وقت سان گڏ سماج جو بدلجڻ يا نواڻ اچڻ ھڪ فطري عمل آھي، ماضي ۾ پڻ سماج ۾ اٿل پٿل ايندي رھي آھي پر اھا تبديلي ھڪ ڊگهي عمل کان پوءِ رونما ٿيندي ھئي. ائين کڻي چئجي تھ انھي قسم جي تبديليءَ جي رفتار ڪا ايڏي تيز نھ ھئي جو پريشانيءَ جو سبب پيدا ٿئي. 20ھين صديءَ ۾ ٻھ عالمي جنگيون لڳيون. عالمي سطح تي انسان جي ھٿان تباھين جي تاريخ رقم ٿي، غلاميءَ جي دور جي ڀيانڪ شڪل ڏاڍ ۽ جبر جي بنياد تي ٺاھيل ڪالونيون ٽٽيون ۽ انسان کي سوچڻ تي مجبور ڪيو تھ جياپي لاءِ عالمي امن ضروري آھي. جنگين جي ڪري ٿيل نقصان جي ازالي لاءِ ترقياتي رٿائون سامھون آيون ۽ زراعت کي ترقيءَ جو محور تسليم ڪيو ويو. انھيءَ ڪري سبز انقلاب لاءِ زرعي مشينون متعارف ٿيون، گهڻن ھارين جي جاءِ تي ھڪ ٽريڪٽر، ٽرالي ۽ ٿريشر والاري. زرعي مزدورن پنھجا ڪم ڇڏي صنعتي مزدور ٿيا ۽ فيڪٽرين جي ضرورت پيش ڪئي وئي. جڏھن فيڪٽرين ۾ جديد مشيون آيون تھ ٻيھر مزدورن لاءِ گهٽ گنجائش محسوس ڪئي وئي. گھڻن مزدورن جي جاءِ تي ھڪ مشين ھلائڻ وارو ڪم ڪرڻ لڳو. انھيءَ صدي ۾ اخبارون ڇپڻ جو لاڙو وڌيو، ريڊيو ۽ بعد ۾ ٽيليويزن ڏسڻ ۽ نشريات وغيره ۾ تيزي آئي. امن کي قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ ائٽم بم ٺاھڻ ذريعي پنھنجي طاقت دنيا کي ڏيکارڻ جي سوچ پيدا ٿي ۽ انھي ڏس ۾ ڪجھه ائٽمي طاقتون وجود ۾ آيون.
ويھين صديءَ جي آخر ۾ وائرليس موبائيل 1973ع ۾ ايجاد ٿيو ۽ برطانوي سائنسدان ٽم برنرس 1989ع ۾ ويب وائيڊ ويب ايجاد ڪري معلومات جي رسائيءَ ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو. 1995 کان پوءِ ڄمندڙ ٻار جڏھن ٿورا وڏا ٿيا تھ انھن موبائيل ڏٺو. ويب تي رانديون کيڏڻ شروع ڪيون ۽ 2004ع ۾ مارڪ زڪربرگ ھارورڊ يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي ھڪٻئي سان رابطي جي لاءِ فيس بوڪ ٺاھيو تھ ٻئي ڏينھن ھزارين ماڻھن جي رجسٽر ٿيڻ سان سماجي رابطي ۾ تيزيءَ جي شروعات ٿي وئي.
21ھين صديءَ جو ھر سال ٽيڪنالاجيءَ جي حوالي سان تيز رھيو آھي، ائين کڻي چئجي تھ ھن صديءَ جو ھر ڏينھن مختلف ۽ نئون رھيو. پراڻو نسل جيڪو 60 ۽ 70ع واري ڏھاڪي ۾ پيدا ٿيو ھو، ان کي تھ معلومات جي طوفان لوڙھي ڇڏيو. وايون بتال ٿي ويون آھن، اڃان ھڪ ماڊل کي سمجھي ھٿ پڪو ٿا ڪن ته مارڪيٽ ۾ ٻيو ماڊل اچي ٿو وڃي، جنھن کي سمجهڻ لاءِ وري نئين ٽھي کان ٽيوشن وٺڻي ٿي پوي.
گذريل صديءَ ۾ عالمگيريت کي ھٿي ملي، ۽ دنيا سڪڙجي ھڪ ڳوٺ جي شڪل اختيار ڪري چڪي آھي. انھيءَ ڪري عالمي سطح تي ھر نسل ھڪٻئي تي اثر انداز ٿئي ٿو ۽ عادتن، خاصيتن توڙي سوچ ۾ ھڪجھڙايون نظر اچن ٿيون. مختلف پيڙھين ۽ نسلن جي ھڪجھڙين خوبين، خامين جي اعتبار کان گذريل صديءَ ۾ ٻھ دور رھيا. ھڪ نسل 1965 کان 1980ع ۾ ڄائو هو، جنھن کي جنريشن ايڪس جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو ۽ 1981 کان 1996ع واري دور ۾ ڄمندڙ ماڻھن کي جنريشن واءِ طور ياد ڪيو وڃي ٿو. واءِ جنريشن وارا ھاڻي 40 سالن کان وڏا ٿي چڪا آھن ۽ 1996 کان 2012ع واري عرصي دوران ڄمندڙن کي جنريشن زيڊ طور سڃاتو وڃي ٿو. ھي جنريشن ھن وقت بلوغت واري دور ۾ داخل ٿي چڪي آھي، جنهن کي اسرندڙ نسل يا نئين ٽھي سڏي سگهجي ٿو.
