڙا به وڪڻي ڇڏيندس. جڏهن ته اسان ان کي صرف ايترو چونداسين ته هن ڪهڙن ڪپڙن جي ڳالهه ڪئي هئي؟ هن جي تن تي ته هن مهل به تمام مهانگا ۽ ڀلا ڪپڙا پيل آهن. جڏهن ته عوام جي تن جا ڪپڙا گهٽجي ۽ ڦاٽي رهيا آهن. شايد اسان جي وزير اعظم عام غريب ماڻهن جي ڪپڙن جي ڳالهه ڪئي هئي. هن حڪومت جي سلسلي ۾ هر ڪنهن کي خبر آهي ته هيءَ حڪومت ٻيو ڪنهن جي نه پر آصف زرداريءَ جي ايجاد آهي. اهو آصف زرداري جيڪو هن مهل پيپلز پارٽيءَ جو وارث آهي. اها پيپلز پارٽي جنهن ”روٽي، ڪپڙا اور مڪان“ جي نعري تي هن پارٽيءَ ڪيترو عمل ڪيو؟ ان جي باري ۾ ته عوام وڌيڪ بهتر طرح سان ٻڌائي سگهي ٿو پر حقيقت اها آهي ته ماڻهن کي مڪان ۽ ڪپڙو ته ڇا کائڻ جي لاءِ ماني به ميسر ناهي. جڏهن ته اسان جا حڪمران هر ڏينهن پوئين ڏينهن کان وڌيڪ امير ٿي رهيا آهن. جنهن ملڪ جا امير وڌيڪ امير ٿيندا هجن ۽ جنهن ملڪ جا غريب وڌيڪ غريب ٿيندا هجن، ان ملڪ جي باري ۾ بهتريءَ جي صرف اميد ئي ڪري سگهجي ٿي. جڏهن ته هڪ ڏاهي اهو لکيو آهي ته اميد تي انسان جيئرو رهي سگهي ٿو پر خوش نه ٿو رهي سگهي. هن مهل اسان جي ماڻهن جي مک تي صرف ۽ صرف ڏک آهي. ڇو ته هو جڏهن جاڳي ٿو، تڏهن هن جي چوڌاري معاشي مسئلن جا نانگ ڪر کڻي بيهن ٿا ۽ مسلسل هن کي ڏنگ هڻن ٿا.
غريب انسان ماضيءَ جي مقابلي ۾ ماني ڳڀي جي لاءِ پريشان آهي ۽ ان صورت ۾ هو پنهنجن ٻارن کي ڪيئن پڙهائيندو ۽ پنهنجي خاندان کي خوش رکي ڪيئن سگهندو. جڏهن ته اسان کي حڪومت پاران سدائين اها تلقين ڪئي ويندي آهي ته ٻارن کي تعيلم ڏيو ۽ خوش رهو. ڪاش! اسان جي حڪمرانن کان ڪوئي پڇا ڪري ته جڏهن خوشيءَ جا سبب سرڪار پاڻ لٽي ڇڏيا آهن ته ان صورت ۾ انسان خوش ڪيئن رهن.
هن ڀيري واري بجيٽ هميشه جيان انگن اکرن جو هڪ مهاکيل هئي ۽ هن ڀيري به عوام بجيٽ تقرير کي سمجهي نه سگهيو پر پوءِ به هو مسلسل محسوس ڪندو رهيو ته ڄڻ اها بجيٽ تقرير بجليءَ جي انهن جهٽڪن جهڙي آهي، جيڪي انسان مان زندگيءَ جي روشني ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. عوام بجيٽ جي تقرير کي نه سمجهندي به ان جي تڪليف کي محسوس ڪندو رهيو. ڇا ان ڪيفيت کي ڪو معاشي ماهر سمجهي ٿو؟ شايد نه. پر جيڪڏهن هو پنهنجي اندر ۾ هڪ حساس انسان اٿاري ته هو ان تڪليف کي محسوس ضرور ڪري سگهي ٿو، جيڪا تڪليف انسان پنهنجي مٿان وڌندڙ بار سبب محسوس ڪندو آهي. هيءَ بجيٽ ان موسم ۾ پيش ڪئي وئي، جنهن موسم ۾ گهرن ۾ بجلي نه هئي ۽ ان جو سبب اهو ئي هو ته اها بجلي عوام کي شاڪ ڏيڻ لاءِ بجيٽ تقرير ۾ ڀري وئي هئي.