پاڪستان ۾ ھر حڪومت پاران ھر سال جيڪا نئين بجيٽ پيش ڪئي وڃي ٿي سا ھن ملڪ جي مسڪين ماڻهن لاءِ ڪنهن به قسم جو رليف ۽ رعايت ڏيڻ يا سندن کاڌي پيتي جون شيون سستيون ڪرڻ بدران ھميشه وانگر مھانگائي جي ٻوڏ پاڻ سان گڏ کڻي ايندي آهي. مطلب ته ھرھڪ مالي سال جي نئين بجيٽ ڪروڙين غريبن لاءِ ته گھاٽي جو ئي سؤدو ثابت ٿيندي آهي پر ڌن دولت سان مالامال امير زادن، سرمائيدارن، ڪارخانيدارن توڙي وڏن زميندارن ۽ جاگيردارن جو منافعو اڳي کان اڳرو ٿيندو رهندو آهي. ھي شاھوڪار طبقو جنهن جو دين ايمان پئسو ۽ پاور آهي، تن جي دلين ۾ رحم ڪرم، وطن واسين سان محبت ۽ سچائي وارا اعليٰ انساني آدرش ۽ وطن جي حب جھڙا گڻ اڻلڀ ھوندا آهن. اھو ئي سبب آهي ته شريف خاندان ھجي يا زرداري جو ڪٽنب، عمران خان جون ارب پتي ڀينرون ھجن يا آسٽريليا کان آمريڪا تائين جنرل پرويز مشرف جھڙا محلن، ماڙين، زمينن، پيزا ھٽن ۽ خوبصورت ٻيٽن جا مالڪ رٽائرڊ سرڪاري ملازم ھجن، ھنن سڀني ناجائز طريقن سان فائدا وٺي پاڪستان جي عوام کي جنهن بيدرديءَ سان ڦري لٽي برباد ڪيو آهي ان جو مثال پاڙيسري ملڪ ھندوستان ۾ ھرگز نه ٿو ملي. ھندوستان جي پھرئين وزير اعظم جواھر لال نھرو کان وٺي ھاڻوڪي حڪمران نريندر موديءَ مان ڪنهن ھڪڙي به گذريل پنجھتر سالن دوران برطانيا، آمريڪا يا عرب رياستن ۾ نه پئسو منتقل ڪيو ۽ نه ئي ڪابه پراپرٽي خريد ڪيائون. ڀارتي ليڊرن ۽ حڪمرانن وٽ جيڪا به ميڙي چونڊي آهي سا سندن پنھنجي ملڪ ۾ آھي. اڄ اوھان جيڪڏھن آمريڪي ڪرنسي ڊالر جي ڀيٽ ڀارتي ۽ پاڪستاني روپين سان ڪريو ته ٻنهي ۾ تمام وڏو فرق صاف صاف ڏسڻ ۾ ايندو. انڊين ڪرنسي جي سگھه ايڏي آھي جو ھنن کي ھر سال جي سالياني بجيٽ ۾ عوام تي ڳرا محصول وڌائي، سندن جيئڻ حرام ڪرڻ جي گھرج نه پوندي آهي. جڏهن ته اسان وٽ رڳو سالياني بجيٽ نه پر مھيني ڏيڍ ۾ پيٽرول، ڊيزل، بجلي ۽ گيس جا اگهه وڌائي غريبن سان بار بار جٺيون ڪرڻ ھڪڙي سرڪاري رسم بڻجي ويئي آهي.
اڄوڪي مضمون جو مٿيون مھاڳ لکڻ مان منهنجو مقصد اھو نه آهي ته ھندوستان جي سموري ڏيڍ ارب آبادي ڏکن سورن کان آجي بنھه سکي ۽ خوشحال آهي. اتي به اسي ڪروڙ انسان غربت ۽ اڻھوند جو شڪار آهن. پاڪستان جي ننڍن صوبن سان ٿيندڙ لڳاتار بيواجبين ۽ نا انصافين کان گهڻو وڌيڪ ظلم ڪشمير جي عوام سان ڀارتي سرڪار ڪندي رهي ٿي. منهنجو مقصد اهو سچ چٽو ڪرڻ آهي ته ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي نظام ۾ زمين ۽ آسمان جيترو فرق آهي. اھو فرق ھيئن بيان ڪري سگهجي ٿو ته اسان واري بي پاڙي منڊي ٽنڊي جمھوريت کان ھندستاني جمھوريت مضبوط بنيادن تي قائم ٿيل آهي.
