ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آءِ ايم ايف کي خوش ڪندڙ حڪومت

Editorial

ان ۾ ڪو شڪ ناهي رهيو ته ملڪ جا معاشي معاملا آءِ ايم ايف جي هٿ وس آهن، تازو جيڪا بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي، ان ۾ گهڻو عمل دخل آءِ ايم ايف جو آهي. بجيٽ ته پيش ٿي وئي آهي پر مهانگائيءَ جي طوفان کي روڪڻ نه هاڻوڪي حڪومت جي وس جي ڳالهه آهي ۽ نه ئي ايندڙ حڪومت مهانگائي اڳيان ڪو بند ٻڌي سگهي ٿي. تنهنڪري معاشي پاليسي ۽ آءِ ايم ايف جي شرطن جي حوالي سان جيڪا بيان بازي ٿي رهي آهي، ان عوام جو ساهه سڪائي ڇڏيو آهي. تازو جيڪي ڳالهيون ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ڪيون آهن، سي بنهه ڳڻتي جوڳيون آهن.
اسلام آباد ۾ سڌ سماءُ واري وزير، ناڻي واري مملڪتي عائشا غوث پاشا ۽ ايف بي آر چيئرمين عاصم احمد سان گڏ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته اقتصادي ٽيم جو بجيٽ سازي ۾ ڀرپور محنت ۽ ڪردار تي سندن ٿورائتو آهيان. ناڻي واري وزير چيو ته ڇا سبب آهي ته اسان ڀارت ۽ بنگلاديش کان پوئتي رهجي ويا آهيون، ماضي ۾ اسان کان اڳتي هئاسين، ان جو سبب رڳو بدانتظامي آهي. هن چيو ته سرڪاري ملازمن جي ڪارڪردگي سبب سندن پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. پاڪستان هن وقت ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي ۽ اهو ئي سبب جو ته اسان ڏکئي وقت ۾ بجيٽ پيش ڪئي آهي. 500 ارب رپين جو سرڪلر ڊيٽ ڏنو، 1100 ارب رپين جي بجليءَ جي مد ۾ سبسڊي ڏني. مطلب 16 رپيا في يونٽ بجلي تي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، ماضي ۾ ايترو ڏکيو معاشي وقت ناهي ڏٺو جيترو اڄ ڏسي رهيو آهيان. وفاقي وزير چيو ته گئس ۾ 1400 ارب رپين جو سرڪلر ڊيبٽ ڪري ڇڏيو، 20 ڊالر جي ايل اين جي گهرائي 2 ڊالر ۾ وڪرو ڪري نقصان ڪيو. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته ڪنهن جي فيڪٽري کي بند نه ڪنداسين، جيڪڏهن اڳوڻي حڪومت ڪنهن سان سستي گئس فراهم ڪرڻ جو معاهدو ڪيو آهي ته اسان کين گئس ڏينداسين. مفتاح اسماعيل وڌيڪ چيو ته ملڪ کي انتظامي حوالي سان ٺيڪ ڪرڻو آهي، جيڪڏهن سريلنڪا جهڙيون حالتون ٿيون ته ماڻهو معاف نه ڪندا. ملڪ کي سريلنڪا جي حالتن تائين پهچڻ کان بچائڻ ۽ ٻيون ٽارگيٽ غريب عوام کي رليف ڏيڻ آهي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته مالياتي پاليسي ۾ ڪجهه سختي ايندي، اسان ملڪي وسيلن جو پنج سيڪڙو به استعمال نه پيا ڪري سگهون. واپارين لاءِ فڪسڊ ٽيڪس اسڪيم آندي آهي. پريس ڪانفرنس دوران ايف بي آر چيئرمين عاصم احمد چيو ته 25 لک واپارين کي ان اسڪيم ۾ شامل ڪنداسين. ناڻي واري مملڪتي وزير عائشا غوث پاشا چيو ته مشڪل فيصلن جو مقصد ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ آهي. ڪوشش آهي ته عوام تي گهٽ ۾ گهٽ اثر پون، پٺتي پيل طبقي جي سوشل سيفٽي نيٽ پروگرام لاءِ فنڊز وڌايا آهن. زرعي شعبي کي مراعاتون ڏنيون آهن، ان جو به بنيادي مقصد مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي ته جيئن مقامي سطح تي شيون پيدا ڪري سگهجن. ناڻي واري وزير صحافي جي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته 25 لک دڪاندارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪنداسين، دڪاندارن تي معمولي ٽيڪس لاڳو ڪري رهيا آهيون، جيڪي شيون رهجي ويون آهن، اهي بجيٽ ۾ شامل ڪنداسين، بجيٽ ۾ ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ڪجهه ننڍيون تبديليون ٿينديون. ناڻي واري وزير چيو ته لڳي نٿو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جو قيمتون گهٽ ٿينديون، پي ڊي ايل جو ٽيڪس لڳندو ته مهانگائي ۾ واڌارو ايندو. پيٽرول مهانگو ٿيندو ته پئسا قوم تي ئي خرچ ٿيندا. فوج جي بجيٽ به لکت ۾ موجود آهي، ڪا شيءَ ناهي لڪائي.
اسين سمجهون ٿا ته جيڪڏهن ايندڙ ڪجهه ڏينهن مان بجيٽ ۾ تبديليون ڪرڻيون آهن ته پوءِ هيءَ پيش ڪيل بجيٽ رڳو ڏيکاءُ هو، جنهن ۾ وري به عوام تي ٽيڪسن جو بار شامل آهي. ان کان سواءِ جڏهن پيٽرول ۽ بجليءَ جون قيمتون وڌايون وينديون ته ان سان جيڪو مهانگائي وڌندي، ڇا ان مهانگائيءَ کي عوام برداشت ڪري سگهندو. ڇا عوام جي مالي حالت ايتري بهتر آهي، جو اهو ايندڙ مهانگائيءَ کي منهن ڏئي سگهي. تنهنڪري حڪومت رڳو آءِ ايم ايف کي خوش ڪرڻ لاءِ عوام تي ٽيڪس مڙهي مهانگائي نه وڌائي بلڪه عوام تان بار لاهڻ جي ڪوشش ڪري. ڇاڪاڻ ته عوام تي مهانگائيءَ جو بار اڳ ئي عمران خان حڪومت گهڻو وجهي ڇڏيو هو. جيڪڏهن هاڻوڪي حڪومت کي به ائين ڪرڻو آهي ته حڪومت تبديليءَ سان عوام کي به ڪوبه فائدو نه ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button