پراڻي دور ۾ نئين نسل جي تربيت خاندان، ڪٽنب ۽ مجموعي طور سماج ذريعي ٿيندي ھئي، جڏھن تھ ھاڻي خاندان ۽ سماج کان وڌيڪ ٽيڪنالاجي تعليم ۽ تربيت ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. انساني دماغ کي جيڪڏھن معلومات جي سمنڊ سان ڳنڍبو تھ يقينن ڪو تھ ڀنڀٽ ٻرندو، ڪا تھ خاص قسم جي تبديلي رونما ٿيندي. انھي تبديليءَ کي پرکڻ ۽ نئين ٽھيءَ جي طاقت کي صحيح استعمال ڪرڻ لاءِ دنيا جي مختلف ڏاھن تحقيق ڪئي آھي ۽ ڪجھه حقيقتون سامھون آنديون آھن، جن تي وڌيڪ بحث جي ضرورت آھي.
- نئين ٽھي جنھن 20 سال اڳ ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ اکيون کوليون ھيون، اھي ھاڻي ڪجھه عرصي ۾ مختلف ڪمپنين ۾ نوڪريون ڪندي. انھي ٽھيءَ جو ڪم ڪرڻ جو انداز، سوچڻ، شين کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جو انداز پوئين نسل کان مختلف ھوندو. انھي نسل کي سمجهڻ کان سواءِ ڪمپنين کي نوڪريون ڏيڻ، ڪم وٺڻ ۽ انھن کي ڊگهي عرصي لاءِ خدمتون جاري رکڻ ڏکيو ھوندو.
- نئين ٽھي ھڪ مخصوص گروھي يا نسلي تعلق کان پاڪ ھوندي، ھنن وٽ ترجيح فقط پنھنجي ذات ھوندي. ڳالھه کي گهمائي ڦيرائي ڪرڻ ڪونھ ڄاڻيندا، سڌي ڳالھه ڪندا ۽ سندن دارومدار سماجي رابطاڪاري يعني نيٽ ورڪنگ تي گهڻو ھوندو. انھي ٽھي وٽ پنھنجو ڪم پاڻ ڪرڻ وارو لاڙو ھوندو ۽ ٻين تي ڀاڙڻ وارو عمل گهٽ ھوندو.
- غير رسمي عمل ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺندا ۽ پنھنجي ڌنڌي سان ايماندار، ڪم سان سچا، سھپ جو مادو گھٽ پر پنھنجي ڪم جي حوالي سان بلڪل حقيقت پسند ھوندا ۽ ايتري ذميواري کڻندا جيترو ھو وقت ڪڍي سگهندا. پئسو انھن جي ترجيح نھ ھوندو، پنھنجي شخصي آزاديءَ تي ڪو بھ سمجهوتو نھ ڪندا.
- نئين ٽھي پنھنجي مستقبل جي حوالي سان ڪافي پراميد ھوندي، بي صبرائي ۽ جلد بازي وارو عنصر ھوندو، اها ٽهي حاضر جواب ھجڻ سان گڏ ڪم کي اڪلائڻ ۾ ڪافي تيز ھوندي. ٽيڪنالاجيءَ تي تمام گهڻو ڀاڙيندڙ ھوندي، گهڻو سوچڻ تي وقت نھ وڃائيندي، ڪم وٺڻ جي حوالي سان پڻ پنھنجي ٽيم جي ماڻھن سان ڪا رعايت نھ ڪندي.
- پنھنجو پاڻ تي اعتماد گهڻو ڪندا، خود غرضي وارو عنصر ھوندو ۽ مادي پرستي گهڻي ھوندي.
- نئين ٽھي پنھنجي ماحوليات بابت فڪرمند ھوندي، قدرتي وسيلن کي بچائڻ ترجيح ۾ شامل ھوندي.
- نئين ٽھي چاھيندي تھ انھن کي ٻڌو وڃي، نظراندازي ھن ٽھيءَ لاءِ تمام وڏي گار ھوندي. ھو چاھيندا تھ ھنن کان ڪا بھ ڳالهھ لڪائي نھ وڃي، ھنن کي پنھجي ڳالھه رکڻ جو حق ھجي ۽ انھن جي پڇيل ڳالهھ جو وقت سر جواب ملي.
- جمھوري عمل ۾ گھٽ حصو وٺندا ۽ فيصلاسازيءَ جي مھارتن ۾ تمام ڪمزور ھوندا.
- ھنن جي ترجيح ھوندي تھ روبرو ڳالھه ٿئي ۽ انھن جي ڳالهھ کي سنجيده ورتو وڃي. پيش ڪيل خيالن جو قدر ڪيو وڃي.
- ايماندار اڳواڻ سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا ۽ انھن جي توقع ھوندي تھ ڪم ڪرڻ جو ماحول سازشن کان پاڪ ھجي، سکڻ لاءِ گهڻو ڪجھه ھجي ۽ ھر ڳالھه صاف ۽ شفاف طريقي سان حل ٿئي.
نئين ٽھي عالمگيريت جي تصور جي پيداوار آھي، پراڻي ٽھي چاھي يا نھ چاھي نئون نسل پنھنجي دڳ ڏانهن تيزيءَ سان وڃي رھيو آھي. انھي تبديليءَ کي ڪو بھ روڪي نٿو سگهي. ھي ٽھي تمام گھڻي ذھين ۽ قابل آھي. اھي قومون ھن ٽھي مان فائدو وٺي سگهن ٿيون، جيڪي ھن ٽھيءَ کي سمجھندي پنھنجن پراڻين حڪمت عملين کي تبديل ڪري، نواڻ کي پنھنجي ترقيءَ جو گس ٺاھينديون. قومون نئين ٽھيءَ جي توانائيءَ جو ڀرپور استعمال ڪندي ٽيڪنالاجي جي مدد سان پنھنجن ادارن جي نئين سر جوڙجڪ ڪنديون.