ھاڻي اچو ته وفاقي وزير خزانه مفتاح اسماعيل پاران جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل مالي سال 2022-23 جي نئين بجيٽ جي ڇنڊڇاڻ ڪريون. ايندڙ پھرين جولائي کان شروع ٿيندڙ نئين مالي سال جي ھن بجيٽ جو ڪاٿو 9500 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. سرڪار جي ڪٿيل انھيءَ رقم منجهان ترقياتي ڪمن لاءِ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام واسطي 800 ارب رپيا ۽ دفاعي ادارن لاءِ 1586 ارب رکيا ويا آهن. وزير اعظم شھباز شريف جي حڪومت وٽ مٿي ڄاڻايل ڪل بجيٽ 9500 اربن مان اڌو اڌ پئسا يعني 4598 ارب رپيا کٽل آهن جنهن کي بجيٽ جو خسارو يا کوٽ چئبو آهي. اھا کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ پرڏيهي بينڪن ۽ عالمي ادارن کان قرض وٺڻ باوجود ھن ملڪ جي ماڻهن مٿان 7400 روپين جا نوان محصول مڙهيا ويا آهن ڇاڪاڻ ته نئين مالي سال شروع ٿيڻ شرط آئي ايم ايف نالي سامراجي اداري کي قرض ۽ وياج واري مد ۾ ذري گهٽ چار ھزار ارب رپيا ڏيڻا پوندا ته جيئن نوان قرض کڻڻ ۾ سولائي ٿئي.
انھيءَ حقيقت تي پاڻ کي حيرت نه ٿيڻ گهرجي ته گذريل سال واري بجيٽ جي ڀيٽ ۾ دفاعي ادارن جي بجيٽ ۾ ھيل 81 ارب رپين جو واڌارو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته تعليم کاتي لاءِ فقط ڇهھ ارب ۽ صحت کاتي لاءِ 12 ارب رکيا ويا آهن. پاڪستان جي پوڻا ٽيويهھ ڪروڙ آبادي آھي. جي ھنن رقمن کي في ماڻهو جي حساب سان ونڊ ڪجي ته ھرھڪ پاڪستاني جي تعليم لاءِ سڄي سال ۾ رڳو 27 روپيا ۽ سندس علاج واسطي 54 روپيا رکيا ويا آهن. ظاهر آهي ته سڄي خلق بيمارين ۾ وڪوڙيل ناھي ۽ نه ئي سمورن ماڻهن کي پڙهائيءَ جو شوق آهي. جي ھوندو به ته صوبائي حڪومتون پاڻيھي منھن ڏينديون جيڪو اڳ ۾ ئي عالم آشڪار آهي.
سڀ کان وڏي مصيبت عام ماڻهن لاءِ اھائي رھندي ته تيل جو اگھه آئي ايم ايف جي شرطن مطابق ھڪ ڌڪ ۾ وڌائڻ بدران پي ڊي ايم جي سرڪار قسطن ۾ ٿورا ٿورا ڪري وڌائيندي. اھا حڪمت عملي رڳو ماڻهن جي ڪاوڙ ۽ پٽن پاراتن کان بچڻ خاطر اختيار ڪئي ويئي آهي. پڙھندڙن کي ياد ھوندو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي عوام جي ڪاوڙ جو مکيه ڪارڻ تيل جا اگهه وڌائڻ ھوندو ھو ڇاڪاڻ ته تيل مھانگو ٿيڻ جي ڪري عام ماڻهن جي کاڌ خوراڪ کان وٺي ھرھڪ شئي جو اگهھ چوٽ چڙهيو وڃي. منهنجي ذاتي راءِ آهي ته چالاڪي سان ڀرپور ھي حڪمت عملي به وزير اعظم شھباز شريف جي حڪومت کي ماڻهن جي ڪاوڙ ۽ نفرت کان نه بچائي سگھندي.
ھونئن ته آئي ايم ايف جا سرخيل به قسطن ۾ ٽئڪس مڙهڻ بدران ھرھڪ شئي تان سبسڊي ختم ڪرڻ واري پنھنجي شرط مڃائڻ لاءِ وڏو دٻا وجھندا ڇو ته وزير خزانه مفتاح اسماعيل سان گذريل ھفتي دوحا ۾ ٿيل ڳالھه ٻولھه ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي. اسان جي ملڪ جي سمورن حاڪمن اڳ ۾ ئي پنهنجي لوڀ ۽ لالچ وارين پاليسين ذريعي بيروزگاري ۽ اڻھوند ۾ واڌارو ڪري ڪروڙين ماڻهن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. پيٽرول ۽ ڊيزل تي لڳل مختلف محصولن جو مفتاح اسماعيل رڳو نالو بدلائي پيٽروليم ليوي رکيو آهي. نالي ۾ ڇا رکيو آهي؟ اچڻ ڏيو پھرين تاريخ ۽ ٻڌو خلقت جون دانھون ۽ آهون جيڪي عمران خان جيان شھباز شريف ۽ سندس حڪومت جي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن جو به پيڇو ڪنديون رهنديون.
گذريل خميس ڏينهن ڇپيل پنهنجي ڪالم ۾ لکيو ھيم ته مھانگائي جي مصيبت ڪارڻ ڪجھه سالن کان بيشمار ماڻهن کي پنهنجي موٽر ڪار کپائي موٽرسائيڪل وٺندي ڏٺو اٿم. ھاڻي ته موٽر سائيڪل به وڪڻن پيا ۽ پراڻي زماني واري سادي سودي گوڏا گسائيندڙ سائيڪل وٺن ٿا پيا ڇاڪاڻ ته پيٽرول جي اگهن ۾ بار بار ٿيندڙ واڌ جي ڪري اوچتو سپلائي بند ٿيو وڃي. نتيجي طور پيٽرول پمپس تي گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن جون ڊگھيون قطارون ۽ پئسن کان سواءِ وقت جو زيان ماڻهن کي آپي مان ٻاهر ڪڍيو ڇڏي ۽ ھو پاڻ ۾ جھيڙو جھٽو ڪري، نيٺ پيٽرول پمپ کي ئي باھه ڏيئي ساڙيو ڇڏين.
عام رواجي سائيڪلن سان گڏوگڏ بار ڍوئيندڙ جانورن خاص ڪري گڏھن جي ڊمانڊ ۾ جيڪا واڌ ٿي آهي سا به پاڪستان جي معاشي صورتحال جو عڪس ڏيکاري ٿي. ھي ڳالهه مفتاح اسماعيل جي پنهنجي خزاني واري وزارت ۽ اڪنامڪ ڊويزن پاران بجيٽ کان ھڪ ڏينھن اڳ جاري ڪيل Economic Survey of Pakistan جي سالياني رپورٽ ۾ ظاهر ڪئي ويئي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايل آهي ته گھوڙن ۽ خچرن جي ڀيٽ ۾ ملڪ اندر گڏھن جو تعداد تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. انگن اکرن موجب گذريل سال پاڪستان ۾ گڏھن جو تعداد 56 لک ھو جيڪو ھڪ سال ۾ 57 لک ٿي ويو آهي جڏهن ته گھوڙن ۽ خچرن جو ٽن سالن کان انگ ساڳيو ئي ڇھه لک آهي. انھن ٻنھي جانورن جي نسبت ٻڪريون ۽ مينھون لکن جي تعداد ۾ وڌن ويجهن پيون.
اوھان ڏٺو ھوندو ته سڄي دنيا ۾ ٽرانسپورٽ ۽ سواريءَ واسطي لکين گاڏيون، ٽرڪون، بسون، ھوائي جھاز ۽ پاڻيءَ جا ٻيڙا ايجاد ٿيڻ کان پوءِ انساني حقن جي بچاءَ (ھيومن رائيٽس آرگنائيزيشنس) جھڙيون Cruelty Against Animals Organizations به يورپ، آمريڪا ۽ ٻين ترقي يافته سڌريل ملڪن ۾ پنجاھه سالن کان ڪم ڪن پيون ته جيئن جانورن تي بار کڻندڙ ماڻهن کي سجاڳ ڪري گگدام مخلوق تي ظلم گھٽائي سگھجي.
انهن قومن ته جانورن تي بار ڍوئڻ ۽ انھن کي چھبڪ ھڻي ھڻي ساڻو ڪرڻ تي باقاعدي بندش لڳائي ڇڏي. پر انهي جي ابتڙ پاڪستان جھڙن پوئتي پيل غريب ۽ قرضن جي ڄار ۾ ڦاٿل ملڪن ۾ سامراجي ڇاڙتن حاڪمن انهن ئي لکين ماڻهن کي پٿر واري دور ۾ واپس ڌڪي ڇڏيو آهي جن جي ووٽن صدقي ھي حڪمران واڳ ڌڻين جي پٺڀرائي سان حڪمران بڻجي ڪک پتيءَ مان لک پتي ۽ بعد ۾ ڪروڙن مان اربن جا مالڪ ٿي، پرڏيهي بينڪن ۾ پئسا لڪائين ٿا. دنيا کلي ٿي ته اربين رپين جي ٺڳين جا ضمانت تي ٻاھر نڪتل سياسي اڳواڻ پيءُ پٽ پاڪستان ۾ وزير اعظم ۽ وزير اعليٰ جي عھدن تي چڙهيا ويٺا آهن ۽ ملڪ جو پرڏيهي معاملن وارو وزير به اھڙي ئي خاندان جو حصو آهي.
پاڪستان جي عوام لاءِ ته ھنن ملزمن جي حڪومت ۽ سندن ڏنل بجيٽ مان سواءِ گھاٽو ٿيڻ جي ٻيو ڪجهه به نصيب نه ٿيندو.